بلاگنئون

وطن ۽ عشق

ڌرتيءَ جو عشق نه صرف جسماني آهي، پر روحاني به آهي. ڌرتيءَ جو عشق سڀني محبتن ۽ روشنين جو بنياد آهي. ڌرتيءَ سان عشق زندگيءَ جي بقا آهي. اها بنا ڪنهن مخالفت جي، پنهنجون حدون ٽپي محبت ورهائيندي رهي ٿي. اهو هستيءَ جي واڌاري سان سلهاڙيل آهي. ڌرتي پاڻ ئي عبادت آهي، پاڻ ئي ڪتاب آهي، پاڻ ئي فلسفو آهي. ڌرتيءَ جو عشق پاڻ ۾ فنا ٿيڻ جو درس ڏئي ٿو. ان عشق جو مثال”natura naturans” آهي، يعني فطرت پاڻ ئي خدا آهي يا خدا فطرت جي صورت ۾ پاڻ کي ظاهر ڪري ٿو. ڪاميو جنهن ايبسرڊٽي جي ڳالھه ڪري ٿو ڌرتيءَ جو عشق ان “بي معنيٰ” هستيءَ جي خلاف احتجاج آهي. ڌرتي عورت نه آهي، پر عورت جو تصور ڌرتيءَ مان نڪتل آهي انهيءَ معنى ۾ ڌرتيءَ جو عشق هڪ cosmic womb آهيMarxism  ۾، ڌرتيءَ جو عشق انسان جي سماجي ۽ معاشي حالتن سان جڙيل آهي. ڌرتي سڄي ڪائنات جو عڪس آهي. ڌرتي اسان کي چوي ٿي “مان آهيان، تنهنڪري تون آهي.” ڌرتيءَ جو عشق ڪنهن هڪ صنف يا طبقي جو مسئلو ناهي، بلڪه اهو هڪ “نئين انسانيت” جو تصور آهي جنهن کي ڊونا هاروي”Cyborg Manifesto” چيو آهي، جيڪو پنهنجي سر زمين سان سچو آهي، سو پنهنجي وجود سان به سچو آهي.

هي عشق نرگسيت(narcissism)  نه آهي، پر انفراديت کي اجتماعي شعور ۾ گڏي ڇڏڻ جو عمل آهي. اهو عشق هڪ اهڙي وجودي(existential) حالت آهي، جتي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ کي فقط جيئڻ لاءِ نه، پر ڪنهن اعليٰ مقصد لاءِ وقف ڪري ٿو. وطن سان عشق خوديselfhood  جو اهو مثال آهي جيڪو پاڻ ۾ ئي سموري تاريخ، ثقافت، جدوجهد ۽ اميدن کي جذب ڪري ٿو. اهو عشق انساني خواهشن جو اظهار نه، پر وجود جي وحدت(Unity of Being)  جي ڳولها بڻجي وڃي ٿو. اسان جي ڌرتي اسان جي وجود جي پهرين شاهدي آهي، جتي هو پنهنجي وجود کي سمجهي ٿو. اهو عشق فطري ان جي چونڊ وجودي شعور آهي. اهو عشق انفراديت مان ڪڍي اجتماعي مقصدن سان ڳنڍي ٿو. انهيءَ لحاظ کان ڌرتيءَ سان عشق صرف قومي يا ثقافتي جذبي جو اظهار نه آهي، اهو ڪائناتي وابستگيءَ جو شعور آهي. ان عشق ۾ اخلاقي وجودMoral Existence  جا نقطا به شامل آهن جتي فرد ذميواري، وقار، سچائي، آزاد خيالي، احترام، اظهار جي آزادي ۽ حفاظت جو تصور شامل آهي. ان ۾ سموري حياتين، ماحول ۽ ڪائنات سان هم آهنگيءَ جو تصور شامل آهي.

اسان کي پنهنجي سنڌ وطن سان اها ئي محبت آهي جنهن جو تصور ايسپينوزا وٽ هو ته محبت اها آهي جيڪا فرد جي انا کي ختم ڪري اجتماعيت سان جوڙي، اتي انسان فطرت، ماحول، ٻين انسانن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ به اخلاقي ذميواريون قبول ڪري سوچي ٿو. اهو عشق انساني سڃاڻپ، اخلاقي ذميواري، آزادي، فنا ۽ ڪائناتي هم آهنگيءَ سان جوڙي ٿو. ڌرتيءَ سان عشق اصل ۾ آزاديءَ جو نئون ترانو آهي، ڌرتيءَ سان عشق اصل ۾ انسان جي پنهنجي وجود سان عشق ڪرڻ آهي ۽ وجود سان عشق، ڪائنات سان عشق آهي. مارڪس چوي ٿو طبقاتي ڍانچي کي ٽوڙيو اجتماعي مقصدن تحت زندگي گذارجي ان حساب سان ڏسجي ڌرتيءَ سان سچو عشق فقط تڏهن ممڪن آهي، جڏهن اها ڌرتي سڀني لاءِ انصاف، عزت ۽ محبت جو ماڳ هجي، نه رڳو طاقتور طبقي لاءِ جنت ۽ ڪمزور لاءِ جهنم. فرائيڊ جي سائيڪو اينالائسس ۾ آهي ته انسان لاشعوري طور “محفوظ هنڌ” جي تلاش ڪندو رهي ٿو ۽ ڏسجي ته فرد لاءِ اها ڌرتي آهي. ڌرتيءَ سان عشق اصل ۾ جمالياتي وجد آهي. ڌرتيءَ سان عشق اصل ۾ خدا سان عشق ڪرڻ آهي.

ڌرتيءَ سان عشق هڪ اهڙو فلسفياڻو تجربو آهي، جتي خاموشي خود زنده معنيٰ بڻجي وڃي ٿي. وطن انساني وجود جي اُن ئي معنوي پسمنظر ۾ رچيل آهي، جتي آزادي، ثقافت، ٻولي ۽ تاريخ گڏجي هڪ وجودي صداقت جو روپ وٺن ٿا. وطن سان عشق هڪ مسلسل شعوري جدوجهد آهي. اهو عشق صدين جي ظلم خلاف مزاحمت جي علامت بڻجي ٿو. سامراجي جبر ڪيترو به مضبوط هجي، پر ان جي فطرت عارضي آهي، جتي عشق جو بنياد خوديءَ تي آهي، اتي جبر جو بنياد خوف تي آهي. وطن سان محبت هڪ شعور جو نالو آهي، جيڪو سامراجي جبر جي هر شڪل جي ابتڙ بيهندو آهي. سامراج جي ڪوشش آهي اجتماعيت کي ختم ڪري انفراديت کي پکيڙي فرد کي فطري هم آهنگيءَ کان ڪٽي ان کي بي گهر مسافر بڻائڻ آهي، جيڪو پنهنجي سڃاڻپ جي ڳولا ۾ هميشه بي چين رهي، ويڳاڻپ هن تي حاوي هجي، زندگي کي بي معنيٰ سمجهڻ لڳي. وطن سان محبت حقيقت ۾ وجودي آزاديءَ(existential freedom)  جو اظهار آهي. وقت جي وهڪرن ۾ انساني خواهشن، ڏکن، فتحن ۽ ناڪامين جو مجموعو آهي. وطن انساني وجود جو اوج آهي ۽ سامراجي جبر ان اوج جي فنا جي ڪوشش.

***