ادب سازي جو شارٽ ڪورس! شوڪت لوهار December 2021
جڏهن ادب احترام تمام سٺي ڳالهه آهي. ادب احترام کانسواءِ ماڻهو حيوان مثل آهي. مثل ڇا؟ اصل حيوان ٿيو پوي. هر قسم جو جانور ٿي پوي ٿو. جيڪڏهن ادب ناهي ته پوءِ زوال ئي زوال آهي ۽ زوال تباهي آهي.
ادب سازي ۾ اسين تمام گهڻا خود ڪفيل آهيون، جيئن اسين فاقاڪشي ۽ خودڪشي ۾ خود ڪفيل آهيون، اسين ادب سازي ۽ فنون لطيفه ۾ پڻ خود ڪفيل آهيون. اسان مان هرهِڪ ماڻهو لطافت جو فن ڄاڻي ٿو، بلڪل اسان وٽ فن پيدا ٿيو آهي. اسين فن جي ماءُ آهيون، اسين فن جا والد آهيون. هر شيءِ اسان وٽان ڦٽي نڪتي آهي. اسين لوسڻ جو فصل آهيون، اسين سرنهن ڦلار آهيون، اسين بڙ جي گهاٽي ڇانوَ آهيون ۽ اسين چانهه ٺاهڻ لاءِ هاڻ بڙ جو کير ڪتب آڻيندا آهيون. بڙ جي کير سان ٺهيل چانهه جو سواد ۽ مزو ڪنهن به پتي کان گهٽ ناهي. اوهان ۽ منهنجي ڀت تي لڳل انهيءَ ايل سي ڊي تي هلندڙ ڪيبل واري چانهه جي اشتهار کان ڪافي ذائقي واري چانهه آهي. هونئن به اسين تعويذ واري چانهه پيئون به ڪونه. ڇو ته جيڪڏهن تعويذ واري چانهه پيئون ته اسين زال جا غلام ٿي وڃون. ٻين لوڪن وٽ ادب جو ڪارج ڪهڙو به هجي، ان سان منهنجو ڇا وڃي؟ پرڏيهه جي ادب سان منهنجو ڪجهه نه وڃي، منهنجو ادب عظيم آهي. منهنجي ادب ۾ هر شيءِ عظيم آهي. اسان وٽ نوان خيال آهن، اسان وٽ نوان خواب آهن.
فيس بڪ جي ڪري جيترو مان مقبول آهيان، ايترو شايد ئي ڪو ٿي سگهي. انهيءَ ڪري سڀ کان پهرين اول شرط يعني ادب ۾ داخلا جو عين شرط اِهو آهي ته اوهان هينئر جو هينئر ڪنهن ٽانگي تي سوار ٿي طيب ڪامپليڪس مان ڪو ليپ ٽاپ، ڪو ٽيبليٽ وٺو ۽ انهيءَ جي سکيا وٺو، ان تي پنهنجو اڪائونٽ ٺاهيو، پنهنجي ڀت تي پنهنجي اسٽيٽس تي ڪو نظم، ڪو نثري ٽڪرو رکو، پر شرط اِهو آهي ته اِهو ڪنهن کي سمجهه ۾ نه اچي، پوءِ اوهان ڏسو ته اوهان کي ڪيتريون لائيڪس ملن ٿيون، واهه واهه جا نه ختم ٿيندڙ ڪمينٽس ملن ٿا. فيس بڪ کي هميشه هلندو رهڻ ڏيو. ڪڏهن به بند نه ڪيو، انهيءَ جي بند ٿيڻ سان اوهان جي ادبي قد ڪاٺ تي فرق پئجي سگهي ٿو. اوهان کي جيڪڏهن پنهنجو ادبي ذوق شوق، قد ڪاٺ وڌائڻو آهي ته اوهان ادب سازي جي ليبارٽري مان تربيت ڪيو، ڪو شارٽ ڪورس ڪيو. مثال طور: ڪهاڻي لکڻ جو شارٽ ڪورس، نظم لکڻ تي هڪ ڏينهون ڪورس مڪمل، ناول لکڻ تي ٽن مهينن جو ڊپلومه وغيره اهي سڀ سندون اوهان پاڻ وٽ سنڀالي رکو ۽ جڏهن به ضرورت پوي تڏهن ڪڍي ڏيکاريو ۽ انهن جو نماءُ ڪرڻ جي جاءِ ادبي ويهڪون آهن. ڪنهن ادبي پروگرام ۾ ڪنهن عظيم اديب جي هِڪ سئو صفحن جي ناول جي مهورتي تقريب ۾ اوهان وٽ اهي سندون هونديون ته اهي وقت سر ڪم اچي سگهنديون.
اوهان ادبي قد ڪاٺ وڌائڻ لاءِ ادب متعلق ڪي دوائون به پي سگهو ٿا، ڪي ٽانڪ به واپرائي سگهو ٿا ۽ بازار جي غير ادبي دوائن کان بچو، صرف ۽ صرف ادب سازي وارن معجونن ۽ اصلي، نج ۽ صفا سچن ادبي نسخن سان تيار ٿيل ادبي ٽڪيون، ادبي ڦڪيون، ادبي ڪئپسول کائڻ سان اوهان ۾ ڏات جا اُهي اُهي سلا ڦٽندا جنهن جي هڳاءُ ۽ هٻڪار سان اوهان سارو جهان واسي سگهو ٿا.
ادبي قد ڪاٺ وڌائڻ لاءِ اوهان ڪنهن ادبي ويهڪ ۾ ضرور وڃو ۽ اُتي توهان ڏسو ته ادبي پروگرام ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت ٿين ٿا. مثال طور: اوهان ٻڌندا ته جيڪو ماڻهو مائيڪ تي بيٺو هوندو اِهو چوندو ته ”مان هن پروگرام جي شروعات لطيف سائين جي هن شعر سان ڪريان ٿو ته…. هاڻي مان لطيف سائين جو هي بيت پڙهي هن محفل جي مور پکي جهڙي ماڻهو کي سڏيان ٿو. لطيف جو هي بيت پڙهي هاڻي هِڪ وڏي پيٽ واري مٺن پيشابن جي بيماري لڳل ڪرپٽ ازدها بلا جهڙي ڪاموري کي سڏايان ٿو، جنهن سنڌ جي ادب، علم، عقل، فصل، زمين پاڻي هوا سڀ ڪجهه کي کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ هِڪ کٽي اوڳرائي به ڏني اٿس.
ڪامورو چوندو ته لطيف سائين عظيم شاعر هو، موهن جي دڙي جي مٽي جي سڳنڌ سان اسان جي رَت مهڪي ٿي پئي. حالانڪه ان جي رت ۾ سواءِ ڪرپشن ۽ سنڌ کي ڪنگال ڪرڻ، سنڌين سان نفرت ڪرڻ ۽ سنڌي ٻولي کي گهٽ وڌ چوڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڊوڙي نه رهيو آهي. اهي سڀ ڳالهيون توهان وڏي واڪي ٻڌيون هونديون ۽ ٻڌي رهيا هوندئو. لطيف سائين صرف ڪنهن کي ڊائيس تي سڏڻ ۽ لاهڻ لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي. پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ لطيف سائين سان ڪو واسطو نه آهي. پروگرام پورو ٿيڻ کانپوءِ موهن جو دڙو مٽي جي ڍير کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. پروگرام ختم ٿيڻ تي سَمبارا الائي ڪنهن جنڙي ۾ تبديل ٿي ويندي. هي آهي اصل ادب سازي. اوهان ٻيو گهڻو ڪجهه سکيو هوندو، دوا سازي، رنگ سازي، پر ادب سازي ضرور سکو، تڏهن ئي اوهان ادب جو اصل مزو ۽ رس چس ماڻي سگهو ٿا. انهيءَ کان علاوه اوهان جيڪڏهن ادب جي ميدان ۾ سچن ٽنڊولڪر جهڙا رڪارڊ قائم ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اسان جو ادب فرنيچر سان ڀرپور آهي. ان ۾ کوڙ ڪرسيون آهن، ٽيبلون آهن، کوڙ ڪٻٽ آهن، در آهن، دريون آهن ۽ اهي سڀ ساز سامان ڪنهن نه ڪنهن وڏي اديب يا سياسي ماڻهو جي نالي سان منسوب آهن، پر اهي ڪرسيون ۽ ٽيبلون انهن اديبن جي نالن سان بلڪل به منسوب ناهن، جن قصيدا گوئي نه ڪئي آهي، جن قصيدا نه لکيا آهن، هي سڀئي ڪرسيون ۽ ڪٻٽ انهن ادبي ۽ سياسي ماڻهن جي نالن سان منسوب آهن، جن قصيدا گوئي ۾ سڀني کان گوءِ کنئي آهي، جيڪي درٻاري ادب ۾ نوبل انعام يافته آهن، هي سڄو فرنيچر جيڪو هالا مان آيو آهي، جيڪو کاڻوٺ مان گهرايو ويو آهي. اصل ڪاٺ آهي، نج آهي، سڀ ادبي ڪرسيون نج ٽالهي، ساڳ ۽ صندل جي ڪاٺ جون ٺهيل آهن. انهن ۾ ڪٿي به غير معياري ڪاٺ استعمال نه ڪيو ويو آهي.
جيڪڏهن اوهان ادب سازي جا سڀئي گر سکي ورتا آهن ته پوءِ اوهان به ’ادبي ڪرسي‘ ادبي ٽيبل، ادبي منجي، ادبي صندلي جي حقدارن جي قطار ۾ بيهي سگهو ٿا. هِڪ نه هِڪ ڏينهن اوهان جو وارو ضرور ايندو ۽ اوهان ادبي ڪرسي يا ٽيبل يا ڪو ادبي تختو ماڻي وٺندئو، پوءِ اوهان جو ادبي قد ڪاٺ وڌي ويندو ۽ اوهان اديب سان گڏ ادبي نقاد بڻجي ويندئو ۽ اوهان سنڌي ادب جي ڪنهن به صنف تي تنقيد ڪرڻ جو حق ماڻي وٺندئو. ادبي تنقيد پڻ ادب جو حِصو آهي ۽ وڏي مٿاڪٽ جو علم آهي. اصل ۾ سنڌي ادب ۾ تنقيد نگار آهن ئي ڪو نه، جيئن سوئيٽزرلينڊ ۾ فوج نه آهي، جيئن افغانستان ۾ ريل نه آهي، ايئن ئي سنڌي ادب ۾ تنقيد نگارن جو فقدان آهي. تنقيد نگاري جو زوال آهي. صَفا اڻاٺ آهي. اصل ادب ايئن سڪي خشڪ ٿي ويو آهي جيئن سنڌ جي پڇڙي واريون زمينون پاڻي لاءِ سُڪي خشڪ ٿي ويون آهن، جيڪي ماضي ۾ تنقيد نگاري ڪري وَيا انهن خبر ناهي ڇا ڪيو. اهي اصل ۾ ادب سازي جي سندَ کان محروم هئا. انهن کي ڪهڙي خبر ته ادبي تنقيد ڇا ٿيندي آهي؟ اوهان پنهنجي محنتن سان ادبي تنقيد نگار ٿي اُڀري سگهو ٿا، ايئن جيئن گهڻو ڪڙهڻ جي ڪري چانهه اُٻري پوندي آهي. ڇاڪاڻ ته اوهان وٽ ادب جي شارٽ ڪورس جا سرٽيفڪيٽ آهن، اوهان وٽ ادبي ڪرسي، ڪرسي جو اڌ يا ان جون ٽنگون آهن. اوهان تنقيد نگار ٿي ويا. هاڻي اوهان لسٽ ٺاهيو جيڪي اوهان جا مريد آهن، جيڪي اوهان جي ادبي قد ڪاٺ کي تسليم ڪن ٿا ۽ اوهان جي ادبي خدمتن کان انڪار نٿا ڪن، اوهان انهن جي لکڻي جي جيڪا تعريف ڪندا اِها ادبي تنقيد هوندي، جيڪي اوهان کي نٿا وڻن، اوهان انهن جي لکڻين مان وائرس ۽ بيڪٽريا ڪڍندا ۽ انهن اديبن جي لکڻين تي سخت رُڪ جهڙي ۽ ڇتي تنقيد ڪندا، بلڪه گگر بڻجي چنبڙي پوندا. اِها آهي ادبي تنقيد. سنڌي ادب ۾ تنقيد ڪرڻ لاءِ اوهان کي ڪنهن به ادبي تنقيدي نظريي کي پڙهڻ جي ضرورت نه آهي. اوهان کي صرف پاڪستان جي ٻه قومي نظريي پڙهڻ جي ضرورت آهي. اوهان ادبي تنقيد مان واقف ٿي ويندا. ادب سازي ۾ نالو پيدا ڪري اوهان سنڌي ادب جا سڪيلڌا اديب بڻجي سگهو ٿا ۽ اِهو ادبي رتبو ۽ مقام ماڻڻ ڪا معمولي ڳالهه ٿورو ئي آهي.
shoukatali.lohar@gmail.com
***

