ايڊيٽوريل

26هين ترميم پارليامان جو بااختياري طرف قدم

            پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ يارنهن سالن جي اندر پاڪستان ۾ پهرين مارشلا لڳائي جمهوريت کي پٽڙيءَ تان لاٿو ويو. پوءِ ملڪ هڪ آمر جي ٺهيل آئين تحت هليو، جنهن جو نقصان اهو ٿيو ته ملڪ جا ٻه ٽڪر ٿي ويا. جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي 1972ع ۾ هڪ عبوري آئين ۽ 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي هڪ متفقه آئين ڏنو، پر ان جي باوجود ملڪ ۾ سياستدان طاقت حاصل نه ڪري سگهيا ۽ نه ئي آئين کي اها توقير ملي سگهي جيڪا ملڻ گهرجي. دنيا ۾ هر سفر ارتقا جي دور مان گذري اڳتي وڌي پنهنجي منزل تي پهچڻ لاءِ روان دوان آهي. پاڪستان جي آئين کي مضبوط ۽ بااختيار ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ موجوده 26 هين ترميم سينيٽ مان 20 آڪٽوبر 2024 ۽ قومي اسيمبليءَ مان 21 آڪٽوبر 2024 تي پاس ٿي پنهنجي ارتقا جي دور ۾ هڪ قدم اڳتي وڌي آهي.

            تاريخ گواهه رهندي ته سياستدانن کي جيڪڏهن اختيار ملي ها ته شايد هي ملڪ ترقي يافته ٿي چڪو هجي ها، پر جيئن ته اسان جي عدليه اسان جي اسٽيبلشمينٽ سان هميشه گڏ بيٺل رهي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي غلط فيصلن کي آئين جو سهارو ڏئي ملڪ تي راڄ ڪرڻ جو حق ڏيندي رهي ۽ سياستدان هميشه عتاب ۾ ايندا رهيا ۽ بدنام پڻ ٿيندا رهيا. 2008ع کانپوءِ وارو ارتقا جو سفر ڪجهه بهتر رهيو جو ملڪ ۾ مارشلا جو نفاذ نه ٿيو آهي ۽ سياسي نظام کي هلڻ ڏنو ويو آهي. ان سياسي نظام جي تسلسل جي نتيجي ۾ اسان کي سياستدانن جي اندر پختگي نظر اچي رهي آهي، جنهن جو نتيجو اهو آهي جو انهن ماضيءَ جي غلطين کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ بهتر قانون سازي ڪري ملڪ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ 26 هين آئيني ترميم منظور ٿي آهي، جنهن ۾ سڀ کان اهم شق اها شامل آهي ته آئين جي تشريح لاءِ آئيني بينچ ڌار ٺاهيو ويندو، جنهن ۾ سڀني صوبن کي برابر نمائندگي حاصل هوندي ۽ سپريم ڪورٽ ٻين ڪيسن کي وقت سر ٻڌندي. ان کان علاوه ججن جي تقرري جي طريقيڪار ۾ به تبديلي آڻي پارليامينٽ کي سپريم حيثيت ڏني وئي آهي، جنهن ۾ پارليامينٽ ججن جي تقرري سان گڏ انهن جو احتساب ڪرڻ جو حق پڻ حاصل ڪري ورتو آهي، جيڪو انصاف جي نظام جي لاءِ تمام اهم آهي. ڇو ته اسان جي عدليه جي تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته ججن هميشه آمرن جو ساٿ ڏئي مظلومن کي تخته دار تائين پهچايو آهي. جمهوريت جو مطلب عوامي حڪومت آهي، ڇو ته عوام پنهنجي مرضيءَ جا نمائندا چونڊي ايوانن ۾ موڪلي ٿو ته جيئن اهي عوام دوست قانون سازي ڪري کين فلاح ۽ بهبود ڏئي سگهن، پر ساڳئي وقت پي ٽي آءِ جهڙين نالي ماتر جمهوري جماعتن هميشه عوامي نمائندن جي طاقت کان انڪار ڪيو آهي ۽ اها صرف اسٽيبلشمينٽ تي انحصار ڪري حڪومت حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن جو ثبوت اهو آهي ته اها پارٽي 26 هين آئيني ترميم جي عمل کان مڪمل طور تي ٻاهر رهي، سياست برمهل فيصلن ڪرڻ جو نالو آهي. اهو اسان کي مولانا فضل الرحمان جي روپ ۾ نظر آيو جنهن وٽ صرف قومي اسيمبلي جون 8 سيٽون هيون، پر ترميم جو مرڪز رهيو ۽ پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۾ 90 سيٽون رکڻ جي باوجود غير اهم نظر آئي. پيپلز پارٽي پنهنجو جمهوري ڪردار نڀايو جيئن اپريل 2010ع ۾ ارڙهين آئيني ترميم متفقه طور منظور ڪرائي هئي، جيڪا جمهوريت جي طاقت جي لاءِ هڪ سنگ ميل آهي. هن ترميم پارليامان کي مضبوط ڪيو آهي ۽ آئين تي سياسي طاقتن جو ڀروسو وڌايو آهي. هاڻي 26 هين ترميم آئين جي طاقت کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪندي ۽ اميد آهي ته ان سان عدليه ۾ جيڪي سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پوري سماج ۾ سياسي، سماجي ۽ معاشي تبديليون رونما ٿينديون، ڇو ته انصاف ڪنهن به سماج جو بنيادي ڍانچو هوندو آهي.

            ان سڄي ترميم ۾ نوجوان سياستدان بلاول ڀٽو تمام گهڻو متحرڪ نظر آيو، هي ٻيو موقعو هو جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ڪاميابي سان پنهنجو مقصد حاصل ڪري ورتو. پهريون جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت جي خاتمي جي لاءِ تحريڪ عدم اعتماد آندو هو ۽ هن سياسي جماعتن کي متحرڪ ڪري سياست جي ميدان ۾ هڪ نئين هلچل پيدا ڪئي هئي ۽ هن وقت پڻ سڀني سياسي پارٽين سان گڏجي ترميم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جنهن جو ثبوت اهو آهي ته اڄ پاڪستان جون سياسي جماعتون سواءِ پي ٽي آءِ جي متحد نظر اچي رهيون آهن ۽ متفقه آئيني ترميم نئين مستقبل جي نويد کڻي آئي آهي. هاڻي پاڪستان جو عوام پارليامان مان اميد ڪري ٿو ته کيس مليل اختيار جو فائدو ملڪ جي عوام کي پوندو. چونڊيل نمائندا صرف ذاتي مفاد جي لاءِ نه پر ملڪ جي عوام جي مفاد لاءِ ڪم ڪندا رهندا.