خاصنئون

 سنڌ سيف سٽي اٿارٽي پلان منظور

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ سيف سٽي اٿارٽي پلان جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سيف سٽي اٿارٽي جو قيام ان لاءِ ضروري آهي ته جيئن سنڌ جي شهرن ۾ سيف سٽيءَ جا مختلف پروجيڪٽ لڳائي سگهجن. واضح رهي ته سيف سٽي جي پروجيڪٽ تحت صرف ڪراچي اندر هزارين ڪئمرائون لڳايون ويون آهن جنهن کي آءِ جي آفيس اندر ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول هيڊڪوارٽر ذريعي مانيٽر ڪيو وڃي ٿو. جنهن کان علاوه هاڻي شهر اندر هڪ فورينزڪ ليب به قائم ڪئي ويندي. جنهن ۾ ڏوهن جي جديد سائنسي بنيادن تي جاچ ڪئي ويندي.