فوج پاڻ کي سياست کان پري رکيو، مدو پورو ٿيڻ بعد عهدو ڇڏي ڏيندس: آرمي چيف
آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آھي ته پاڪ فوج پاڻ کي سياست کان پري ڪري چڪي آهي ۽ پري ئي رهڻ گهري ٿي. واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ ھو ته ملازمت وارو مدو پورو ٿيڻ بعد پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيندس. ان موقعي غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج پاڻ کي سياست کان پري ڪري چڪي آهي ۽ اڳتي به پاڻ کي سياست کان پري رکندي. قمر جاويد باجوا چيو ته ملڪ جي بيمار معيشت کي بحال ڪرڻ معاشري جي ھر حصيدار جي ترجيح ھجڻ گھرجي، مضبوط معيشت کانسواءِ قوم پنھنجو ٽارگيٽ حاصل نٿي ڪري سگھي ۽ مضبوط معيشت کانسواءِ سفارتڪاري نٿي ٿي سگھي. ٻئي پاسي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، آمريڪي بچاءُ واري وزير لائيڊ جيمز آسٽن سان ملاقات ڪئي، آرمي چيف قومي سلامتي جي مشير ۽ نائب پرڏيهي وزير سان به ملاقاتون ڪيون. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب ملاقاتن ۾گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ سڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون.

