بلاگخاصنئون

وزيراعليٰ سنڌ کي ماڻهن جي مسئلن جي ڄاڻ آهي

حيدرآباد جي دوري دوران وزيراعليٰ سنڌ پنهنجي صوبي لاءِ تمام گهڻيون حوصلا افزا ڳالهيون ڪيون، جن جي آجيان ڪجي ٿي، انهيءَ اميد سان گڏ ته انهن ڳالهين تي جلد کان جلد عمل ٿيندو. جيڪي ڪم سنڌ سرڪار کي ڪرڻا آهن، انهن ۾ دير نه ٿيندي ۽ جيڪي ڪم وفاقي سرڪار کي سنڌ صوبي جي لاءِ ڪرڻا آهن، انهن جي لاءِ سنڌ سرڪار وفاقي سرڪار تي زور ڏيئي پنهنجا جائز مسئلا حل ڪرائيندي. وزيراعليٰ سنڌ پنهنجي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ۾ سنڌ جي سڀني مسئلن جي نشاندهي ڪئي ۽ انهن جي حل جي لاءِ پڻ پنهنجون ڪيل ڪوششون عوام آڏو رکيون. سندس اها ڳالهه ته سرڪار سڀني تعليم يافته نوجوان شاگردن کي سرڪاري نوڪريون ڏيئي نٿي سگهي. بلڪل صحيح آهي، انهيءَ جو حل ڪاروباري موقعا وڌ کان وڌ پيدا ڪرڻ جي ڳالهه به ڪئي وئي آهي. هاڻي ڪاروباري موقعا پيدا ڪرڻ ۾ دير ٿيڻ نه کپي. ٿيندو ايئن آهي ته بيوروڪريسي ڪنهن به بهتر منصوبي کي فائلن اندر اڇلائي ڇڏيندي آهي ۽ اهي منصوبا عملي جامو پائي نه سگهندا آهن، هاڻي ايئن ٿيڻ نه گهرجي. هن اها به اهم ڳالهه ڪئي ته سنڌ سرڪار ڌاڙيلن جي اڳيان بيوس نه آهي. چوڻ جي حد تائين ته ڳالهه ڀلي آهي، پر عملي طور تي نظر ايئن ٿو اچي ته سنڌ سرڪار پنهنجي بيوسي ظاهر ڪري رهي آهي، ان ڪري ئي خانگي ماڻهن کي پوليس جي مدد لاءِ ڪچي ۾ لاٿو ويو آهي. 

سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه جيڪا وڏي وزير ڳالهائيندي چئي ته پنجاب صوبي کي چولستان منصوبي لاءِ سنڌ جي پاڻي کڻڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏينداسين.  اها دعويٰ نه هجڻ گهرجي، پر ان تي سنڌ سرڪار ارسا جي اڳيان پنهنجو پاڻيءَ جو ڪيس ڀرپور نموني رکي ۽ جيڪڏهن ارسا 91ع جي ٺاهه تحت صوبن جي وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ نٿي ڪري ته پوءِ سنڌ سرڪار کي اهو ڪيس سي سي آءِ (گڏيل مفادن واري ڪميٽي) ۾ کڻي وڃڻ گهرجي جيڪا ڳالهه پڻ سي ايم سنڌ چئي آهي. سنڌ جي عوام کي اها پڻ خوشخبري ٻڌائي وئي آهي ته پيپلز پارٽي اليڪشن دوران پنهنجي منشور ۾ جيڪو واعدو ڪيو هو ته حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ غريب ماڻهو کي 300 يونٽ تائين بجلي مفت ڏينداسين ان تي پڻ ڪم هلي رهيو آهي. اميد ڪريون ٿا ته هن بجيٽ ۾ ان لاءِ پڻ رقم رکي ويندي، ائين نه ٿئي جو وري اهو واعدو ايندڙ اليڪشن ۾ ٻڌون. ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ جو عوام اهو ٻڌڻ چاهي ٿو ته سنڌ سرڪار سنڌ جي عوام کي 300 يونٽ بجلي مفت مهيا ڪري ڇڏي آهي. استادن جي ڀرتيءَ جي حوالي سان سندس ڳالهه وزنائتي آهي ته پيپلز پارٽِي 60 هزار استاد ڀرتي ڪيا آهن. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اها ڀرتي گهڻي قدر ميرٽ تي ٿي آهي ۽ 60 هزار جو انگ به چڱو خاصو آهي ان سان يقينن سنڌ جي تعليم ۾ بهتري ايندي. هاڻي ان جي چڪاس ۽ نگراني ڪرڻ سنڌ سرڪار جو ڪم آهي. هتي عوام جو مطالبو اهو آهي ته سنڌ ۾ مستقبل اندر ڏيندڙ نوڪريون پڻ ميرٽ تي هجڻ گهرجن. صاف پاڻي سنڌ جو هڪ وڏو مسئلو آهي. صاف پاڻي نه هجڻ جي ڪري سنڌ جو عوام گدلو پاڻي استعمال ڪرڻ تي مجبور آهي، جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي بيماريون جن ۾ ڪاري ڪامڻ، جهڙي زندگيءَ جي لاءِ هاڃيڪار بيماري پڻ شامل آهي، ان کان علاوه ڪيتريون ئي پيٽ جون بيماريون خراب پاڻي استعمال ڪرڻ سبب ٿين ٿيون. 

سي ايم سنڌ جو واعدو آهي ته سنڌ جي هر گهر تائين پيئڻ جو صاف پاڻي پهچائبو، ان ۾ بلڪل به دير ٿيڻ نه گهرجي. پهرين کان موجود واٽر فلٽر پلانٽ جيڪي ناڪاره ٿي چڪا آهن انهن کي هڪدم قابل عمل بنائي ماڻهن جي لاءِ سهولت پيدا ڪرڻ گهرجي. هن ٿر جي ڪوئلي جي ايڪسپورٽ جو ذڪر پڻ ڪيو. جنهن جي ايڪسپورٽ جي لاءِ ريلوي لائين وڇائي وڃي پئي، پر سنڌ جو اهو ڪارو سون هن وقت تائين ڀڳڙن مُٺ تي وڪرو ڪيو ويو آهي. هاڻي ان جو مارڪيٽ مطابق جائز اگهه تي وڪرو ڪيو وڃي، جنهن جو فائدو سنڌ سرڪار ۽ سنڌ صوبي جي عوام کي پوندو. اهي تمام بهتر ڳالهيون آهن. سنڌ صوبي جي مسئلن جو گهڻي حد تائين حل انهن ۾ موجود آهي. شرط اهو آهي ته اهي جلد کان جلد عمل ۾ آنديون وڃن. اميد ڪريون ٿا ته اهي ڳالهيون صرف ڳالهيون نه رهنديون، پر منصوبن جي شڪل ۾ سنڌ صوبي جي عوام آڏو آنديون وينديون.