بلاگنئون

سنڌي ادب جو مخلص جرڪندڙ ستارو مختيار ملڪ

اَدبي کيترِ ۾ ڪُجهه اھڙا اديبَ ٿيندا آھنِ، جيڪي پَنھنجي وڏنِ ھمعصر بَرک ليکڪنِ جي جَوڙيل مثبتُ دَڳنِ کي لوڀَ، لالچَ ۽ ادبي ساڙَ سببُ غلط قرارُ ڏيندي، تحريرن ۽ اَدبي ويھڪنِ ۾ پنھنجو ادبي قد وڌائڻَ جي بيجا ڪوششِ ڪَندا آھن. ٻيا اُھي اديبَ جِيڪي پَنھنجي وڏن ھمعصر بَرک لِکارينِ جي جَوڙَيلَ دڳَ تي ھَلي، ادبَ، قومَ ۽ ٻوليءَ جي خدمتَ ڪَندا آھن. اِھڙي ئي سَٻاجهي سَڀاءُ وارنِ انساننِ منجهان مختيار ملڪ پڻ ھِڪ آھي، جنھن سِنڌي اَدبَ جي مُختلف زاوينِ کان بي لوث خدمتَ ڪَئي آھي ۽ اڄ به پاڻ نِڀايو پيو اچي.

مختيار ملڪ جو جَنمُ (سنڌ جي زرخيز خطي خيرپور) پڙھيل لکيلَ گهراڻي  شفيع محمد ملڪ جي گهر ۾ 21 ڊسمبر 1959ع تي ٿيو. ان دور ۾ سندن گهراڻو عورتن جي تعليم يافته ھجڻ ڪري ٻين کان شعوري حوالي کان مٿانھون پڻ آھي. پاڻ شروعاتي تعليم پنھنجي اَباڻي شھر مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ “ايم. اي” سنڌي ادب ۽ “ايم. اي” صحافتَ ۾ ڪيائون. سنڌي ادب ۾ سندس سڃاڻپ نرالو شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر طور مشھور آھي. پاڻ زندگيءَ جون ڪيتريون ئي بھارون ريڊيو پاڪستان مختلف سينٽرن تي ڪنٽرولر جي حيثيت ۾ گذاريائون، ريڊيي جي دور جي ساروڻين ۽ ادبي ويھڪن کي ڪتابي صورت ۾ آڻين ته ھوند سنڌي ادبَ جي گُلدانَ ۾ ھڪ سُرھي گل جو اضافو ٿيندو.

مختيار ملڪ پنھنجي ٽھي جي شاعرن جيان ادبي کيتر ۾ “ٻاراڻي اَدبَ سان شروعاتِ ڪئي، ھن جا ٻاراڻا گيت پَنھنجي جوھر ۾ فطري ھم آھنگي سبب ايترا ته پختا آھن، ڄڻ ٻارن جي نفسياتي وصف پيا ڀانئجن.

مختيار ملڪ جي ڇپيل ڪتابن ۾ “ٽم ٽم ٽانڊاڻا (ٻاراڻو ادب)” ھن ڪتاب جو مفصل مھاڳ سنڌ جي ڏاھي محمد ابراھيم جويي صاحب جو لکيل آھي. ھن ٻاراڻي شاعريءَ جي ڪتابَ کي ٻارن جي عالمي سال (1979ع) تي سنڌي اديبن جي سھڪاري سنگت، حيدرآباد پاران شايع ڪيو. سنڌ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ٻاراڻي ادب تي لکندڙ وڏن نالن ۾ مختيار ملڪ جو نالو وڏي اھميت جو حامل آھي.” اماس ۾ به سوجهرو” (شاعري) ھي مجموعو پريت پبلشرز خيرپور طرفان 2002ع ۾ شايع ٿيو. ھن ڪتابَ جو مھاڳ سنڌ جي ورڊس ورٿ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو لکيل آھي. ان کان علاوہ سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا مختلف رسالن ۽ تحقيقي جرنلن ۾ شايع ٿيندا رھيا آھن.

ھي اھو منفرد شاعر آھي، جيڪو پنھنجي ھمعصر شاعرن کان پنھنجي اسلوبَ، تشبيھن، نونِ اصطلاحن، نونِ خيالن ۽ نون احساسن کي پيش ڪرڻ ۾ منفرد نظر اچي ٿو. ھن جي شاعريءَ ۾ رواني، زندگيءَ سان ھر حال ۾ پيار ۽ اتساھ جا اھڃاڻ ملن ٿا. رومانوي شاعريءَ جو سَگهارو ھئڻ شاعرَ جي پَنھنجي نجُ نبار محسوس ڪيل احساسن ۽ جَذبنِ تي آڌاريل ھوندو آھي. ڇو ته اھڙنِ ذاتي احساسن ۽ جذبن ۾ اظھارڻ جو انداز منفرد دڳ وٺندو آھي، جيڪو اڳتي ھلي شاعر جي خاص سڃاڻپ يا اسلوب بڻجي ويندو آھي. مختيار ملڪ جي شاعريءَ مان ذاتي اسلوبَ ۽ انداز جو مثال ڏجي ٿو:

توکي بنگلا کپن

مون کي سادو ڇپر

ڏک وسرن جتي

سو ئي سڏبو آ گهر.

سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي محبوب جي نفسياتِ کي چٽو ڪيو ويو آھي، مثال:

ڪرڀ منجهان ٿي ڪالھ ڏٺو جنھن،

پلئه به آھي آلو اُن جو.

سنڌ ڌرتيءَ جو محبوب ڀل بظاھر سخت ھئڻ جي باوجود ان جي دل نرم آھي. سنڌ جي اھڙن لاڙنِ ۽ فطرت کي بھترين رنگ ۾ چٽيو اٿس. سندس ٻيو ھڪ بيت آھي ته:

لفظن ۾ ئي زھر ملائي،

ڳالھين ۾ کارايو ھوندئي.

مختيار ملڪ کي لسانيات جي حوالي کان ٻولي ۽ ان جي محاورن تي چڱو ملقو حاصل آھي. مٿي ڏنل بيت ۾ لفظن ۾ زھر ملائي ڳالھين ۾ کارائڻ وارو محاورو نئون نڪور آھي ۽ شاعريءَ ۾ وڏي مھارت سان ڪتب آندو اٿس. مٿي بيان ڪيل مختصر جائزي کان علاوہ وطن دوستي، انقلابي، ترقي پسندي ۽ ٻيا ڪيترائي نوان ۽ مشھور عنوان سندس شاعريءَ ۾ زينت بڻيل آھن.

پاڻ مختلف وقتن ۾ ادبي ذميواريون وڏي خوش اسلوبيءَ سان نڀائيندا رھيا، جن ۾ سنڌي ادبي سنگت جنرل سيڪريٽري پڻ رھيو. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري، حيدرآباد جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آھي. ان کان علاوہ آرٽس ڪائونسل خيرپور جو صدر پڻ آھي. آرٽ ڪائونسل جي ذميواري سنڀالڻ سان خيرپور شھر ۾ ادبي رونقن ۾ اضافو ٿيو آھي. پاڻ منظر عام تي اچڻ کان وڌيڪ نون ليکڪن، اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کي اتساھ ڏيندي سنڌي ادب جي ميدان ۾ واقفيت ڪرائيندا رھن ٿا، جيڪا سندس وڏ ماڻھپي جي نشاني آھي.

***