وڏي وزير پاران ڪراچي جو واٽر اينڊ سيوريج پروگرام شروع
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ڪراچي جي واٽر اينڊ سيوريج امپرومينٽ پروگرام کي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته ورلڊ بينڪ اينڊ ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بينڪ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپرومينٽ پروگرام (KWSSIP) کي اسپانسر ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو مقصد آهي ته اسان ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي گنجائش ۾ اضافو ڪريون، جيئن ڪراچي جي شهرين کي صاف پاڻي پائيدار بنيادن تي ملي سگهي. ياد رهي ته هن منصوبي ۾ ورلڊ بينڪ جو 40 سيڪڙو ۽ باقي 20 سيڪڙو حصو سنڌ حڪومت جو هوندو.

