آمريڪي ماهر اقتصاديات جيمز ڪي گيلبريٿ 2008ع ۾ پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ شڪاري رياست جو تصور ڏنو آهي. سندس چوڻ مطابق آمريڪا هڪ شڪار ڪندڙ رياست بڻجي رهي آهي. شڪاري رياست هڪڙو تصور آهي، جنهن ۾ حڪومتي پاليسيون اهڙي انداز سان ٺاهيون وينديون آهن جنهن ۾ قانون سازي صرف هڪ خاص طاقتور طبقي کي فائدو پهچائيندي آهي ۽ عوام کان ان جا حق آهستي آهستي ڦري گهٽ ڪيا ويندا آهن. هن وقت پاڪستان به لڳي ٿو ته هڪ شڪاري رياست بڻيل آهي، جنهن جي ڪري پوري پاڪستان ۾ عوام هر سطح تي جنهن جو تعلق ڪنهن به اشرافيه سان ناهي، اهي روڊن ۽ رستن تي احتجاج ڪندي بيروزگاري کي منهن ڏيندي پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ وڙهندي ۽ آواز بلند ڪندي نظر اچن ٿا. جڏهن رياستن جو قيام ٿيو ته عوام پنهنجا حق رياست کي ڏيندي ان کان اهو واعدو ورتو هو ته رياست سندس جان، مال ۽ عزت جي حفاظت ڪندي، پر لڳي ٿو ته رياست کان اهو واعدو وسري ويو آهي ۽ هن وقت رياست ۾ ويٺل اشرافيه ملڪ کي جنهن طريقي سان هلائي رهي آهي، ان جو فائدو صرف هڪ مخصوص طبقي کي جيڪو طاقتور آهي يا طاقتور طبقي جي ويجهو آهي يا ڪنهن نه ڪنهن طريقي ان سان لاڳاپيل آهي ۽ انهن پاليسين جو فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن وقت جنهن رياست ۾ اسان بيٺا آهيون اها پنهنجو دفاع ڪيئن ڪري سگهندي. عوام کي صفاڪي جو نشان بڻايو پيو وڃي. عوام بيچيني جو شڪار آهي، ڇو ته عوام جو اسپيس گهٽايو پيو وڃي ۽ ايئن ٿو لڳي ته جمهوريت جو قد ۽ ڪاٺ ڏينهون ڏينهن ننڍو ڪري ان کي بلڪل چيڀاٽي نپوڙيو پيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تمام گهڻي نازڪ آهي ان وقت ۾ رياست پنهنجي ناراض ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي بجاءِ تمام گهڻو سخت رويو استعمال ڪري رهي آهي، جنهن جو نقصان يقينن پاڪستان جي هر اسٽيڪ هولڊر کي ٿي رهيو آهي.
هن وقت ملڪ ۾ ايئن ٿو لڳي ته اڻ اعلانيل مارشل لا نافذ ٿيل هجي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهڙي صورتحال جي باوجود به امن امان جي صورتحال ڪنٽرول کان ٻاهر آهي. عوام جي احتجاجن کي ڪير به خاطر ۾ نه پيو آڻي. ملڪ ۾ حڪمران جماعت صوبن جي ڳڻتين کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ اتي غير آئيني ۽ غير سياسي رويي سان حالتن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن وقت بلوچستان ۾ صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. اتان جو عام نوجوان جيڪو پڙهيل لکيل ۽ باشعور آهي ان به حڪومت جي خلاف اٿي بيهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اها سوچ تمام تيزيءَ سان پنهنجو پاڙون پڪيون ڪري رهي آهي ته هي ملڪ صرف پنجاب جي لاءِ ٺهيو آهي ۽ پنجاب جي مفادن کي نظر ۾ رکندي پاليسيون ٺاهيون وڃن ٿيون ۽ ٻين صوبن جي عوام جو استحصال ٿي رهيو آهي، ڇو ته هن وقت آئين کي بلڪل نظر انداز ڪري غير آئيني طريقن سان ملڪ کي هلايو پيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو هن وقت پاڪستان ۾ چين جا هلندڙ پراجيڪٽ ون بليٽ ون روڊ ۽ گوادر پورٽ مسلسل خطري هيٺ آهن ۽ جنهن مقصد لاءِ انهن کي ٺاهيو ويو هو اهي مقصد اڃان تائين حاصل نه ٿي سگهيا آهن. پاڪستان جي معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اهو پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان جن سان ان جا ناتا خراب آهن انهن کي بهتر بڻائي انهن سان دوستاڻه لاڳاپا پيدا ڪري ته جيئن پاڙيسري ملڪن سان معاشي سرگرميون ڪري ملڪ ۾ ترقيءَ جي عمل کي تيز ڪري سگهجي. ائين ڪرڻ سان نه صرف پاڪستان جي معاشي حالت ۾ بهتري ايندي بلڪه اسان جون سرحدون به محفوظ ٿي وينديون. هن وقت خبر نٿي پوي ته پاڪستان ڪهڙي حڪمت عملي تحت اڳتي وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان مڪمل طور تي نه چين جي بلاڪ ۾ نظر اچي ٿو ۽ نه ئي آمريڪا جي بلاڪ ۾. ائين لڳي رهيو آهي ته ڪا وڏي راند هلي رهي آهي، پر راند جا ڪي به اصول ڪنهن کي به نظر نٿا اچن، اهڙي غير يقيني واري صورتحال هن ملڪ جي نوجوانن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي، جن بيروزگاري کان تنگ ٿي دشمن جي هٿ ۾ کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو مثال بلوچستان ۾ بي ايل اي ۾ نوجوانن جي وڌ کان وڌ شموليت آهي، جنهن ۾ نه صرف باغي نوجوان، پر پڙهيل لکيل مختلف يونيورسٽين مان فارغ ٿيل ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به شامل ٿي رهيا آهن. رياست ڪيترو سخت ٿي سگهي ٿي، ان جو تعين صرف ۽ صرف ان جي آئين ۾ طئي ٿيل اصول ئي ٻڌائي سگهن ٿا، پر هن وقت رياست پاڪستان پنهنجي قانوني ۽ آئيني حدن کي اورانگهيندي طاقت جو استعمال وڌائيندي پئي وڃي جنهن سان ڪمزور طبقو وڌيڪ پيڙهجي رهيو آهي، جيڪو هن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي چاهي ٿو، جن جي ابن ڏاڏن جي قربانين سان هي وطن وجود ۾ آيو. هن وقت اهي سڀ نوجوان جيڪي هن ملڪ جي لاءِ خوشحاليءَ جا خواهشمند آهن انهن کان انهن جا بنيادي حق ڦريا پيا وڃن ۽ انهن کي غير محفوط بڻايو پيو وڃي.
اهڙي صورتحال ۾ جڏهن رياست وڌيڪ طاقت جو استعمال ڪري عوام کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته رياست طاقتور ٿيڻ جي بجاءِ وڌيڪ ڪمزور ٿيندي نظر اچي ٿي، جنهن جو ادراڪ رياست کي چڱيءَ طرح آهي. پاڪستان کي هن وقت هڪ بااصول رياست ٿيڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته اٺهتر سالن کان وٺي هن ملڪ ۾ اصولن جي پيروي ڪرڻ بجاءِ طاقت جو غير ضروري استعمال ٿي رهيو آهي ۽ ٻن صوبن ۾ رهندڙ عوام جن جو تعلق بلوچستان ۽ سنڌ سان آهي انهن کي ائين لڳي ٿو ته اهي وفاق جو حصو نه بلڪه فتح ٿيل صوبا هجن. ڪيستائين ملڪ کي هن طريقي سان هلايو ويندو؟ يقينن هن طريقي سان ملڪ کي وڌيڪ عرصي تائين نٿو هلائي سگهجي. جتي ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي نه ملندو هجي، جتي صوبائي وسيلا عوام جي مفاد جي لاءِ استعمال نه ٿيندا هجن ته هڪ ڏينهن اتان جو عوام پنهنجي حقن جي لاءِ اٿي بيهي رهندو ۽ رياست سان ٽڪراءُ ۾ اچي رياست کي نقصان ضرور پهچائيندو.