لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف کي آچر ڏينهن مينار پاڪستان وٽ جلسو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو
لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف کي آچر ڏينهن مينار پاڪستان وٽ جلسو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، حڪومت ۽ تحريڪ انصاف کي گڏجي ويهي مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جسٽس طارق سليم رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ آچر واري ريلي ۽ جلسو نه ٿي روڪي ته مان حڪمنامو جاري ڪندس. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته توهان کي اندازو نه آهي ته گذريل ڪجهه مهينن دوران هن قوم جي ڪيتري بي عزتي ٿي آهي. آءِ جي پنجاب پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران پوليس تي حملي جي تياريءَ جون تصويرون عدالت ۾ پيش ڪيون. جسٽس طارق سليم شيخ آءِ جي پنجاب ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي گڏجي ويهي معاملا ڪليئر ڪرڻ جي هدايت ڪئي، عدالت چيو ته عمران خان جي سيڪيورٽي جو مسئلو ۽ قلم 144 جو معاملو ويهي حل ڪيو.

