دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته جنهن به لکڻي، اظهار يا خيال تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اھو دٻجڻ بجاءِ سماج ۾ وڌيڪ پکڙجي ويو! بند ٿيڻ جي بجاءِ ان ۾ وڌيڪ واڌارو ٿي ويو، ڇو ته انساني سماج جي نفسيات ئي اهڙي آهي، جيڪا شيءَ لڪائجي يا روڪجي ٿي. ان ۾ ماڻهن جو تجسس وڌي وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي جو ڪيترائي ڪتاب، نظريا، تقريرون، فلمون يا ڪالم، جن کي غير اهم يا خطرناڪ قرار ڏئي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اهي ئي بعد ۾ عالمي سطح تي مقبول ٿي ويا.
مان انهن مان ھتي صرف چند حوالا پيش ڪرڻ چاھيان ٿو:
مشهور بدنام ليکڪ سلمان رشدي The satanic verses جي نالي سان ھڪ ڪتاب لکيو جنهن کي سندس مواد جي بنياد تي پاڪستان ۾ پابندي لڳائي وئي. پابندي کان اڳ اھو ڪتاب ھڪ عام ڪتاب طور مارڪيٽ ۾ گردش ڪندو رھيو، پر جڏھن اھو ڪتاب اسلامي ملڪن ۾ پابندي ھيٺ آيو ۽ ماڻهو ان خلاف مظاھرا ڪرڻ لڳا ته ان بعد ان ڪتاب جي فروخت آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي! جارج آرويل جا ڪتاب 1984 ۽ Animal Farm پھريون صرف عام سادا ناول ھئا، پر سرد جنگ دوران ڪيترن ملڪن ۾ جڏھن انھن تي پابندي لڳي ته پوءِ اهي ڪتاب آمريت، نگراني ۽ اظهار جي آزاديءَ جو عالمي استعارو بڻجي ويا. ساڳي طرح ڊي ايڇ لارنس جي ناول“Lady Chatterley’s Lover” کي جڏھن فحاشي جي الزام تحت بين ڪيو ويو. ان بعد اھو ناول بيسٽ سيلر ٿي وڪاميو! ايڊولف ھٽلر جو ڪتاب “Mein Kampf” کي نسل پرستي، ناٽسي نظريا ۽ يهودين خلاف نفرت کي هٿي ڏيڻ سبب پوري دنيا ۾ بين ڪيو ويو، پر ان باوجود به اھو ڪتاب لکن جي تعداد ۾ فروخت ٿيندو رھيو!
اهي صرف چند مثال پيش ڪيا ويا آھن، پر دنيا ۾ اھڙا سوين مثال موجود آھن جيڪي ثابت ڪن ٿا ته دنيا ۾ جڏھن به ڪنهن خيال، سوچ، نظريي يا ڪتاب تي پابندي ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اھو وڌيڪ اڀري ماڻهن اڳيان ظاھر ٿيو. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته لفظن کي پابند ڪرڻ ممڪن ناهي. انهن تي روڪ لڳائڻ، دٻائڻ ۽ لڪائڻ صرف انهن جي گونج وڌائيندو آهي. ادب جو سڀ کان وڏو ڪم سماجي شعور کي جاڳائڻ آهي. ليکڪ جڏهن قلم کڻي ٿو ته هو صرف لفظن کي قطارون نٿو ڏئي، بلڪه زماني جي ناسور بڻجي ويل فرسوده نظام ريتن ۽ رسمن جي نشاندهي ڪري ٿو. تازو وائرل ٿيل زورين نظاماڻي جو انگريزي ڪالم“It Is Over” انهيءَ بيحسيءَ خلاف هڪ خاموش احتجاج هو، جنهن اسان جي سماج کي ڪجهه وقت لاءِ زلزلي جيان لوڏي ڇڏيو. هن ڪالم، جنهن ۾ بومرز ۽ جنريشن زي جي نظرياتي اختلاف جي ڳالهه ڪئي وئي اھو هڪ اهڙو موضوع آھي، جيڪو اڄ جي نوجوان نسل جي سڃاڻپ جو حصو آهي. ليکڪ جو مقصد ڪنهن مخصوص شخصيت نه بلڪه مدي خارج روين، فرسوده سياست ۽ ان تي قابض ھڪ مخصوص گروهه ۽ هٿ سان ٺاهيل اخلاقي معيارن تي تنقيد ڪرڻ هو، پر افسوس ته ھن سماج جا ڪرتا ڌرتا جيڪي صرف اها ڳالهه ڏسڻ ۽ ٻڌڻ چاھين ٿا جيڪا انهن جي سوچ سان مشابهت رکندڙ به هجي، ان ڪالم کي برداشت نه ڪري سگهيا ۽ ان کي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي!
ڪالم ۾ خاص طور تي بومرز (Boomers) ۽ جين زي (Generation Z) جي نظرياتي اختلاف جي نشاندهي ڪئي وئي آهي! بومرز اُنھن ماڻھن کي چيو وڃي ٿو جيڪي ٻي عالمي جنگ کانپوءِ يعني 1946 کان 1964 تائين پيدا ٿيا، يعني اڄڪلهه اُهي ماڻهو جيڪي 65 سال کان به مٿي جي عمر جا ٿي چڪا آهن. جنريشن زي وري اُهو نسل آهي جيڪو ويهين صديءَ جي پڄاڻيءَ کانپوءِ پيدا ٿيو. تقريبن 1998 کان 2012 تائين. ڪالم ۾ زور ڏنو ويو آھي ته مھرباني ڪري بومرز ھاڻي ملڪي نظام ۾ مداخلت ڪرڻ کان پاسو ڪن. ڇو ته انهن جو وقت گذري ويو انهن جي سوچ جو موجوده نظام سان ٺھڪڻ ناممڪن آھي. انهيءَ ڪري انهن جا ليڪچر نظريا تجربا ۽ خيال جين زي کي متاثر نٿا ڪري سگهن، ڇو ته اھي انهن کان تنگ آھن! اصل ۾ زورين نظاماڻي پنهنجي ڪالم ۾ جنريشن زي جي ڪاوڙ ۽ مايوسي جو اظهار ڪيو جنهن جو مين ٽارگيٽ بومرز هئا. ان ۾ سوشل ميڊيا جي سينسرشپ وغيره جو به ذڪر ڪيو ويو ۽ اهو به چيو ويو ته بومرز جي اهڙين حرڪتن سبب جنريشن زي انهن کان ناراض ۽ تنگ ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو ملڪ ڇڏي وڃڻ تي مجبور آهن، پر اھي اھڙيون ڳالهيون نه ھيون جيڪي ان کان پھريان ڪنهن ڪالم نگار نه ڪيون ھجن، پر ڪالم جي مشهوري ۽ وائرل ٿيڻ جو اصل سبب ان جو ويب سائيٽ تان هٽائڻ هو.
ڪالم جيئن ئي “Express Tribune” جي ويب سائيٽ تان هٽايو ويو، سوشل ميڊيا تي هڪ طوفان برپا ٿي ويو. ماڻهن ان تي راءِ ڏني، تنقيد ڪئي، دفاع ڪيو ۽ واڌايون به ڏنيون. ڇو ته متحرڪ راءِ، تنقيدي خيال ۽ زنده بحث ئي ادب جو اصل حسن آھن. هن ڪالم جي وائرل ٿيڻ جو سڀ کان وڏو سبب به لفظن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش هئي. ڇاڪاڻ ته جڏهن به ڪنهن اظهار کي دٻايو ويندو آهي، اهو وڌيڪ طاقت سان واپس اڀري ايندو آهي. بهرحال اسان جو سماج اڄ به انهن روايتن سان بند آهي، جتي نئون سوال، نئون خيال، نئين ڳالهه هڪ خطرو سمجهي ويندي آهي. زورين نظاماڻي جو ڪالم اهڙن بند خيالن لاءِ هڪ ڌڪ هو. هن ڪالم ۾ سماجي پھلو، جنريشن گيپ ۽ اظهار جي آزادي جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. ڇاڪاڻ ته اھي موضوع اڄ جي دنيا ۾ وڏي اهميت رکن ٿا، پر افسوس اسان جو سماج انهن موضوعن تي بحث ڪرڻ بدران صرف جذباتي رد عمل ڏيکاري ٿو. ڪالم جي ليکڪ جي نيت کي بگاڙڻ، سياسي رنگ ڏيڻ يا ان کي ڪا سازش سمجهڻ، اصل مسئلي کان ڀڄڻ آهي. اهو ڪالم ڪنهن خاص پارٽي، ادارن يا عقيدي خلاف نه هو؛ اهو فقط انسان جي اندر جي آزاديءَ بابت هو جيڪا کيس فطري طور ملي آهي. ڇو ته ادب هميشه سوال پيدا ڪري ٿو ۽ زورين نظاماڻي جو ڪالم به هڪ سوال هو، جيڪو اسان جي سوچ، اخلاقيات ۽ قبوليت جي سرحدن تي اچي ڪڙڪيو، ان کي مٽائڻ، وائرل ٿيڻ ۽ پوءِ هلچل، ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جي سماج جا ڪيترائي عنصر اظهار جي آزاديءَ لاءِ اڃان به تيار نه آهن.
اداڪاره فضيلا قاضي ۽ قيصر خان جي پٽ زورين نظاماڻي جو اھو انگريزي ڪالم سوشل ميڊيا تي ايترو ته مشهور ٿي ويو جو نوجوان ليکڪ ۽ سندس والدين لاءِ به پريشاني جو سبب بڻجي ويو ۽ اھي ويچارا وضاحتون ڏيڻ لڳا ته ان ڪالم جو سياسي استعمال نه ڪيو وڃي. زورين نظاماڻي کي سوشل ميڊيا تي اچي ھڪ وڊيو بيان ڏيڻو پيو، جنهن ۾ ھن چيو ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ اھو ڪالم ان جو ھرگز ناھي، بلڪه اصل ڪالم ڪو ٻيو ھو جيڪو ويب سائيٽ تان ھٽايو ويو! بهرحال آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته “It Is Over” ڪالم جو لکندڙ ڀلي ڪير به ھجي ۽ اھي ڳالهيون ڀلي اڳ ۾ به ڪيون ويون ھجن، پر اھا ھڪ اھڙي سچائي آھي جنهن کي ھرگز به فراموش نٿو ڪري سگهجي ۽ اھا تلخ سچائي شايد ڪيترن لاءِ اڄ به ناقابل برداشت آھي، پر ادب ۾ سچ هميشه ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان وقت کان اڳ ظاھر ٿيڻ شروع ٿيندو آهي ۽ جڏهن وقت ايندو ته اهو ساڳيو سچ هڪ نئين شعور جي شروعات ڪندو.