ايڊيٽوريل

ڪچي ۾ سڀئي ڌاڙيل نه آهن: آءِ جي پوليس سنڌ

هن وقت سنڌ جو پوليس ڪماني آءِ جي غلام نبي صاحب گهوٽڪي ۾ پهتل آهي، جتي هن 8 اپريل تي ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن ۾ هن هڪ وڏو “انڪشاف” ڪيو ته سکر ريجن ۾ ڪوبه مغوي نه آهي. ان سان گڏ اهو به چيائين ته ڪچي ۾ صرف ڌاڙيل نٿا رهن، پر ٻيا به ڪيترائي ماڻهو رهن ٿا جيڪي ڏوهي نه آهن.
جيڪڏهن سندس ڳالهين تي يقين ڪجي ۽ سمجهجي ته سکر ريجن ۾ مغوي نه آهن ته پوءِ مغوي ڪٿان جا آهن، پوءِ جيڪي اغوا ڪار آهن اهي ڪٿان جا آهن؟ جيڪي ماڻهن کي اغوا ڪري سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ کڻي وڃن ٿا. آءِ جي صاحب به پوري سنڌ جو پوليس ڪماني آهي يا صرف سکر ريجن جو؟ هن اهو به چيو ته ڪڻڪ جي فصل لهڻ کانپوءِ پوليس تي الزام هوندو آهي ته هو ڪچي جي علائقي ۾ صرف ان جي ڪري آپريشن ڪري ٿي جيئن ڪڻڪ جو فصل کڻي سگهي. ان تي به سوال پيدا ٿئي ٿو، جيڪڏهن ايئن ناهي ته پوءِ پوليس کي پوري سال ۾ صرف ڪڻڪ جي فصل لهڻ وقت ڪچي ۾ آپريشن ڪرڻ ڇو ياد ايندو آهي؟ باقي سندس ڳالهه جائز آهي ته ڪچي ۾ واقعي به سڀ ڌاڙيل نٿا رهن، پر جيڪي به ماڻهو رهن ٿا اهي لالچ ۾، دليان يا مجبور ٿي ڌاڙيلن جي سهولتڪاري ڪن ٿا. ڪچي جا ماڻهو ڌاڙيلن کي کاڌ خوراڪ پهچائين ٿا، انهن کي هٿيار پهچائين ٿا ۽ سندن لاءِ مخبري پڻ ڪن ٿا. ان جو وڏو سبب ڌاڙيلن جو خوف آهي، جنهن کي صوبي جو قانون نٿو روڪي سگهي انهيءَ کي ڀلا هڪ عام هاري يا مزدور ڪيئن روڪي سگهندو، جنهن کي رهڻو ئي ان علائقي ۾ آهي پوءِ ڌاڙيلن سان ڇو ڦٽائيندو؟ جڏهن ته هن کي خبر آهي ته پوليس ۾ پڻ ڪيتريون ئي ڪاريون رڍون آهن جيڪي پڻ ڌاڙيلن جا ڀرجهلائو آهن. ڪچي جو اهو ماڻهو جيڪو ڏوهاري نه آهي، اهو ٻن باهن جي وچ ۾ آهي، هڪ طرف ان کي پوليس پڪڙي ٿي ۽ خانا پوري ڪرڻ جي لاءِ انهن کي ڌاڙيل بڻائي انهن تي ڪيس داخل ڪري ٿي. ٻئي پاسي وري جيڪڏهن اهو ڌاڙيلن جي مخبري ڪري ٿو پوليس کي ٻڌائي ٿو ته پوءِ ڌاڙيل ان کي مارڻ کان بلڪل نٿا ڪيٻائين، آخري ڪسر جڏهن ان جو فصل لهندو آهي ته پوليس آپريشن جي بهاني سندس فصل کڻي ويندي آهي. اها آهي ڪچي جي ماڻهو جي لاچاري. جيستائين قانون جي مڪمل عملداري نه ٿيندي ان وقت تائين ڌاڙيل ڪلچر به ختم نه ٿيندو ۽ انهيءَ جا سهولتڪار به ختم نه ٿيندا. حڪومت وٽ تمام گهڻا وسيلا آهن شايد نيت جي کوٽ آهي، انهي ءَ ڪري ان مسئلي تي غور نٿي ڪري. بقول آءِ جي صاحب جي ڪچي جي علائقي ۾ گهاٽا جهنگل آهن انهيءَ ڪري اتي پوليس کي وڃڻ ۾ ڏکيائي درپيش اچي ٿي، پوءِ ڀلا شهرن ۾ ڪهڙا گهاٽا جهنگ آهن جو اتي اسٽريٽ ڪرائيم ختم نٿو ٿئي ڦورو نه صرف راهه ويندڙن کي ڦرين ٿا، پر گهرن ۾ گهڙي ڌاڙا پڻ هڻن ٿا.
رمضان شريف ۾ صرف ڪراچي شهر ۾ اهڙن واقعن ۾ 52 ماڻهو موت جو شڪار ٿيا آهن. ان جو جواب آءِ جي صاحب وٽ ڪهڙو هوندو؟ عيد ۾ رهزني جون وارداتون تمام گهڻيون وڌي ويون آهن، ماڻهو شهرن ۾ محنت ڪري ڪجهه پئسا ڪمائي ٻهراڙين طرف وڃي رهيا آهن جيئن عيد پنهنجن ٻچن سان ڪري سگهن، پر هي لٽيرا انهن جي مهينن جي ڪمائي ڦري رهيا آهن، انهن کي پڻ پوليس تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي. اهي ويچارا غريب ماڻهو حفاظت سان پنهنجي گهر ڪيئن پهچن ۽ پنهنجن ٻچن سان عيد جون خوشيون ملهائي سگهن، پر اهي سڀ ڳالهيون صرف پريس ڪانفرنس ڪري روڪي نه سگهنديون، ان لاءِ هڪ جوڳو پلان جوڙڻو پوندو جنهن جي سنڌ پوليس ۾ کوٽ نظر اچي ٿي.