ايڊيٽوريلنئون

بنگلاديش ۾ خواتين آفيسرن کي “سر” چوڻ جو پروٽوڪول ختم

شيخ حسينه واجد جي تقريبن 16 سالن جي طويل حڪومتي دور ۾ هڪ هدايت جاري ڪئي وئي هئي، جنهن تحت سرڪاري عهديدارن تي متعين خواتين آفيسرن کي “سر” چئي مخاطب ڪرڻ جي پابندي هئي. بنگلاديش ۾ عبوري حڪومت جي صلاحڪار ڪائونسل سرڪاري طور تي اها هدايت ختم ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت عورت آفيسرن، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم حسينه شيخ به شامل هئي، کي “سر” چئي مخاطب ڪرڻ لازم هو. اهو فيصلو 10 جولاءِ 2025 تي عبوري حڪومت جي 33 هين اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي. پريس ونگ موجب اهو طريقو نامناسب هو ۽ هڪ ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي آهي ته ٻين پروٽوڪولن، هدايتن ۽ لقبن جو جائزو وٺي مناسب تبديليون تجويز ڪري.

“سر” لفظ جي پروٽوڪول کي ختم ڪرڻ جا ڪيترائي سبب آهن. عبوري حڪومت جي صلاحڪار ڪائونسل ان کي واضح طور تي نامناسب قرار ڏنو آهي. ڪائونسل جو چوڻ آهي ته اهو اصطلاح تاريخي طور تي مردن لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي ۽ ان جو عورتن لاءِ استعمال صنفي برابريءَ جي اصولن جي خلاف آهي. جڏهن ته عبوري حڪومت صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿي. موجوده دور ۾ اهو ضروري سمجهيو ٿو وڃي ته پيشاوراڻي ماحول ۾ عورتن جي لاءِ اهي اصطلاح استعمال ڪيا وڃن جيڪي صنف کان پاڪ هجن ۽ عورتن جي آزادي ۽ وقار، ان جي انفراديت سان مطابقت رکندا هجن.

ان استعمال جي ختم ٿيڻ سان عورتن کي آزاد ۽ برابريءَ وارو احساس محسوس ٿيندو. موجوده عبوري حڪومت ماضيءَ جي اثر کي ظاهر ڪرڻ چاهي ٿي ۽ اهڙن سڀني اصولن ۽ پروٽوڪولن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت کي محسوس ڪري ٿي، جيڪي ذاتي پسند يا طاقت جي نشاني طور رائج ڪيا ويا. هونئن به عورتن کي پنهنجي صنف مطابق مخاطب ٿيڻ جو حق آهي. “سر” چوڻ جو لازمي استعمال عورت جي صنفي سڃاڻپ ۽ وقار کي غير محفوظ بڻائي ٿو.

عورت کي “سر” لفظ جي اصطلاح سان ڪا وڏي پٺڀرائي حاصل نٿي ٿئي، بلڪه صنفي اڻبرابريءَ جو احساس اڀري ٿو. عبوري حڪومت جو ان اصطلاح کي غير موثر ڪرڻ هڪ احسن قدم آهي. بنگلاديش ۾ عورت آفيسرن کي “سر” چوڻ جو پروٽوڪول ختم ڪرڻ پويان عورت تنظيمن ۽ سول سوسائٽي گروپن جي هڪ ڊگهي عرصي کان جاري جدوجهد ۽ مطالبن جو هٿ رهيو آهي.

اهي تنظيمون انساني حقن جي تنظيمن سان گڏجي حڪومتي پاليسين ۾ صنفي حساسيت آڻڻ، عورتن جي سياسي ۽ سماجي بااختياري کي وڌائڻ ۽ اهڙن لساني ۽ سماجي پروٽوڪولن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪنديون رهيون آهن، جيڪي صنفي اڻبرابريءَ کي هٿي ڏين ٿا. جڏهن ته عبوري حڪومت پنهنجي ان فيصلي ۾ ڪنهن به عورت تنظيم جو نالو نه ورتو آهي. بنگلاديش ۾ عورتن جي حقن ۽ صنفي برابري لاءِ ڪم ڪندڙ ڪيتريون ئي تنظيمون ۽ سول سوسائٽي جا گروپ گڏجي ڊگهي عرصي کان ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ Nari Uddug Kendra، بنگلايش نيشنل وومين لايرز ايسوسئيشن، آرگنائيزيشن فار وومين ڊولپمينٽ ان بنگلاديش، منشور جونو فائونڊيشن جهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي گراس روٽ تنظيمون عورتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪنديون رهيون آهن.

بنگلاديش ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون ۽ سول سوسائٽي جا گروپ هن فيصلي کي تمام مثبت ۽ اهم ڪاميابي سمجهي رهيا آهن. تنظيمن جو خيال آهي ته هي فيصلو سندن جدوجهد جي نتيجي ۾ هڪ اهم قدم آهي. ڇو ته هي فيصلو نه صرف لسانيت جي حوالي سان اهم آهي، پر اهو عورتن کي پيشاوراڻي حيثيت ۾ مضبوط ڪري ٿو ۽ کين هڪ عورت طور مڃتا ۽ قبوليت عطا ڪري ٿو. تنظيمون هن فيصلي کي فتح جي نظر سان ڏسي رهيون آهن، جيڪو بنگلاديش ۾ هڪ وڌيڪ صنفي برابري واري ۽ انصاف پسند سماج جي قيام ڏانهن کنيل هڪ قدم آهي.