ڊرون هاڻي ٻڏندڙ ماڻهن کي بچائڻ جو ڪم به ڪندا
سمنڊ ڪناري پاڻي ۾ کيڏندي اڪثر ماڻهو تيز سامنڊي لهرن جي ور چڙهي ٻڏي ويندا آهن. اهڙن ماڻهن کي بچائڻ لاءِ اڪثر ملڪن ۾ سمنڊ ڪناري تي لائف گارڊ مقرر ڪيل هوندا آهن، انهن کي ڪنهن به ٻڏندڙ شخص کي پاڻي مان ڪڍڻ لاءِ سراسري طور تي 5 منٽ لڳندا آهن پر هاڻي آسٽريليا ۾ سمنڊ تي ڪم ڪندڙ لائف گارڊن پاران ڊرون جي استعمال سان ٻڏندڙ ڇوڪرن کي بچايو ويو آهي، جنهن ڪم ۾ ڪل ستر سيڪنڊ خرچ ٿيا. اهي ٻئي ڇوڪرا سرفسنگ ڪندي ڪناري کان 700 ميٽر پري هليا ويا هئا، جنهن تائين ٻيڙي رستي پهچڻ ۾ ڪافي وقت لڳي وڃي ها پر ڊرون اهو عمل 70 سيڪنڊن ۾ مڪمل ڪري ورتو. هن قسم جي ڊرون جو نالو لٽل رپر لائيف سيور Little Ripper the Saver رکيو ويو آهي. هن ڊرون کي ٺاهيندڙ ڪمپني جو چوڻ آهي ته گهربل معياري ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن ڊرون کي سڄي ملڪ ۾ استعمال ڪيو ويندو.
ڊرون ذريعي بچايل ڇوڪرا