هزارا برادري جي ماڻهن جو قتل اصل ۾ نسل ڪشي آهي: چيف جسٽس
چيف جسٽس ميان ثابت نثار چيو آهي ته هزارا برادري جي ٽارگيٽ ڪلنگ اصل ۾ نسل ڪشي آهي. ڪوئيٽا ۾ هزارا برادري جي تازي ٽارگيٽ ڪلنگ خلاف ورتل پاڻ مرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته مون وٽ لفظ نه آهن ته هن بدقسمت عمل جي مذمت ڪريان. منهنجي نظر ۾ هي نسل ڪشي آهي، جنهن جو مان پاڻ مرادو نوٽيس ورتو آهي. هن موقعي تي هزارا برادري جي وڪيل چيو ته اسان کي جاني ۽ مالي نقصان ڏنو پيو وڃي، اسان کي نوڪريون نه پيون ڏنيون وڃن، اسان جا ماڻهو آسٽريليا وڃڻ تي مجبور آهن. هن موقعي تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته آءِ جي ايف سي ڪٿي آهي جنهن جي جواب ۾ آءِ جي، جي نمائندي چيو ته هو اسلام آباد ۾ آهي مان هتي ان جي نمائندي طور آيو آهيان. هن موقعي تي هزارا برادري جي وڪيل چيو ته اسان جي نمائندن کان به سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي ۽ هي ٽارگيٽ ڪلنگ 20 سالن کان هلي رهي آهي ۽ اڄ تائين ڪابه گرفتاري نه ٿي سگهي آهي. هن موقعي تي آءِ جي پاران ٽارگيٽ ڪلنگ تي هڪ رپورٽ به پيش ڪئي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته صرف گذريل ڇهن سالن ۾ هزارا برادري جا 399 ماڻهو 36 سني، 29 آبادگار قتل ڪيا ويا آهن. جنهن سان گڏ ساڳئي عرصي ۾ 344 سيڪيورٽي فورس جي اهلڪارن جي به ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته 2013 ۾ هزارا برادري جي 203 ڄڻن جي سڀ کان وڏي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي وئي هئي. هن موقعي تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي ليول تائين ڳالهايو وڃي جو هن معاملي جي صحيح معلومات ملي سگهي. ٻڌڻي جي آخر ۾ چيف جسٽس هدايت ڪئي ته هن معاملي جي هر رخ جي باري ۾ جاچ ڪري ۽ رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. واضح رهي ته 2 مئي تي چيف جسٽس هزارا برادري جي ٽارگيٽ ڪلنگ تي پاڻ مرادو نوٽيس ورتو هو.