نون ليگ ملڪي جمهوريت جي لاءِ تابوت جو آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو، اهو وقت ٻڌائيندو، پر پاڪستاني عوام ته نانگن جو کاڌل آهي، ان ڪري نوڙيءَ کان به ڊڄي ٿو، جو پهرين صدر ايوب جي گھاٽي سرنهن هن قوم کي ڏٺل آهي يا وري جڏهن ملڪ ۾ ضياءُ جي مارشلا لڳي ته اچڻ سان ئي هي جمهوري وزيراعظم جو تختو اونڌو ڪري ۽ 58 ٽو بي هڻي پاڻ ئي صدر ٿي ويهي رهيو، ان ڪري عوام کي نه ئي ورديءَ ۾ نه ئي بنا ورديءَ جي ڪو صدر کپي يا تسليم ڪندا يا اهي مارشلائون ۽ صدر هن ملڪ جي لاءِ وڏا مرض لاحق هئا ۽ ٻيو ته بين الاقوامي برادري اهڙن طريقن سان ڪرسين جي قبضي خورن کي مڃي ئي نه، ان ڪري هي جيڪي به حرفتون هلندا ويا، اهي هنن جي ڳچيءَ ۾ پونديون ويون. وري ڳالھه صدارتي راڄ قائم ڪرڻ جي آهي يا ايمرجنسيءَ جي لاڳو ڪرڻ جي آهي، ان ڪري ته ايشيا جي ٽائيگر ۽ اسلامي ملڪ جي پهرين ايٽمي طاقت سان مسئلا اڻ ڳڻيا ٿي پيا آهن جيڪي عوام ناهن ڪيا، پر هر ڪرسيءَ تي ويهندڙ ماڻهوءَ ڪيا آهن، جن هن ملڪ جو سودو ڪيو آهي. عوام ته هش تي خوش آهي، هنن ويچارن کي جي ڪنهن ريفرنڊم جي ذريعي ڦريو ته به هي اسلام جي نالي تي ٺپو هڻي آيا يا اسلام جي نالي تي الھه تلهھ لٽائي يا ڏٽي ۾ رهي به هن ملڪ کي تسليم ڪري ويا.
پر ڳالھه اها ضررو آهي ته روڊ جي سپاهي مٽائڻ يا ماستر جي بدلي ڪرڻ سان نظام بهتر ناهن ٿيندا، نظام بهتر ڪرڻ جي لاءِ قانون جوئي ڪرڻي پوندي آهي، جيڪا هن خطي يا هن ملڪ جي مومن مسلمانن جي وس جي ڳالھه ناهي. اسان چئون ٿا ته صدراتي نظام ڏيو، وزيراعظمي سان هن ملڪ کي سنواريو، گورنري سان هن ملڪ جو گاڏو گيڙيو، شهنشاهيت سان هي ملڪ منزل تي پڄايو، ڊڪٽيٽر ڏيو، ظالم وحشي حڪمران ڏيو، پر قانون جي پاسداري ڪيو، بين الاقوامي برادري ۾ نڪ کڻڻ جهڙا ٿيو، جو ڪلھه جو پاڪستان مان ڦٽي نڪتل بنگلاديش به سڌري ويو، انهن پاڻ کي ڀارت کان به پاسي تي رکيو، نه ئي ڪنهن ٻئي ملڪ سان ٻه چاپڙائپ ڪري ڪم ٿو ڪڍي، اهي حڪمران ملڪ سان سچا ۽ کرا آهن، انهن ملڪ ٽوڙي، ٺاهي ۽ هلائي به ڏيکاريو، اتي اسان وارا حڪمران آهن جو ڪا ڳالهھ نبرين ئي نٿي، پر سڄو ڏينهن ان ڳالھه ۾ منڌل آهن ته هاڻي وارو ڪنهن کي ڏجي، نواز شريف سان ڊيل ڪيون يا زرداري کي هنج ۾ ويهاريون، پر ملڪي مفاد لاءِ ڪجھه نٿا ڪن يا هي اڃان تائين ان تاڙ ۾ ضرور آهن ته ڪي ٻيا عمران خان ڄڻيون يا انهن سان محبوبيت جو اعلان ڪيون جيڪي هنن جي اشاري تي نچن.
بنگلاديش جيڪا 1971 ۾ ڇھه نقاطي ايجنڊا ڏني هئي سان ڏاڍي ڀلي هئي، مثال سڀني کي ڇڏي رڳو هڪ کي بحث هيٺ آڻجي ته وفاق رڳو پاڻ وٽ ڊفينس ۽ خارجي معاملا رکي ۽ ٻيون سڀ وزارتون صوبائي سطح تي منتقل ڪري، ڏاڍي زبردست ڳالھه هئي. معنيٰ دٻلي ۾ دٻلو نه هجي يا ان کي مثبت سمجهون ته وزارتن جي مٿان وزارتون ڇو؟ سوال ته ٺهي ٿو يا جڏهن نظام ئي غلط آهي جڏهن سڄو مڇيءَ جو کارو ئي ڪنو آهي ته پوءِ ان تان مورڳو ئي هٿ کڻجي. نظام صحيح ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان مان اها به ڳالھه واضح آهي ته صوبن ۾ جڏهن وفاق جي سرڪار نٿي جڙي سگهي ته وزيراعليٰ هڪ ڳالهه ٿو ڪري ته گورنر ٻي ڳالهه ٿو ڪري يا گورنر ڄڻ هن صوبي جو ناهي جنهن جي رڳن ۾ ڄڻ ته هن صوبي جو خون ناهي يا ان ڪڏهن به سنڌيت جي ڳالھه ناهي ڪئي پوءِ اهڙي منافقي ۽ ٻٽي سرڪار يا ٻٽن تهن واري حڪومت کان ڀلو ناهي ته هڪ ئي اڳواڻ هجي، هڪ ئي وزيراعظم هجي يا هڪ ئي صدر هجي جيڪو آئيني هجي يا جڏهن ملڪ ٺهيو ته هنن وٽ ڪو لکت ۾ آئين ۽ قانون نه هو نه ئي انهن اڪابرن اها ڳالھه تسليم ئي ڪئي ته جڏهن پروڊڪٽ ٺهي ته ان سان گڏ ان جو مينيوئل (ڪتابچو) به ڏنو وڃي، نه ته اها شيءِ هلائي ته سگهجي، پر ملڪ ٺاهڻ وارا حالانڪه وڪيل، فلاسافر، بئريسٽر به هئا، پر ان فلسفي کي پاسي تي رکي ملڪ ميڙي چونڊي ٺاهي هليا ويا، ڀلا ان وقت جڏهن گورنر هو ته ڇا غلط هو يا جڏهن گورنر راڄ ختم ڪين ته هنن اڪابرن کي وزيراعظم ۽ صدراتي راڄ سمجھه ۾ آيا يا هنن سمجهيو ته ماڻهن کي راضي ڪرڻ جي لاءِ سيٽون وڌائيندا وڃن يا پيدا ڪندا وڃن، جيئن هاڻي سرڪار ويٺي ٿي ڪري، جو ڊَل وزيرن جي ۽ مشيرن جي کڻي ڪم ٿو هلائي، پر نٿو ڪم نبريس نه ٿو غم نبريس، ان ڪري ته اهي ماڻهو هڪ مخصوص لابي يا لڪل هٿن جي قبضي ۾ هلندا ٿا رهن يا اهي پپٽ آهن پوءِ جي ملڪ پپٽن يا پتلين کان هلائڻو آهي ته پوءِ وزيراعظم هجن، صدر هجن، گورنر هجن يا ڪي شهنشاھ هجن، کڻي انهن جي نرڙ تي بادشاهت جا تاج رکجن، پر ڪرڻو ته انهن کي اهو آهي جيڪي انهن جي پٺيان ويٺا آهن يا انهن پتلين جو تماشو ٿا ڏسن، پوءِ پهرين قانون جي پاسداري هجي پوءِ ڪرسين جا دڳ طئي ڪجن ته سمجھه ۾ به اچي ٿو.
صدر نه کپي، وزيراعظم به نه کپي، گورنر به نه کپي يا جيڪي پهرين ملڪ ورهائي ٺاهي ويا انهن جي دورانديشي به ڪنهن ڪم جي نه هئي يا انهن به ته ڪي ڦاڙها نه ماريا اتي ڀلا مائوزي تونگ جو رڳو مثال ٿا وٺون جنهن چائينا جو ڪهڙو بنياد رکيو يا ان کانپوءِ صنعتي انقلاب ۾ ڀلا ”ڊينگ زيانگ پنگ“ کي ڏسون ته اهو ملڪ کي ڪاڏي وٺي ويو، پر ڳالھه اها به آهي ته ملڪ جڏهن بيروني هٿن ۾ کيڏندو وتندو، ملڪ جو والي وارث ئي نه هوندو ته پوءِ خان لياقت علي خان کي ويهاريو ته اهو روس کي ڇڏي آمريڪا جي پيرن ۾ وڃي ويهندو ان کي آقا تسليم ڪندو، يا وري هٿ سان جنرل ايوب ويهندو ته اهو آمريڪا کي اڏا فراهم ڪندو جنهن جي ڪري آساني سان آمريڪا روس تي حملا ڪري سگهي يا روس ٽٽي ۽ هي ڊالر کائين، ڳالھه ته صدرن جي ٿي هلي ته ماضيءَ جا صدر ته قوم کي ڏنگي ويا، يا جنرل ضياءَ به اها ئي ايوب واري ليگسي هلائي جو طالبان کي هٿ وٺي پالين ۽ جنهن طالبان جو بنياد ايوب رکي ويو ان طالبان جي ضياءَ اسلام جي نالي پالنا ڪئي ۽ ملڪ کي کڏ ۾ ڪيرائي هليو ويو.
پر ماضيءَ جي وزيراعظمن ۾ ڀٽي صاحب کان ئي شروع ڪنداسين (پوءِ ان وقت جا سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي) ڳالھه ته اهڙي قانون ۽ آئين جي پاسداريءَ جي هئي جنهن کي دنيا به تسليم ڪيو، يا انهن صدرن وانگي نه هو جنهن رڳو پنهنجي ڪرسيءَ کي بچائڻ جي لاءِ هر حربو استعمال ڪيو ان ۾ آئيني وزيراعظم کي ڦاهي به چاڙهين، آئين به ٽوڙي ويا، هٿراڌو ريفرينڊم به ڪراين، “اسلام کپي يا نه“ جهڙا ووٽ ڪرائي ڪوڙا بلدياتي نظام ڏئي هليا ويا، پر قانون جي پاسداري ان ڪري به ممڪن ڪرائڻي هئي جو بين الاقوامي برادريءَ ۾ فوجن کي سرحدن جي سونهن سمجهيو ويندو آهي نه ڪي ڪو اهي آئيني ڪرسيءَ جي سنڀال ڪن، يا جنرل ايوب، ضياءَ يا مشرف جي قوم جو ڀلو به ڪيو هو ته انهن جي ليگسيءَ ڪٿي آهي، يا اهي عوامي دلبر اڳواڻ ڇو نه ٿيا؟ سوال ته اهي پاڻ ئي ڇڏي ويا، يا اهڙي سياست جيڪي هي وردي پائي ڪري پئي سگهيا، پر وردي لاهي نه ڪري سگهيا ان ڪري ته عوامي مقبوليت انهن جي نصيب جي بازي نه هئي يا عوامي اڳواڻ ٿيڻ جي لاءِ جيڪي جز کپن ٿا اهي انهن فوجي جرنيل ۾ نه هئا، پوءِ جي انهن جي ايتري ئي هلندي پڄندي هئي ته آئين ۽ قانون ئي ڀلا ڦيري وڃن ها، ان ڪري اسڪندر مرزا به ته پهريون گورنر مان صدر بڻجي ويهي رهيو، ان وقت جي انهن کي خيال اچي ها ته صدر جي نسل جون ڪرسيون هن ملڪ جو نصيب اجاري سگهن ٿيون ته ڪري وڃن ها ان ڪري جنهن اوندھ ۾ هي ملڪ ٺاهي ويا جو ماڻهن جي صحت تي ڪو اثر ئي نه پيو هو، ان ڪري جيڪي جتي هئا اهي ته اتي ئي رهيا، جن وٽ رڳو خبر آئي ته پاڪستان ٺهڻ سان گڏ ڌارين جي ڪٽڪ به لٿا آهن بس، ٺهيو ته انهن جي لاءِ جن اچي قبضا ڪيا يا جيڪي هتان ويا اهي ڦرجي فقير ٿي ويا انهن پوءِ ڪهڙي نئين ڀارت اڏي، جي نه ته پوءِ هنن ڪهڙو پاڪستان ٺاهيو بهرحال، پر هنن ته اهڙي هڪڙي سيريز ٺاهي آهي جو ڪَڙو ڪَڙي منجھه جوڙي ٿا هلائين، هڪڙن جا جهاز ڦاٽي پيا ۽ هي ملڪ مٺايون ورهائي جان جي بازي کٽي ويٺو، پر هنن وري چيئر گيم هلائي، هڪڙن کان اسيمبليون ٽوڙائي وري ٻين کان 58 ٽو بي جا حق ۽ صوابديد کسي ڄڻ ملڪي جمهوريت کي وضو ڪرائي ويا، پر قانون جي پاسداري نه ڪري سگهيا، پوءِ هاڻي صدر اچن يا وزيراعظم رهن يا نوان گورنر کڻي اچن، پر جڏهن ڪو قانون ئي ناهي ته ڪو به ڪم جو ناهي ۽ ائين ڪرڻ سان ملڪ وري اهڙي اونداهي کڏ ۾ ڪرندو جو اتان نڪرڻ محال ٿي پوندس.