عام چوڻي آهي ته محنت ۾ عظمت هوندي آهي، پر جنهن ملڪ ۾ اسين رهون ٿا ان ملڪ جي محنت ڪش ماڻهن جي ڪمائي ۾ ڪابه برڪت ئي نه آهي. يعني هاري، مزدور جيڪي ملڪ جي معيشت جا ڦيٿا سمجهيا ويندا آهن انهن ويچارن وٽ ٻه ويلا ماني کائڻ جي به وصيت نه هوندي آهي، دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ هاري، مزدور جي اجرت پاڪستان جي سترهين گريڊ جي آفيسر جي برابر هوندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ بنيادي سڀ سهولتون به انهن کي ميسر هونديون آهن، سڌريل ملڪن جا هاري، مزدور پنهنجي خود ڪفيل زندگي بسر ڪري رهيا آهن، پر اسان جي ملڪ پاڪستان جي هاري، مزدور جي زندگي هميشه مفلسي ۽ پريشاني ۾ گذري رهي آهي، هن ملڪ ۾ هارين، مزدورن کان ٽيڪس ته ورتي وڃي ٿي، پر انهن کي بنيادي سهولتون جهڙوڪ: بيماري ۾ علاج جي سهولت، پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت، تعليم جي سهولت، نيڪاسي آب، روڊن رستن، بجلي ۽ گئس جي سهولت کان به محروم رکيو وڃي ٿو. جنهن ملڪ ۾ چورن ۽ لٽيرن جي بادشاھت هجي اتي غريب جي ڪابه حيثيت نه هوندي آهي.
هن ملڪ ۾ چند هزار چور لٽيرا خاندان روزانو امير ٿيندا وڃن پيا باقي غريب غربو ته ڪنهن ليکي چوکي ۾ ئي نه آهي. بهرحال اسين پنهنجي اصل ڳالھ طرف توهان جو ڌيان ڇڪايون ته مٿي ڄاڻايل تصوير ۾ هي جيڪي مزدور تپندڙ سج جي گرمي جي پرواھ نه ڪندي، ڌر تتيءَ جو اناج جون گاڏيون لوڊ ڪري رهيا آهن. هاري زمينن ۾ هر هلائي رهيا آهن، در حقيقت هي آهن ملڪي معيشت جا بنيادي ڦيٿا جيڪي ملڪي معيشت ۾ استحڪام آڻين ٿا، پر افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته هنن جي بهتري لاءِ وقت جي حڪومت جي چور حڪمرانن وٽ ڪوبه احساس پروگرام ئي نه آهي. پاڪستان زرعي ملڪ هئڻ جي باوجود به ٻاهرين ملڪن مان اناج گهرائڻ تي مجبور آهي. پنهنجي ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ اناج چور بازاري ذريعي ٻين پاڙيسري ملڪن کي فروخت ڪيو وڃي ٿو ۽ وري ٻاهرين ملڪن مان اناج گهرائي پنهنجي عوام کي ٻيڻي اگھ ته فروخت ڪري غريب عوام جي وجود کي کوکلو ڪيو وڃي ٿو. هتي جمهوريت جي نالي تي آمراڻيون پاليسيون جوڙي عوام جو رهيو کهيو رت چوسڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي پئي، اسميبلين ۾ ويٺل سيد، مير، پير، وڏيرا، جاگيردار، گادي نشين جن سدائين عوام جو معاشي قتل عام ڪيو آهي، ڇا اهي غريب عوام جي بهتري لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، منهنجي خيال مطابق هرگز نه، اهي ڪڏهن به عوام جي بهتري نه چاهيندا. ڇو جو هنن هميشه هارين، مزدورن جو پگهر وهائي پنهنجا محل جوڙيا آهن، اهي ڪڏهن به هيٺين طبقي جي ماڻهن کي مٿي اچڻ نه ڏيندا.
پاڪستان جي اسپتالن ۾ غريب عوام لاءِ ڪابه علاج جي سهولت نه آهي، صاف پيئڻ جي پاڻي جي سهولت نه آهي، روڊ رستا، تعليم ڄڻ ته غريب عوام جي مقدر ۾ لکيل ئي نه آهن، غريب عوام جي گهرن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳا پيا هوندا آهن، نيڪاسي جو پاڻي غريب عوام جي گهرن، گهٽين ۾ تلائن جو منظر پيش ڪندو آهي، ان گندگي مان جيڪي بيماريون ڦهلجن پيون ان جو ذميوار ڪير آهي. هڪ جمهوري معاشري ۾ انسانن سان ٿيندڙ حيوانن واري ورتاءُ جو آخر ڏوهي ڪير آهي. ڪو ته هن ڏوھ جي ذميواري قبول ڪرڻ جي جرئت ڪري، سياستدان پاڻ کي احتساب لاءِ عوامي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ پيش ڪري سگهي ٿو. عوام سان ٿيل نا انصافين جي ازالي جي حامي هڻي سگهي ٿو. پاڪستان ۾ سياستدانن جو بنياد ئي ڪوڙ تي ٻڌل کوکلن نعرن جيان هوندو آهي، جيڪو هر هڪ سياستدان پارٽي بدلائڻ سان گڏوگڏ نعره به بدلائيندو رهي ٿو. منهنجي تجزيي مطابق پاڪستان ۾ سماجي سڌارا اچڻ ناممڪن لڳن پيا. ڇو جو هتي ڪرپشن ۾ ڏينهون ڏينھن اضافو ٿي رهيو آهي. ادارن ۾ ويٺل غير ذميوار ملڪي استحڪام جو ٻيڙو ٻوڙيو ويٺا آهن. جنهن ملڪ ۾ هاري، مزدور غير يقيني واري ڪيفيت ۾ خودڪشي ڪري رهيا هجن ڀلا اهو ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگهي ٿو. هاڻي ملڪ جي ڦيٿن يعني هارين، مزدورن جي ڪلهن ۾ به بار کڻڻ جي سهپ نه رهي آهي. هر شيءِ ۾ ٻه نمبري اسان جي ايمان کي به ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ملڪ ۾ هارين کي ڊي اي پي ڀاڻ ڏهه هزار رپين تي ملي رهيو هجي، جنهن ملڪ ۾ هارين کي ٻج پنج ڪلو گرام اٺ هزار رپين ۾ ملي ۽ اسيمبلين ۾ ويٺل نمائنده خاموش تماشائي بڻجي هارين جي بيوسي جو تماشو ڏسي رهيا هجن، اهڙن سفيد پوش چورن لٽيرن مان ترقي جي اميد لڳائي ويهڻ خودڪشي جي برابر آهي.
جيڪڏهن اهڙي صورتحال هجي ته ڪتابن ۾ ترقي جو هڪ ئي فارمولو موجود آهي، اهو آهي عوامي انقلاب جيڪو سفيد پوش چورن لٽيرن جي المارين ۾ لڪل خزانن کي ڌوڙ ڪري عوامي خوشحالي طرف روشن رستو ڏيکاري ٿو. اسان جو ملڪ هر لحاظ کان مالا مال آهي اسان وٽ گئس، تيل، يورينيم، سون ۽ ٽامي جا خزانا موجود آهن. ان کان علاوه هر طرح جون قدرتي نعمتون اسان جي ملڪ ۾ گهڻي مقدار ۾ موجود آهن. جنهن ملڪ ۾ بهترين آبپاشي جو نظام هجي، جنهن ملڪ ۾ چار موسمون خدا تعاليٰ جي نعمت طور مليل هجن ۽ جنهن ملڪ ۾ هموار زمين هر قسم جي فصل پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندي هجي، ان ملڪ جو عوام غربت جي زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور هجي ته پڪ سمجهو ان ملڪ جو نظام چورن لٽيرن جي هٿ هيٺ هلي رهيو آهي. جنهن ملڪ ۾ سياست صرف پئسن ڪمائڻ لاءِ ڪئي وڃي ته پوءِ غريب غربي جي زندگي ۾ سڌارا ڪيئن اچي سگهندا، جنهن ملڪ ۾ والدين پنهنجا ٻچا وڪرو ڪري باقي خاندان جي ڪفالت ڪري رهيا هجن ته پوءِ هڪڙو ئي رستو بچي ٿو اهو آهي ڪرپٽ نظام خلاف صرف بغاوت. هن ملڪ جي اسي سيڪڙو عوام ۾ جيڪڏهن بغاوت جي جرئت موجود آهي ته پوءِ ترقي اسان جي راهه تڪي رهي آهي ۽ ڪرپشن جي مينار کي ڊاهي پٽ ڪري، ترقي جي ڏاڪڻ تي چڙهڻ اسان جي ايندڙ نسل جو مقدر هوندو. ۽ منهنجي ديس ۾ ضرور خوشحالي جو سج اڀري پوندو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي هن شعر جيان:
پرين پرائي ڏيھ ۾، هيڏي نه ڪر هوڏ،
پنج وال ڪپڙو، گڏ نه هلندئي گوڏ،
اهڙي ڪر ڪا لوڏ، جيڪا ڪم اچئي قبر ۾.