سنڌ اسيمبلي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي پاڻيءَ واري حق جي حفاظت لاءِ قررداد پاس ڪئي آهي، هن دفعي اها قرارداد اسيمبلي گڏيل طور پاس ڪئي آهي. پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ پڻ سنڌ جي پاڻيءَ واري حق جي حفاظت جي لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. اسين سمجهون ٿا ته اها هڪ تاريخي قرارداد آهي، جنهن ۾ سنڌ جي سمورن اسيمبلي ميمبرن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. پارٽي سياست کان هٽي ڪري اسان کي محسوس ٿئي پيو ته هنن ميمبرن پاڻ کي سنڌ جي عوام اڳيان سرخرو ڪيو آهي.
ڇو ته پاڻيءَ جو مسئلو صرف هڪ پارٽيءَ جو نه آهي، صرف سنڌ ٻهراڙي يا سنڌ شهري جو نه آهي، پر پوري سنڌ صوبي جو آهي ۽ جيڪڏهن سنڌ اندر پاڻيءَ جي کوٽ ٿئي ٿي ته اها صرف ٻهراڙين ۾ نه هوندي، پر شهرن ۾ به ان جو اثر پوندو. جيڪڏهن ٻهراڙين جون زمينون آباد نه ٿينديون ته پوءِ شهرن کي اناج، ڀاڄيون، ميوا ڪيئن ملي سگهندا. اسان کي سڀني اسيمبلي ميمبرن جي خاص طور تي ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي، پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرن جي ۽ جماعت اسلامي جي ميمبرن جي آجيان ڪرڻ گهرجي ۽ اسان هنن سٽن ۾ سندن ان سهڻي عمل جي آجيان ڪريون ٿا. ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته پهريون دفعو سنڌ جا چونڊيل ميمبرن پنهنجو آواز گڏجي اٿاريو آهي. هڪ آواز بڻجي پنهنجي آئيني حق جي لاءِ وفاق جي اڳيان سندرو ٻڌي بيٺا آهن. سنڌ اسيمبلي جو اهو چوڻ ته ارسا ايڪٽ ۾ ڪاما ۽ فل اسٽاپ جي به تبديلي منظور نه ڪئي ويندي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته وفاق کي خطرو هوندو. اهو سنڌ جي عوام جو آواز آهي جيڪو سنڌ اسيمبلي گڏيل طور تي وفاق طرف موڪليو آهي. شهري ۽ ٻهراڙي واري سنڌ هڪ آواز بڻجي پنهنجي آئيني حقن جي لاءِ جنهن نموني سان ارسا ايڪٽ ۾ متوقع تبديلين جي خلاف قرارداد منظور ڪئي آهي ان لاءِ سنڌ جو عوام سڀني اسيمبلي ميمبرن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت طرفان راڳ ٻڌڻ ۾ پئي آيو ته ارسا ايڪٽ ۾ تبديلي ڪئي وڃي ٿي، ان جي خلاف پوري سنڌ جي ساڃاهه وند طبقي طرفان ڀرپور مخالفت ڪئي وئي. ميڊيا ۾، سيمينارن ۾ واضح چيو ويو هو ته سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ ارسا جي آئيني جوڙجڪ ۾ تبديليءَ کي قبول نه ڪندو. اهوئي دٻاءُ هو جو پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي اندر پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي قرارداد پيش ڪئي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ميمبرن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اندر پڻ ٿيندڙ اهڙي تبديليءَ کي رد ڪيو. هن وقت سندن اها رٿ قومي اسيمبلي جي هڪ ڪاميٽي کي موڪلي وئي آهي، پر جيترو آواز سنڌ صوبي جو بلند ٿي چڪو آهي، ان مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته هاڻي ارسا جي آئيني حيثيت ۾ ڪابه تبديلي نه ٿيندي. سنڌ اسيمبلي مان منظور ٿيندڙ قرارداد ۾ جيڪا وڌيڪ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته نه صرف سنڌ جي ٻهراڙي جا ميمبر، پر سنڌ جي شهري علائقن جا ميمبر پڻ سنڌ جي حقن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ متفق ٿيا آهن. سنڌ جو عوام انهيءَ عمل کي سنڌ صوبي لاءِ بهتر سوڻ سمجهي ٿو.
اميد اها ٿو رکي ته مستقبل ۾ پڻ شهري نمائندا خاص طور تي ايم ڪيو ايم سنڌ جي گڏيل مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پارٽي کان هٽي ڪري صوبي جي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي اسيمبلي اندر آڻيندا، پوءِ اها اسيمبلي سنڌ صوبي جي هجي يا قومي اسيمبلي هجي. سياسي پارٽيون پاڻ ۾ سياسي اختلاف رکن اهو جمهوريت جو حُسن آهي. هڪٻئي تي تنقيد ڪن اهو سندن جمهوري حق آهي، پر جنهن گهر ۾ سڀ موجود آهن انهيءَ گهر جي حقن جي حفاظت ڪرڻ جي لاءِ سڀني کي گڏجڻو پوندو، سنڌ صوبو سڀني پارٽين جو گهر آهي جيڪڏهن ان جو آئيني حق ڪٿي به غضب ٿئي ٿو ته ان جي لاءِ سياسي پارٽي جي تفريق کان هٽي ڪري صوبي ۽ صوبي جي عوام جي حقن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ اسيمبلي ۾ سگهارو آواز بلند ڪرڻ ۽ ان آواز کي وفاق تائين پهچائڻ اهو سڀني ميمبرن جو فرض آهي. هن وقت سنڌ جي ميمبرن پنهنجو فرض ايمانداري سان ادا ڪيو آهي، کين هڪ دفعو ٻيهر جس هجي.