احتساب (Accountability): سياسي-سماجي طاقت
ترقي ڪيل ملڪن ۾ جتي آئين ۽ قانون جي حڪمراني لاڳو آهي. اُتي احتساب هر جڳھ، هر وقت ۽ هر فورم تي مضبوط کان مضبوط تر ٿيندو رهي ٿو. ان جي مقابلي ۾ غريب ۽ ڏتڙيل ملڪن ۾ قانون جي حڪمراني به ڪمزور آهي ۽ ساڳي وقت احتساب به ڪمزور ترين نظر اچي ٿو. مثال طور؛ برطانيه ۾ اڳوڻي وزيراعظم بورس جانسن ڪووِڊ وبا جي دور ۾ پنهنجي دوستن جي سماجي دعوت ڪئي ته ان وقت ان کي ايترو ته خراب سمجهيو ويو جو نيٺ هُن وزارتِ عظمى کان استعفى ڏئي ڇڏي.
اُتي پاڪستان ۾ کُلي عام قانون جي خلاف ورزي ٿئي ٿي. ڪيترا ماڻهو حادثن جو شڪار ٿي وڃن ٿا. سنڌ ۾ 2022 ۾ برساتن ڪري لڳ ڀڳ ٻه ڪروڙ ماڻهو دربدر ٿيا، پر ان جي ذميوارن جو ڪنهن به حساب ڪتاب نه ورتو ۽ ائين ئي ڏوهاري ماڻهو احتساب کان بچي ويا. هن مثال مان سمجهي سگهجي ٿو ته برطانيه احتساب جي ڪري ڪيترو طاقتور سماج آهي ۽ پاڪستان ڪيترو ڪمزور ترين ملڪ آهي.
وصف ۽ وضاحت
احتساب جي سادي وصف هي آهي ته ڪنهن فرد يا اداري جي ذميواريءَ سان ان جي ڪارڪردگي جي ڀيٽ ڪري ان لاءِ سزا يا انعام مقرر ڪيو وڃي. ڪيترائي محقق احتساب جي وصف هي ٻڌائيندا آهن ته هر فرد جي پنهنجي ڪيل عمل تي احتساب لاڳو ٿئي ٿو.
احتساب انگريزيءَ جي لفظ accountability مان ورتو ويو آهي، جيڪو فرينچ ٻوليءَ جي لفظ ”حساب ڪرڻ“ مان نڪتل آهي. جنهن جو مطلب آهي ته هر ڪم يا عمل جي سزا ۽ جزا مقرر ڪئي وڃي. احتساب ۾ سزا سان گڏ جزا يا انعام به گڏوگڏ سمايل آهي. مثال طور؛ الف ب کي ڪم ڏنو ۽ ب جي ڪم جو احتساب هجڻ لازمي آهي ته اهو ڪم پورو ٿيو يا نَه. جيڪڏهن صحيح ٿيو ته الف، ب کي صحيح مزدوري يا انعام ڏيندو. ساڳي طريقي سان جڏهن عوام ڪنهن نمائندي کي يا سياسي جماعت کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري ٿو ته عوام جو حق آهي ته پنهنجي نمائندي يا سياسي جماعت کان حساب وٺي ته انهن چونڊن وقت جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي پورا ڪري رهيا آهن يا نه. جيڪڏهن انهن جي ڪارڪردگي مان عوام مطمئن نه آهي ته ٻي چونڊ ۾ انهن کي ووٽ نه ڏئي کين اقتدار کان محروم ڪري، پر جيڪڏهن انهن جي ڪارڪردگيءَ مان عوام مطمئن آهي ته پوءِ ٻي ايندڙ چونڊ ۾ عوام کين ٻيهر ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو. جيڪو سندن لاءِ عوام طرفان انعام چئبو.
سرڪاري ملازم يا عوامي نمائندن جي حوالي جڏهن عوامي وسيلا ڪجن ٿا ته ان وقت هو هڪ امين جي حيثيت اختيار ڪري ٿو. هن کي پابند بڻجي انهن وسيلن جي ورڇ يا استعمال منصفاڻي نموني ڪري امانتدار هجڻ جو حق ادا ڪرڻ گهرجي.
ساڳي وقت هو قانوني طور ان امانت جي حساب ڪتاب رکڻ ۽ ڏيڻ جو به پابند آهي. جنهن جو نالو ”احتساب“ آهي. مثال طور؛ ميونسپل انجنيئر کي پئسا ڏنا وڃن ٿا ته هُو صاف پاڻي شهرين کي پهچائي، پر جيڪڏهن ڪم ۾ ناڪام ٿيو ته ان انجنيئر جو حساب ڪتاب ڪرڻ تمام ضروري آهي.
جڏهن ڪو شخص چونڊجي ڪنهن شهر جو ناظم بڻجي ٿو ۽ هو شهرين جي خدمت ڪري ٿو ته شهري سندس ڪاڪردگيءَ مان خوش ٿي ايندڙ چونڊن ۾ ٻيهر ان کي ڪامياب ڪن ٿا ته اهو سندس لاءِ شهرين طرفان انعام آهي، پر جيڪڏهن ناظم رشوت وٺي ٿو، شهرين جي خدمت نه ٿو ڪري ۽ شهر کي تباھ ڪري ٿو ته شهري ان کي ٻي اليڪشن ۾ ووٽ نه ڏئي ان کي سزا ڏين ٿا. اهڙي طريقي سان چونڊون به احتساب جو هڪڙو طريقو آهن.
احتساب هيٺين سوالن تي ٻڌل آهي؛
ڪير احتساب ڪري ٿو؟
ڪنهن جو احتساب ڪيو وڃي ٿو؟
ڪهڙي معيار تي احتساب ٿئي ٿو؟
احتساب جو آئيني ۽ قانوني بنياد ڇا آهي؟
آئين احتساب جو هڪ دستاويز آهي. مثال طور؛ آئين شهرين جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪرڻ، آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊ ڪرائڻ، عوام جي ٽيڪس کي صحيح استعمال ڪرڻ، عوام کي انصاف مهيا ڪرڻ ۽ عوام جي ڀلائي جا منصوبا عمل ۾ آڻڻ تي هڪ مڪمل دستاويز آهي. جيڪڏهن ڪا به حڪومت اهي شيون عوام کي مهيا نه ٿي ڪري ته آئين تحت ان سياسي حڪومت کي سزا به ملي سگهي ٿي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ عوام ان کي ووٽ نه ڏئي ان جو احتساب ڪري ٿو. ساڳي ريت ڪو فرد چوري ڪري ٿو ته قانون ان کي سزا ڏئي احتساب جي عمل کي پورو ڪري ٿو. اهڙي طريقي سان ڪيترائي احتساب جا مثال ڏئي سگهجن ٿا.
سڌريل معاشري ۾ جمهوريت ۽ احتساب گڏوگڏ هلن ٿا، جيڪي پاڻ ۾ لازِم ۽ مَلزُوم آهن. اسان پاڪستان/سنڌ جي سياسي تاريخ جو اڀياس ڪيون ٿا ته 1947 کان وٺي مختلف حڪومتون آيون ۽ ويون، پر عوام انهن سڀني حڪومتن جي ڪارڪردگي مان مطمئن نه رهيو آهي، پر بدقسمتيءَ سان انهن جو ڪڏهن به احتساب يا ناقص ڪارڪردگيءَ جي سزا نه ملي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ترقيءَ بجاءِ تنزلي جو شڪار ٿي ويو آهي. جنهن جي سزا ذميوار ڌرين کي ملڻ بجاءِ عوام خاص طور غريب طبقي کي بک، بي روزگاري، خراب امن امان ۽ ٻين سماجي براين جي شڪل ۾ ملي رهي آهي.
احتساب صرف ماڻهن تي مالي ڏنڊ يا جيل ۾ وجهڻ وارو نظام نه آهي، پر سماج جي اداري ۾ احتساب جي ڪري ماڻهن کي تمام گهڻا فائدا ملن ٿا. مختلف ملڪن جي سياست تي تحقيق ڪرڻ سان پتو پوي ٿو ته جتي احتساب جو نظام مضبوط آهي، اُتي سماج کي هيٺيان فائدا ملن ٿا.
احتساب جا فائدا
پنهنجي مليل اختيار جي مقابلي ۾ انهن جي ڪارڪردگي تمام بهتر ٿئي ٿي.
احتساب فاشزم ۽ آمريت کي روڪي ٿو.
ادارن جي بجيٽ جو بهتر استعمال ٿئي ٿو.
اداري ۾ نظم ۽ ضبط رهي ٿو.
احتساب تخليق ۽ قابليت وڌائي ٿو.
احتساب آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊ ۾ مدد ڪري ٿو.
احتساب عوام جو حڪومت تي اعتماد قائم ڪري ٿو.
احتساب معاشري ۾ ايمانداري، ذميواري ۽ انساني ڀلائيءَ جي ڪلچر کي وڌائي ٿو.
احتساب جي موجودگي ۾ اداري جو هر عمل شفاف رهي ٿو.
احتساب انساني حقن جي حفاظت، عورتن جي ڀلائي ۽ برابري، اقليتن سان انصاف ۽ ڪمزور طبقن کي ظلم کان بچائي ٿو.
احتساب قانون جي حڪمراني ۽ سٺي حڪومت جي نظام کي مضبوط ڪري ٿو.
احتساب نه هجڻ جا نقصان
دنيا ۾ 195 کان وڌيڪ ملڪ آهن. انهن مان جتي حقيقي جمهوريت آهي. قانون جي حڪمراني آهي، جتي هر سطح تي احتساب موجود آهي، انهن جي ترقي جو مثال واضح آهي. توهان جاپان، ڪينيڊا، فن لينڊ ۽ ناروي کي ڏسو ته انهن ڪيتري حد تائين ترقي ڪئي آهي ۽ ڪيئن نه اُتان جو عوام خوشحال آهي، پر جتي جمهوريت ناهي، قانون جي حڪمراني ناهي ۽ احتساب غائب آهي ته انهن جي برباديءَ جو مثال به اسان جي سامهون آهي.
ان ۾ ارجنٽينا هجي، وينزويلا هجي، پاڪستان هجي يا نائيجيريا جو ملڪ هجي. احتساب تي تحقيق مان ڄاڻ ملي ٿي ته جتي احتساب ناهي اُتي انهن جا سياسي، حڪومتي، عدليه، شهري يا ٻئي ڪنهن قسم جا ادارا ڪيئن نه تباھ نظر اچن ٿا. انهن ادارن ۾ رشوت عام جام آهي. اهي ادارا ماڻهن جي خدمت نه ٿا ڪن جنهن جي لاءِ ٺاهيا ويا آهن. انهن ادارن وٽ مستقبل جي ڪا به رٿابندي ڪونهي.
جڏهن به ڪا قدرتي آفت اچي ٿي ته اها پاڻ سان گڏ تباهي آڻي ٿي. ان جو مثال پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ ٻوڏن جو اچڻ، پاڻيءَ جي اڻاٺ، بجلي جي لوڊشيڊنگ، اٽي جي قيمت وڌڻ، مهانگائي ۽ بي روزگاري جا مثال واضح آهن.
ان ڪري جتي احتساب آهي اُتي ان جا فائدا عوام کي ملن ٿا، پر جتي احتساب ناهي اُتي انهن جي تباهي واضح نظر اچي ٿي. جتي احتساب ناهي اُتي سماج ڪمزور رهي ٿو ۽ جتي حساب ڪتاب ناهي اُتي اهي سماج بلڪل هيڻا ۽ ڪمزور نظر اچن ٿا. احتساب جي هيءَ ڀيٽ اسان کي سبق ڏئي ٿي ته سماج جي حفاظت، سماج جي ترقي، سماج جي خوشحالي وغيره لاءِ حساب ڪتاب ڪيترو نه ضروري آهي. ان مسئلي تي ٻه رايه ٿي نه ٿا سگهن.
احتساب جا قسم
جيئن ملڪ يا سماج ۾ مختلف ادارا هوندا آهن. اهڙي طرح انهن ۾ احتساب جا قسم مختلف هوندا آهن. مثال طور؛ سياسي احتساب، قانوني، انتظامي، مالي ۽ عدالتي احتساب. جنهن تي هيٺ تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي.
سياسي
سياسي احتساب ۾ مختلف سياسي جماعتون چٽاڀيٽي ۾ هونديون آهن ۽ هر ڪنهن جي اها خواهش هوندي آهي ته هو عام چونڊن ۾ ووٽ وٺي اقتدار حاصل ڪن. جيڪا حڪومتي پارٽي عوام سان ڪيل واعدا پورا نه ڪندي ته ايندڙ اليڪشن ۾ عوام ٻي پارٽي کي ووٽ ڪندو ۽ حڪومتي پارٽيءَ کي سياسي طور سزا ڏيندو.
اهو هڪ سياسي احتساب آهي. اهڙي احتساب لاءِ ضروري آهي ته مدِ مقابل پارٽي ٻي پارٽيءَ جي لفاظي ڪارڪردگي بجاءِ انگن اکرن سان پنهنجو موُقف پيش ڪري، پر اهي انگ اکر زميني حقيقت سان ٺهي اچن. مثال طور؛ حڪومت ڪيترا به انگ اکر ٻڌائي ته اسان بي روزگاري ختم ڪئي آهي، پر زميني حقيقت ان جي برعڪس هوندي ته عوام جو فيصلو چونڊن ۾ مختلف هوندو.
قانوني
جن به ملڪن ۾ قانون جي حڪمراني هوندي آهي. انهن ۾ ڪو به فرد، گروھ يا جماعت قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ته ان جو احتساب ٿيندو ۽ کيس ڏنڊ يا جيل يا ٻئي سزائون ملي سگهن ٿيون. تنهنڪري سڌريل ملڪن جي شهرين کي خبر آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي ٿي ته ڪهڙي سزا ملي سگهي ٿي.
انتظامي
سمورا حڪومتي ادارا آئين مطابق ڪم ڪرڻ جا پابند هوندا آهن ۽ ان جي ايڪٽ ۾ احتساب جو طريقو واضح ڏنل هوندو آهي. ڪنهن به اداري جو سربراھ يا ٻيو ڪو فرد ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو، رشوت وٺي ٿو يا ڪنهن فرد کي غير قانوني طور تڪليف ڏئي ٿو، جنهن ۾ جنسي حراسمينٽ به اچي وڃي ٿي ته اهڙي فرد يا سربراھ خلاف ايڪٽ مطابق کيس سخت سزا اچي سگهي ٿي.
مالي
هر اداري کي سرڪاري طور سالانه بجيٽ ڏني ويندي آهي، جيڪا اداري کي هلائڻ ۽ عوامي ڀلائي جي خرچ لاءِ هوندي آهي. جيڪڏهن ڪو عملدار رشوت وٺي ٿو يا ترقي جي منصوبن مان ذاتي ۽ مالي فائدا وٺي ٿو ته اهو عملدار احتساب جي لائق هوندو آهي. جنهن ۾ ڏنڊ، جيل يا نوڪري مان خارج ٿيڻ جي سزا به اچي سگهي ٿي.
عدالتي
جنهن ملڪ ۾ آئين هوندو آهي ۽ ان آئين تحت مختلف قانون منظور ڪيا ويندا آهن. ڪو فرد، گروھ يا جماعت آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ته ان جو احتساب ٿيندو ۽ احتساب جي نتيجي ۾ جيل، ڏنڊ يا ٻي مناسب سزا ان کي ملي سگهي ٿي ۽ هي سڄو عمل عدالتي نظام هلائيندو آهي.
پاڪستان ۾ احتساب جو نظام
جيئن ته پاڪستان وفاقي رياست آهي. ان ڪري ٻن سطحن تي انتظامي عملداري هلي ٿي. هڪ وفاق جي سطح تي ٻيو صوبائي سطح تي. وفاق ۾ آئين، قانون، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي، نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو (نيب)، انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ، سپريم ڪورٽ، آڊيٽر جنرل، وفاقي اومبڊسمين، مائنارٽيز ڪميشن، هيومن رائيٽس ڪميشن، وومين ڪميشن ۽ وقت به وقت وفاقي حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ انڪوائري ڪميشن/ ڪميٽيز جي ذريعي احتساب جو عمل جاري رکندو آهي. صوبائي سطح تي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي، اينٽي ڪرپشن ڊپارٽمينٽ (ڪرپشن مخالف ادارو)، مائنارٽيز افيئرس، هيومن رائيٽس ڪميشن، وومين ڪميشن، صوبائي هاءِ ڪورٽ، اڪائونٽنٽ جنرل، وزيراعلى جي انسپيڪشن ٽيم ۽ اومبڊسمين جا ادارا ڪم ڪن ٿا. صوبائي حڪومت يا صوبائي هاءِ ڪورٽ وقت به وقت ڪنهن به مسئلي تي ڪميشن يا ڪميٽيون ٺاهي احتساب لاءِ انڪوائري ڪرائي سگهي ٿي.
ان سان گڏ خودمختيار ادارن ۾ انٽرنل آڊيٽر مقرر هوندا آهن. جيئن ته صوبائي سطح تي سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي )سيپرا(، ان جو اهو به ڪم هوندو آهي ته قانون مطابق پئسن جو استعمال ڪيئن ٿئي ٿو. هتي پڙهندڙ اهو سوال ڪري سگهن ٿا ته ايڏن وڏن ادارن جو وفاق ۽ صوبائي سطح تي هئڻ جي باوجود پاڪستان ۾ صوبن سميت وفاق ۾ ڇو بدانتظامي آهي ۽ احتساب نه ٿو ٿئي؟ قانون جي حڪمراني )2022( ۾ پاڪستان 140 ملڪن مان 129 نمبر تي آهي، شفافيت ۽ ڪرپشن )2022( ۾ 180 ملڪن مان 140 نمبر تي آهي ۽ ورلڊ بيئنڪ مطابق احتساب جي رينڪ )2021( ۾ 25.12 سيڪڙو تي آهي.
ان جو صاف ۽ سڌو جواب اهو آهي ته سياسي نظام، عدليه ۽ انتظامي نظام مڪمل طور ناڪام ويو آهي. جنهن جي ڪري احتساب نه ٿو ٿئي. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته انتظاميه، عدليه ۽ قانون سازي جي ادارن کي مضبوط ڪري آزاد ۽ اڻ ڌري چونڊ جي ذريعي نظام کي بهتر ڪيو وڃي.
ميڊيا ۽ سماجي تنظيمن جو ڪردار
احتساب تي ٿيل اڀياس ۾ اها شيءَ ثابت ٿئي ٿي ته آزاد ميڊيا (پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا) ۽ سماجي تنظيمن جي محنت ۽ قرباني سان احتسابي عمل مضبوط ٿئي ٿو ۽ ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني مضبوط ٿئي ٿي. ميڊيا ۽ سماجي تنظيمون ملڪ جون ڪن، اکيون، وات ۽ دماغ جو ڪردار ادا ڪن ٿيون. هر نا انصافي ۽ ظلم جي خلاف آواز اُٿارين ٿيون ۽ ائين احتسابي عمل کي تيز ڪن ٿيون. مثال طور؛ ماڻهن جون بنيادي ضرورتون پوريون نه ٿيون ٿين. مهانگائي ۽ بي روزگاري وڌي ٿي، امن امان خراب ٿئي ٿو. شهرين جا انساني حق لتاڙجن ٿا ته ان وقت ميڊيا ۽ سماجي تنظيمون ڀرپور آواز اُٿارين ٿيون ۽ ان کان پوءِ احتساب جا ادارا حرڪت ۾ اچي وڃن ٿا.
سڌريل ملڪن ۾ ته احتساب جو عمل ايترو ته طاقتور آهي. جو اُتي ان وقت نا انصافي جو ازالو ٿئي ٿو، پر ڏتڙيل ملڪن ۾ صورتحال ان جي برعڪس آهي. ان ڪري سماج ۾ احتساب کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ميڊيا کي آزاد رکيو وڃي ۽ سماجي تنظيمن جي ڪم ڪرڻ ۾ رڪاوٽ نه وڌي وڃي.
احتساب جي مضبوطيءَ لاءِ تجويزون
پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ احتساب تمام ڪمزور آهي، جنهنڪري ماڻهن کي انصاف نه ٿو ملي انهن جي انساني حقن جي خلاف ورزي ٿئي ٿي ۽ هر جڳھ تي انهن جون شڪايتون وڌنديون وڃن ٿيون. جنهن ۾ اسڪول، اسپتال، امن امان، روزگار ۽ پيئڻ جي پاڻي کان وٺي ٽرانسپورٽ سان لاڳاپيل مسئلا وڌندا وڃن ٿا. انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ماڻهن کي سٺي حڪمراني ڏيڻ لاءِ هي تجويزون پيش ڪيون وڃن ٿيو.
سنڌ سميت ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني مضبوط ڪئي وڃي.
ماڻهن جي بنيادي آزادين ۽ انساني حقن جي حفاظت ڪئي وڃي.
احتساب جي سڀني ادارن کي نئين سِر سڌارا آڻي انهن جي ڪارڪردگي وڌائي وڃي.
انفارميشن ٽيڪنالاجي جو ملڪ ۾ وڌ ۾ وڌ استعمال ڪري شفافيت ۽ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ادارن کي وڌيڪ سرگرم ڪيو وڃي.
هر ادارو پنهنجي ڏنل هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ لڳاتار چڪاس رکي.
جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ احتساب جو قانون صحيح ڪم نه ٿو ڪري ته ان اداري جي سربراھ کي ان ۾ واڌارو ۽ سڌارو آڻي، مضبوط ڪرڻ گهرجي.
احتساب لاءِ تمام ضروري آهي ته هر ادارو پنهنجي عمل ۾ شفاف رهي. ان ڪري اداري ۾ شفافيت جي ڪلچر ۾ واڌارو آڻجي.
هر اداري ۾ مٿان کان هيٺ تائين ڪم ڪندڙ ملازمن کي پنهنجي ڪم، هدف حاصل ڪرڻ، قانون تي عمل ڪرڻ ۽ غلط عملن جي سزا جي مڪمل ڄاڻ ڏجي ۽ ملازم لاءِ خود احتسابي جو نظام ٺاهيو وڃي.
سماج يا ملڪ لاءِ احتساب اڻٽر آهي. احتساب جي بغير هر آئين، حڪومت ۽ قانون وغيره خالي لفاظي هوندا آهن. مضبوط احتساب جي موجودگيءَ ۾ آئين تي عمل ٿئي ٿو. قانون جي حڪمراني سان عوام کي انصاف ملي ٿو. ماڻهن کي بنيادي حق ملن ٿا. ملڪ خوشحال ٿئي ٿو ۽ عوام کي صحيح نمائندا ملن ٿا. ان ڪري احتساب هڪ سياسي ۽ سماجي طاقت آهي. جنهن کي استعمال ڪرڻ سان جمهوريت مضبوط ٿئي ٿي.
تنهنڪري جمهوريت ۾ احتساب تي مفاهمت نه ڪئي ويندي آهي ۽ احتساب ۾ قانون وانگر سڀني شهرين جو احتساب ڪيو وڃي ٿو. آمريڪا ۾ ”واٽرگيٽ“ اسڪينڊل ۾ ڪيئن دنيا جي طاقتور ترين فرد صدر رچرڊ نڪسن جو احتساب ٿيو ۽ نيٺ خوار ٿي صدارت تان استعفى ڏنائين. ائين ڪيترن ئي ملڪن جا مثال ڏئي سگهجن ٿا. جتي انهن جا اهم عملدار سڌو جيل هليا ويا. سنڌ سميت پاڪستان ۾ جيڪڏهن صحيح جمهوريت لاڳو ڪرڻي آهي. ماڻهن کي انصاف ڏيڻو آهي، ماڻهن جي انساني حقن جي حفاظت ڪرڻي آهي ۽ عوام کي خوشحال رکڻو آهي ته احتساب جي طاقت کي وڌائڻ تمام ضروري آهي ۽ اهو احتساب هر شهريءَ تي نافذ ڪيو وڃي.
***