مذهبي عقيدي جي اوسرَ (باب اٺون)
(عقيدي جي سائنس جو اختصار)
ليکڪ: جي. اينڊرسن ٿامسن ۽ ڪليَئر اڪوفر
(حصو ٻيون)
رسمون،بقا جو سگهارو هٿيار:
اسان جي وڏڙن جي مذهبي رسمن ساڳي وقت سندن ڪيترن ئي مسئلن کي حل ٿي ڪيو. قبيلو، گناهگارن کي سزا ڏئي سگهندو هو، جهيڙن ۽ تڪرارن جو حل ڪڍي سگهندو هو، نڀاڳن کي ظاهر ڪري سگهندو هو، رنج ۽ رسامن کي ختم ڪري سگهندو هو، ۽ اهڙو علامتي ماحول جوڙيندو هو، جتي مخلص اشارن کي قبول ڪيو ويندو هو. تنهن بنا، شڪاري جانور به رسمن سببان ڀوَ ۾ اتان ڀڄي ويندا هوندا.
انهن شروعاتي مذهبن ۾ گهڻو ڪري ڪو مذهبي مهندار يا مذهبي درجي بندي نه هوندي. ان ۾ ڪيترائي ماڻهو ۽ بزرگ هوندا، جيڪي گڏيل اڳواڻيءَ جو ڪردار ادا ڪندا هوندا، سندن ذميواري اڳتي هلي عهدن ۾ تبديل ٿي هوندي، البت هو اڄوڪن مذهبي ٺيڪيدارن وانگي اڻ ڏٺل قوتن جو پيغام پهچائيندڙ نه هوندا.
جيئن نڪولس ويڊ پنهنجي ڪتاب ”دي ڦيٿ انسٽنڪٽ“ (عقيدي جي جبلت) ۾ لکي ٿو ته رسمون، پنهنجائپ جو زبردست احساس پيدا ڪن ٿيون ۽ اها خواهش اٿارين ٿيون ته قبيلي جا مفاد، ذاتي مفادن کان مٿاهان آهن. جڏهن اسان پوري رات ڪنهن سان گڏجي ڳايون وڄايون ۽ نچون ڪُڏون ٿا ته اسان پاڻ کي تنهن سان گڏ مضبوط ٻنڌڻ ۾ ٻڌل محسوس ڪريون ٿا.
قديم آثارن ۽ قديم انسانن جي علم جو رڪارڊ ان نظريي کي هٿي ڏي ٿو ته وحشي قبيلا جتي جتي ويندا هئا، اتي اتي پنهنجون رسمون کڻي ويندا هئا. اهي سفري يا مستقل رسمون، راڳ، رنگ، رقص ۽ وجد جي چوڌاري ڦرنديون هيون.
ابتدائي وسندين جي شروعات اڄ کان پندرهن سال اڳ ٿي. ڏهه هزار سال اڳ زراعت ايجاد ڪئي وئي. جيتوڻيڪ هاڻوڪي دنيا ۾ شڪاري قبيلا باقي ڪي بچيا آهن، انهن جا ٺاهيل مذهب ايترا سگهارا هئا جو انهن کي ڇڏي نه سگهبو هو. اسان بدلياسين ته گڏوگڏ مذهب به مَٽِجي ويا.
انسان، زرعي ڪرت سان لڳي ويو. مذهبَ، موسمن جي تال اختيار ڪئي، ڇاڪاڻ ته موسم، زراعت لاءِ اهم هئي. اها روايت اڄ به زندهه آهي. پراڻي مذهبن بسنت رُتِ ملهائڻ شروع ڪئي، جنهن کي ”اوئسٽرا“ چيو وڃي ٿو. يهوديت ۾ ”سُڪوٿ“ ملهايو ويندو آهي، جيڪو فصل جي ڪٽائيءَ جو ڏڻ آهي، ”پاس اوور“ جوَ جي فصل جي شروعات جو ڏڻ آهي، ”شاوو اوت“ ڪڻڪ جي فصل جي پوري ٿيڻ جو ڏڻ آهي. عيسائيت انهن تُهوارن کي ايسٽر ۽ ٻين تُهوارن جي شڪل ۾ قبول ڪيو.
پنج سال اڳ لک پڙهه جو دور اچڻ کانپوءِ اڻ ڏٺل هستين تائين رسائيءَ جو عمل جمهوري نه رهيو، مذهبي ٺيڪيدارن، سياسي اڳواڻن سان ڳٺ جوڙ ڪري، ماڻهن کي پابندين جي ڄار ۾ ڦاسائڻ شروع ڪيو. مذهبي ٺيڪيدارن اهو سکي ورتو ته کين بنا ذميواريءَ جي طاقت مليل هئي، مطلب ته هو ڪنهن به ناڪاميءَ جو ذميوار پاڻ کي ڏيڻ بدران پنهنجي ديوتائن کي ڏيڻ لڳا ۽ پاڻ کي صرف سندن پيغام رسائيندڙ تائين محدود ڪرڻ لڳا.
راڳ، رنگ، رقص ۽ وجد جون شروعاتي رسمون سماجي طور مساوي رسمون هونديون هيون، جنهن ۾ سڀ قبيلا، بنا ڪنهن فرق جي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي شريڪ ڪار هوندا هئا، ۽ ڪنهن به قسم جي ڪا به درجا بندي نه هوندي هئي. پوءِ، شهرن ۽ تهذيبن جي وجود ۾ اچڻ بعد وڌيڪ درجي بندي شروع ٿي وئي. گهڻن مذهبن ۾ رڳو سماجي مساوات جي حوصلي شڪني ڪرڻ لاءِ رقص تي پابندي لڳائي وئي. البت تُرنمي حرڪتون جاري رکيون ويون.
جيئن ڪنهن رومن ڪيٿولڪ چرچ ۾ وڃي قربان گاهه جي سامهون جهڪڻ، صليب آڏو ويهڻ ۽ بيهڻ جا منظر ڏسو يا 1960ع جي ڏهاڪي تائين گريگورين چرچ جي لاطيني رسمن دوران گنگنائي گيت ڳائڻ جي ڪردار تي غور ڪيو. روايتي آمريڪي، آفريڪي گرجا گهرن ۾ اِنجيلي موسيقيءَ جي طاقت جو جائزو وٺو، جنهن جون جڙون آفريڪي رقص ۽ رسمن ۾ پيوند ٿيل آهن.
اسان ٻين مذهبن ۾ رسمن جي طاقت بنيادي طور ان لاءِ پيا ڏسون ته انهن کان ڊپ ڪيو ويندو آهي. گهڻو ڪري ڏکڻيا عيسائي مذهبي ماڻهو، بيهي جنسي عمل ان ڪري نه ڪندا آهن ته ڪٿي خدا ائين نه سمجهي ته بيٺي رقص ڪري رهيا آهن. گرجا گهرن جي اندر بينچون، ان لاءِ ناهن ٺاهيون وينديون ته ماڻهو انهن تي ويهن، پر انهن بئنچن ٺاهڻ جو بنيادي مقصد اهو هو ته ماڻهن کي نچڻ کان روڪي سگهجي.
اسان جي وڏڙن لاءِ ڳائڻ، وڄائڻ، نچڻ، ڪڏڻ ۽ موسيقي وغيرهه، سڀ هڪ هئا.
موسيقيءَ جي ابتدا بابت مختلف نظريا سامهون آيا آهن. ڇا اها ٻين طريقيڪارن جي ذيلي پيداوار آهي، جنهن جا بنياد دل جي ڌڙڪڻ سان لاڳاپيل آهن؟ يا موسيقي خود مختيار مطابقت آهي؟ ڊارون جو خيال آهي ته موسيقي ان جي جنسي چونڊ جي نظريي جي بهترين مثالن منجهان هڪ مثال آهي.
”مان اتي پنهنجي ڳالهه پوري ٿو ڪريان ته اسان جي وڏڙن موسيقيءَ جي سر ۽ تال کي پهريان پهريان مخالف جنس جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ استعمال ڪيو، موسيقيءَ جي تند ۽ تار، تيز ترين جذبات سان ڳنڍي وئي، جيڪا ڪوئي جانور محسوس ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هجي“. ڊارون لکيو ته موسيقيءَ سان جاڳندڙ جذبن جو لاڳاپو محبت سان آهي.
ان سان ابتدائي مذهبي رسمن جي هڪ ٻي رخ ڏانهن ڌيان وڃي ٿو، جنهن کي توهان ڇنڇر جي رات چوسول تي رقص ڪرڻ جو پراڻو روپ سمجهي سگهو ٿا، اهڙي جاءِ جتي امڪاني شريڪ حيات سان ملاقات ٿي سگهي ٿي. توهان جي پسند جي شخص جي طاقت، هم آهنگي، ڪردار ۽ قبيلي سان وفاداري جاچڻ جو ان کان بهتر ٻيو ڪهڙو موقعو ٿي سگهي ٿو؟ ڳائڻ، وڄائڻ، نچڻ ۽ ڪڏڻ ۾سکڻي کوکلائپ نه هلندي آهي، ۽ اهو شرڪ حيات جو قدر معلوم ڪرڻ جو بهتر پيمانو آهي.
احتياط:
توهان ڏٺو هوندو ته ڪيٿولڪ ايٿليٽ ڊوڙ شروع ٿيڻ کان اڳ پنهنجي سيني تي صليب جو نشان ٺاهيندو آهي. اهو خدا کان مدد جي گهر ۽ پنهنجي اڻ تڻ ختم ڪرڻ جو طريقو آهي. باسڪيٽ بال جو مشهور رانديگر ليبرون جيمز، هر ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ هڪ رسم ادا ڪندو آهي، هو پنهنجن هٿن ۾ ٽالڪم پائوڊر ڇڻڪيندو آهي، پوءِ تاڙي وڄائيندو آهي، پائوڊر وکري ويندو آهي ۽ تريءَ تي بچيل پائوڊر پنهنجن مداحن پاسي ڦوڪ سان اڏاريندو آهي. ائين ڪرڻ سان سندس اعتماد وڌندو آهي ۽ گهٻراهٽ ختم ٿيندي آهي. اهڙي قسم جون تڪراري حرڪتون، ڀئو ڀڄائڻ ۾ ڪارائتيون ثابت ٿينديون آهن.
سگمنڊ فرائيڊ جو خيال هو ته مذهب، معاشري جي اضطرابي بيماري آهي ۽ اها اضطرابي بيماري هر هڪ ماڻهوءَ جو ذاتي مذهب هئي. هن سبب ته جاچيو، پر کيس ثابتي جا ان وقت ميسر ذريعا موجود نه هئا. هاڻي اسان ڄاڻون ٿا ته دماغ اندر اڳواٽ احتياطي تدبيرن جو هڪ مڪمل نظام موجود آهي، جيڪو بي چيني ختم ڪرڻ لاءِ اهڙا ابتڙ عمل پيدا ڪندو آهي. اهو طريقيڪار، مذهبي رسمن ۾ استعمال ٿي، ڪنهن خطري سببان پيدا ٿيندڙ گهٻراهٽ کي گهٽائيندو آهي. اهي ٻئي شيون زندگيءَ جو لازمي حصو آهن، پر اسان جي وڏڙن جي خطرن سان ڀرپور دنيا ۾ اهي اڃا وڌيڪ اهم هونديون.
هم آهنگي ۽ اتفاق:
مذهبي رسمون، اسان جي آئيني دماغي خلين کي استعمال ڪن ٿيون، جنهن جو تفصيلي ذڪر نائين باب ۾ ايندو. انهن دماغي آئيني خلين جو اصل مقصد شايد ڪنهن جانور کي نيون شيون سکڻ ۾ مدد ڏيڻ هو. مذهبي رسمون ان جو فائدو وٺن ٿيون. جڏهن ماڻهن جي گهڻائي توهان جي ڀرپاسي جُهمر هڻي رهي هجي ته توهان لاءِ جهومڻ ڏکيو بڻجي ويندو. دماغي آئيني خليون هم آهنگيءَ سببان ائين ڪرڻ ۾ مدد ڏينديون آهن. اسٽينفرڊ بزنس اسڪول ۾ ٿيل تحقيق موجب ڳئورن ڏورن جي استعمال بنا هم آهنگ حرڪتن سان سهڪار جي احساس ۾ واڌارو ٿئي ٿو. جيڪڏهن توهان چهل قدمي ڪري رهيا آهيو، يا ٻين سان گڏ، وک سان وک ملائي وڌي رهيا آهيو، ته ٻنهين صورتن ۾ توهان جي پنهنجن ساٿين بابت سوچ مختلف هوندي آهي.
ان ۾ ڳئورن ڏورن جو عمل به شامل ڪيو وڃي ته سون تي سهاڳو ٿيندو. جيڪڏهن هم آهنگ حرڪتن ۾ ڳئورن ڏورن جو عمل شامل ڪيو وڃي ته سور سهڻ جي سگهه وڌي ٿي. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي سائنسدانن هڪ دلچسپ تجربي ۾ ٻيڙياتن جو اڪيلي ۽ گڏيل ٻيڙي هلائڻ جو مشاهدو ڪيو. مشاهدي مان سُڌ ملي ته اڪيلي سر ٻيڙي هلائڻ واري جي ڀيٽ ۾ سٿ سان سلهاڙيل ٻيڙياتي جي قوتِ برداشت گهڻا ڀيرا وڌيڪ هئي. گڏيل سرگرميءَ دوران انڊورفنز جي مقدار ۾ واڌارو ٿئي ٿو، اسان ڄاڻون ٿا ته انڊورفنز سماجي لاڳاپن کي مضبوط ڪن ٿا.
ٿورو ووڊ اسٽاڪ جي باري ۾ سوچيو، اهو نه رڳو انهن ماڻهن لاءِ جيڪي اتي موجود هئا، پر پوري هڪ نسل لاءِ اهم موقعو هو. اهو واقعو اهنسا ۽ ڪنهن قسم جو تڪرار نه هجڻ سببان ذڪر جوڳو آهي. ان دوران ڪافي سارا ماڻهو، ڏکين حالتن ۾ گڏجي ڪم ڪندا هئا ۽ موسيقي، رقص، جنس، ڀائيچاري ۽ نشي مان مزو وٺندا هئا. اهي شيون دماغي ڪيميائي مادن کي وڌيڪ سگهه ڏينديون هونديون ۽ ماحول ۾ هم آهنگيءَ جي اثر سببان ان کي وڌيڪ هوا ملي هوندي.
رسمن جي گڏيل گرفت جي طاقت، آمريڪين جي هاءِ اسڪول جي پيپ ريليءَ ۾ به ڏسي سگهجي ٿو، جنهن جو مقصد کين مخالف شاگردن جي ڀيٽ ۾ متحد ڪرڻ هوندو آهي.
ڇهاءَ جو جادو:
ڀولڙا، هڪ ٻئي جي سار سنڀال ۾ گهڻو وقت گهاريندا آهن. شايد ان جو اصل سبب صحت ۽ جوئان مارڻ کان ڪجهه وڌيڪ آهي. شاهدين مان معلوم ٿئي ٿو ته ڇهاءَ سان آڪسيٽوسين خارج ٿين ٿا، جنهن سان سماجي لاڳاپن جي جذبي جي شروعات ٿئي ٿي. انڊورفنز ان کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي. جيڪڏهن توهان ڪنهن عورت کي هڪ اهڙي خطرناڪ صورتحال ڏيکاريو، جڏهن اها ڪنهن جو هٿ جهلي نه بيٺي هجي ته ان جي دماغ جو خوف کي ڪنٽرول ڪرڻ وارو حصو، اميگڊالا، ٻَري پوندو؛ جنهن مان ظاهر ٿيندو ته هوءَ خوف ۾ ورتل آهي. جيڪڏهن ساڳي صورتحال ۾ هوءَ ڪنهن اوپري ماڻهوءَ جو هٿ پڪڙيندي ته ان جو خوف ڪنهن حد تائين گهٽ ٿي ويندو، ۽ جيڪڏهن هوءَ پنهنجي شريڪ حيات جو هٿ پڪڙيندي ته خوف ويتر گهٽجي ويندو. اهميت جوڳي حقيقت اها آهي ته عورت جي خوف ۾ گهٽتائي، پنهنجي ساٿيءَ سان ساٿ جي لاڳاپي جي نسبت سان اچي ٿي. ويجهي لاڳاپي سان خوف ۾ وڌيڪ گهٽتائي اچي ٿي.
ڇهاءَ سان دماغ جا جذباتي مرڪزَ، سڪون ۾ اچي وڃن ٿا ۽ اهڙي طرح اسان کي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. دماغ، ڇهاءَ کي اهڙي اشاري طور وٺندو آهي ته ٻيو شخص سندس ٻوجهه کڻڻ مدد ڏيندو.
انسان، پرائيميٽ جاندارن ۾ سڀ کان وڌيڪ سهڪار ڪرڻ وارو جيوُ آهي، ۽ ڇهاءَ سان اسان جي ساٿين جي دماغ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ سان وڌيڪ لاڳاپا گهرا ٿيندا آهن. هڪ ٻي تحقيق مان خبر پوي ٿي ته باسڪيٽ بال جون اهي ٽيمون، جن جا رانديگر هڪ ٻئي کي وڌيڪ ڇهن ٿا، ته وڌيڪ ڪامياب ٿين ٿا.
هڪ ڪامياب شاٽ کانپوءِ هٿ تي هٿ هڻڻ، چيلهه ۾ ٿڦڪي هڻڻ، ۽ ڀاڪر ۾ ڀرڻ سان نيورو ٽرانسميٽر جي مقدار ۾ واڌارو ٿئي ٿو، جيڪو گڏيل سهڪار، ٻڌي، ۽ لڳاءَ جي احساس کي وڌائي ٿو.
ڪنهن زماني ۾ اسان جي وڏڙن لاشعوري طور هڪ اهڙو ڪيميائي مادو دريافت ڪيو هو، جيڪو ڀروسي، محبت، سهڪار ۽ ايثار کي قوت بخشي ٿو. ان کانپوءِ اسان، ان ڏس ۾ لاڳيتو ترقي ڪئي آهي. اها تمام گهڻي مقدار ۾ طاقتور ڪيميائي مادن ۽ ادراڪي طريقيڪارن جي توانائي آهي، جنهن منجهان فطرت کان مٿاهان عقيدا پيدا ٿين ٿا، ۽ ائين مذهب جي شروعات ٿئي ٿي.
هڪ ننڍڙو تجربو:
جهٽ گهڙيءَ لاءِ ان بابت سوچيو، جنهن سان توهان محبت ڪندا آهيو، ۽ ان ماڻهوءَ لاءِ پنهنجن جذبن تي ويچاريو. ٺيڪ ان گهڙيءَ پنهنجي جذباتي حالت بابت تجزيو ڪريو. پوءِ پنهنجي ٻانهن ۾ زور سان اهڙي چهنڊڙي پايو جنهن سببان سور جي سٽ نڪري. جڏهن توهان اهي ٽئي شيون ڪري چڪا آهيو ته هاڻي اٿو ۽ جهومي هڪ گيت ڳايو. جيڪڏهن هاڻي توهان جي ويجهو ڪوئي آهي ته ان کي به پاڻ سان شامل ڪيو ۽ گڏجي ڳايو ۽ رقص ڪريو، جڏهن توهان گيت پورو ڪيو ته ٻيهر آزمائش ڪريو ته توهان کي سور کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت ڪيتري آهي؟ اوهان ان ماڻهوءَ جي باري ۾ ڇا محسوس ڪريو ٿا؟ توهان پنهنجي باري ۾ ڪيئن محسوس ڪريو پيا؟ (پاڻ ان پاڙيسريءَ کي نظر انداز ڪريو جيڪو دريءَ منجهان اهي سڀ حرڪتون ڏسي رهيو آهي).
جڏهن مان ماڻهن کان اهو عمل ڪرائيندو آهيان ته گهڻو تڻو هرهڪ هاڪاري تبديلي رپورٽ ڪندو آهي. ان ننڍڙي مشق ۾ توهان کي دماغ جي اندر نيورو ڪيميڪل تبديلين جي باري ۾ پتو پوندو جو گيت، ڇهاءَ، ۽ تُرنمي حرڪتن سان پيدا ٿين ٿيون ۽ اهو سڀ ڪجهه رڳو چند گهڙين جي اندر ٿيندو آهي. ٿورو تصور ڪريو ته جيڪڏهن توهان اهو ڪم آفريڪا جي ميدانن ۾ يا آسٽريليا جي ٻهراڙين ۾ ساري ساري رات ڪندا رهيا هجو!
جيڪڏهن توهان ڪڏهن ڪنهن راڪ ڪنسرٽ ۾ ويا هجو، جتي مداح نچندا، ڳائيندا، جهومندا ۽ هوڪرا ڪندا هجن، ۽ توهان جي رڳن مان سسراٽيون نڪرن ته مطلب توهان رسمن جي طاقت جو مشاهدو ڪيو آهي.
رسمون، شريڪ حيات جي اهليت جاچڻ جو پيمانو به هونديون آهن، ۽ اها ڳالهه اسان جي انسانيت جو هڪ ٻيو رخ به آهي، جنهن کي مذهب استعمال ڪري ٿو.
رومانوي محبت:
اسان جا رومانوي لاڳاپا دماغ ۾ مخصوص مطابقتن سببان چوٽ چڙهندا آهن. جنسي خواهش ان جي شروعات مهيا ڪندي آهي ۽ رومانوي محبت ڪنهن ماڻهوءَ سان مضبوط لاڳاپو پيدا ڪندي آهي. مذهب، ان شئي مان فائدو وٺڻ لاءِ رومانوي تعلق تخليق ڪندو آهي. مسلمان شهيدن سان واعدو ڪيو ويندو آهي ته کين جنت ۾ حورون ملنديون. حماس جي مذهبي اڳواڻ شيخ ياسين چيو هو ته ”عورتن، خاص طور ڪنوارين عورتن لاءِ آپگهاتي بمبار بڻجڻ ٺيڪ آهي، ڇاڪاڻ ته هو جنت ۾ وڃي، 72 حورن کان وڌيڪ سهڻيون بڻجي وينديون… انهن کي ضمانت ٿي ڏني وڃي ته جنت ۾ کين خالص مڙس ملندا“. مرد آپگهاتي بمبارن لاءِ 72 حورن جو واعدو شايد محبت کان وڌيڪ هوس جو مظهر آهي، جيڪو مردن جي جنسي خواهش جو فائدو وٺي ٿو.
ٻين مذهبن ۾ به رومانوي محبت جي اهليت کي وڏي سطح تائين استعمال ڪيو ويندو آهي. مدر ٽيريسا جو ئي مثال وٺو. ان جي ويجهڙ ۾ شايع ٿيل خطن مان خبر پوي ٿي ته هوءَ حضرت عيسيٰ سان شادي ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿي. حقيقت ۾ پراڻي دور دوران راهبائن جي گرجا ۾ شرڪت جي تقريب شاديءَ جي تقريب وانگر ملهائي ويندي هئي، ۽ گرجا گهر کي ڏاج به ڏنو ويندو هو. هاڻي به راهبائن جا ڪيترائي فرقا پاڻ کي ”حضرت عيسيٰ جي ڪنوار“ سڏائن ٿا ۽ ابتدائي رسمن جي موقعي تي شاديءَ جو وڳو پاتو ويندو آهي ۽ شاديءَ جون مُنڊيون ڏنيون ۽ ورتيون وينديون آهن.
ٽي ويءَ تي هلندڙ هڪ-عورت شو ”ليٽِنگ گو آف گاڊ“ دوران مزاحيا فنڪار جوليا سويني انڪشاف ڪيو هو ته جوانيءَ جي زماني ۾ حضرت عيسيٰ جي هڪ پينٽنگ سندس جنسي خواهشن جي تڪميل ۾ ڀرپور مدد ڪندي هئي.
ٽين باب ۾ لاڳاپي جو نظام، رومانوي لاڳاپن بابت ڀرپور روشني وجهي ٿو. اسان خواهش کان سخت رومانوي گمراهي کان جذباتي محبت جو سفر ڪريون ٿا، جيڪو لاڳاپي جي نظام جو آخري مرحلو آهي.
والدين جي سرمائيڪاري:
صنف جو بنيادي فرق رڳو هڪ جين ئي طئي نه ٿو ڪري، ان فرق جو تعين هڪ مخصوص رويي سان ٿيندو آهي، جنهن کي ”والدين جي سرمائيڪاري“ چيو ويندو آهي. جنهن جو تعلق ان ڳالهه سان آهي ته ڪهڙي صنف جِي ٻار سان وڌيڪ نفسياتي لڳاءُ ۽ جذباتي سرمائيڪاري آهي.
گهڻي ڀاڱي ماءُ جي اولاد تي وڌيڪ سرمائيڪاري ٿيل هوندي آهي. مثال طور، انسانن ۾ عورت غذائيت سان ڀرپور آنو تيار ڪندي آهي، تنهنڪري ان جو رحم، ان جي توليدي زندگيءَ جي هر مهيني تياري ڪندو آهي. پوءِ هوءَ ٻار کي نون مهينن تائين ڪُکِ ۾ رکندي آهي، وري ٻار ڄڻڻ جي عمل مان گذرندي آهي ۽ ٻار کي سالن تائين ٿڃ پياريندي رهندي آهي. ماءُ، ٻار جي تمام گهڻي قيمت چڪائيندي آهي، ان جي مقابلي ۾ پيءُ جي قيمت ڪجهه اسپرم ۽ پنج منٽ آهي. مرد ۽ عورت جي وچ ۾ ٻار تي سرمائيڪاري ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. ٻار جو پيدا ٿيڻ کانپوءِ به اولهه جهڙي ترقي يافته معاشري ۾ به ان جي پرورش جي ذميواري ماءُ جي هوندي آهي. پيءُ، ڪڏهن ڪڏهن ٻار جا پيمپر صاف ڪندو آهي، نه ته سڄي ذميواري عورت جي هوندي آهي.
ان لاءِ رويي جي حد تائين اها صنف جنهن جي سڀ کان وڌيڪ سرمائيڪاري آهي، اها چونڊ ڪندي آهي ته ڪنهن سان ميلاپ ڪري. اها صنف جنهن جي ٻارن جي معاملي ۾ صفا گهٽ سرمائيڪاري هوندي آهي، جيڪو عام طور نر هوندو آهي، اهو پنهنجي جينياتي مادي جي بقا لاءِ پنهنجي صنف جي ٻين رڪنن سان گڏ ماديءَ تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ سخت مقابلي مان گذري ٿو.
انسانن ۾ حياتياتي حساب سان عورتن کي ڏنل اهميت ۽ چونڊ جي طاقت مردن حوالي هئڻ ڪري هو مسلسل اهڙا هٿڪنڊا ڳوليندا رهن ٿا، جنهن سبب عورت جي توليدي نظام تي ضابطو قائم رکي سگهن. اهڙن هٿڪنڊن ۾ گهڻيون زالون رکڻ، عورتن کي منهن کان پير تائين برقعو پارائڻ، ۽ ٻيا عورتن جي طوهر ڪرائڻ جهڙا وحشياڻا طريقا شامل آهن. ڪيترن ئي مذهبي يا فرقي واراڻين جنگين ۾ مرد پنهنجي شڪست ڏنل دشمن جي عورتن کي سندن اکين آڏو جنسي زيادتيءَ جو شڪار بڻائيندا آهن. ان عمل کي عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن لاءِ وڌيڪ بدناميءَ جو سبب سمجهيو ويندو آهي، تنهن هوندي به انهن عورتن تي به پنهنجي قبيلي ۾ پوري حياتي ڪارو چُٽو لڳي ويندو آهي، جيڪو سندن ٻارن جي نصيب ۾ به لکيل هوندو آهي.
هڪ-زالي معاشري ۾ به جتي ٻنهين صنفن ۾ مناسب رشتو ڳولڻ لاءِ مقابلو هوندو آهي، اتي مذهب اهم هوندو آهي. ٿورو عيسائي شادي تقريب تي غور ڪيو: ”جن کي خدا جوڙيو آهي، تن کي ڪنهن انسان کي ٽوڙڻ نه ڏيو“.
2009ع ۾ ايري زونا اسٽوڊنٽ ڪاليج جي شاگردن تي ٿيل تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو ته مردن ۽ عورتن، ٻنهين کي جڏهن پنهنجي پنهنجي صنف جي ڪشش رکندڙ شخصن جون تصويرون ڏيکاريون ويون ته سندن مذهبي احساسن ۾ واڌارو ٿيو. واضح رهي ته پنهنجي ئي صنف جون تصويرون، نه ڪي مخالف صنف جون. تنهنڪري، جڏهن امڪاني شريڪ حيات لاءِ مقابلو هوندو آهي ته مذهب به ميدان ۾ لهي ايندو آهي.
مذهبن جي گهڻائي، جنس تي وڌيڪ حاوي آهي، ۽ اهو به ان ڳالهه جو دليل آهي ته مذهب، خود انسان پيدا ڪيا آهن.
هيستائين، اسان عقيدي ۽ رسمن جي بنيادي جزن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ اهو ٻڌايو آهي ته اهي ڪيئن مطابقتي ادراڪي طريقيڪار جي ذيلي پيداوار آهن، پر هاڻي اسان وٽ دماغ جي تصويرن منجهان حاصل ٿيڻ واريون شاهديون به موجود آهن. اچو ته هاڻي ڏسون ته دماغ اندر ليئو پائڻ سان ڇا نظر اچي ٿو.
***

