بلاگنئون

لٺ، ملان ۽ قانون !

پاڪستان جي سڀ کان وڏي بدقسمتي اها ناهي ته هتي غربت آهي، بيروزگاري آهي يا ڪرپشن آهي، بلڪه سڀ کان وڏي بدقسمتي اها چئبي ته هتي قانون ڪوريئڙي جي ڄار کان به وڌيڪ ڪمزور آهي ۽ ڪي طبقا ان ڪمزوريءَ کي نه صرف کليل نموني سان لتاڙين ٿا، پر انهيءَ کي فخر جو تمغو بڻائي پيش پڻ ڪن ٿا. مذهبي شخصيتون ۽ پارٽيون جيڪي ظاهر ۾ ته دين جي خدمت جي دعويٰ ڪن ٿيون، اڄ رياست جي رٽ کي جُتيءَ جي نوڪ تي رکي قانون جي سامهون ائين آڪڙجي بيٺيون آهن ڄڻ هي ملڪ انهن جو ذاتي مدرسو يا خانقاهه جي جاگير هجي. اهي سر عام ميڊيا ڪئميرائن جي سامهون ڌمڪيون ڏين ٿا، گاريون بڪين ٿا، هٿيار لوڏين ٿا ۽ پنهنجون وڊيوز پاڻ سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪن ٿا، ڄڻ ته اهي قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪري رهيا هجن، بلڪه ڪو فخريه ڪارنامون سرانجام ڏئي رهيا هجن.

اسان جو ملڪ هڪ پاسي ستون ايٽمي پاور هئڻ جو فخر ڪري ٿو، اسلام جي قلعي بنجڻ جي دعويٰ ڪريون ٿا ۽ دنيا کي فتح ڪرڻ جا خواب ڏسون ٿا، پر ٻئي پاسي اسان جي رياست ايتري ڪمزور ۽ بيوس آهي جو هڪ مولوي، هڪ پير يا هڪ مذهبي پارٽي جا سئو کن ڪارڪن ان جي نظام کي يرغمال بڻائي ڇڏين ٿا. هي اهوئي ملڪ آهي جتي هڪ مولوي چيف جسٽس کي کلئي عام گاريون ڏئي ٿو ۽ قانون پنهنجا چپ سبيو ويٺو آهي، هي اهوئي ملڪ آهي جتي اسلام آباد جي وچ ۾ هڪ مولانا هڪ ليڊي پوليس عورت کي چئي ٿو ته “رئو پاءُ نه ته گولي جي حوالي ڪندوسانءِ” هن جي هٿ ۾ هٿيار به آهي، مگر رياست پوءِ به اکيون ٻوٽي ڇڏي ٿي.

سوال اهو آهي ته ان مولويءَ اهڙي همت ڪٿان آندي؟ اهڙي همت هن ۾ ڪيئن پيدا ٿي؟ ته ڪو شخص يا پارٽي قانون نافذ ڪرڻ واري اداري جي ڪنهن اهلڪار کي سر عام ڌمڪائي ۽ هن کي خبر هجي ته هن جي خلاف ڪجهه به نه ٿيندو. جواب سڌو سنئون آهي ته رياست جي بزدلي ۽ معاشري جي خاموشي.

اها بزدلي صرف حڪومت جي ناهي، بلڪه اها سموري سماج جي آهي. اسان يا ته سڀ خوف کان خاموش آهيون يا مفاد جا قيدي آهيون يا منافقت جي پردي ۾ لڪل آهيون. مذهب جي نالي تي ٿيڻ واري هر بدتميزي کي برداشت ڪرڻ، هر ڌمڪي کي نظرانداز ڪرڻ ۽ هر انتهاپسندي کي “عقيدت” يا “ديني غيرت” جي ناتي سان ڏسڻ، اهو سڀ اسان کي انهيءَ چڪڻ ۾ وٺي آيو آهي جتان کان نڪرڻ هاڻي مشڪل ٿيندو پيو وڃي. اها حقيقت سخت ڪڙي آهي ته اسان وٽ ملان، لٺ ۽ ميڙ قانون کان وڌيڪ طاقتور آهن ۽ جيستائين اها طاقت ختم نه ٿيندي هي ملڪ ڪڏهن به هڪ وقار ڀريو محفوظ ۽ مھذب رياست نه بڻجي سگهندو.

حڪومت کي گهرجي ته مذهبي انتهاپسندي ۽ قانون ٽوڙڻ واري جي خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪري، چاهي اهو ڪيترو ئي وڏو “پير صاحب” يا “ملان مولوي” ڇو نه هجي. نفرت جهڙيون تقريرن ۽ هٿياربند ڌمڪين کي دهشتگردي جي ايڪٽ تحت فورن ڪيسن ۾ شامل ڪيو وڃي. پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن کي سياسي دٻاءُ کان آزاد ڪري قانون نافذ ڪرڻ جي صلاحيت ڏني وڃي. ان سان گڏوگڏ سول سوسائٽي جي ذميداري آهي ته خاموشي ٽوڙي ۽ کلي ڪري قانون جي بالادستي جي حمايت ڪري، چاهي مامرو مذهبي طبقي سان ڇو نه جڙيل هجي. مذهبي اڳواڻن جي احتساب کي “مذهب دشمني” جي بجاءِ شهري ذميواري سمجهيو وڃي. اسان جي ملڪ جي دانشور طبقي جي به وڏي ذميداري آهي ته تحريرن، لڪچرن ۽ ميڊيا جي وسيلي ان ماٺار کي ٽوڙين ۽ ان ڳالهه بابت ڳالهائين ته قانون مذهبي قيادت کان مٿانهون آهي. نوجوان نسل کي مذهبي آزادي ۽ قانون جي بالادستي جي وچ ۾ فرق جو شعور ڏنو وڃي. جيئن ته هن وقت ميڊيا هڪ اهم رول ادا ڪري ماڻهن جي سوچ کي تبديل ڪري سگهي ٿو ان لاءِ ميڊيا کي به سنسي پکيڙڻ جي بجاءِ حقيقتن تي ٻڌل رپورٽون ۽ بيڪ گرائونڊ تحقيقات سامهون آڻڻ گهرجي. مذهبي پارٽين جي تشدد ۽ ڌمڪين کي “ريٽنگ” جي لاءِ گلوريفائي ڪرڻ کان پرهيز ڪري. انهن سڀني ڳالهين سان گڏوگڏ عوام جي پنهنجي به هڪ اڻ کٽ ذميداري آهي ته اهو انڌي عقيدت جي بجاءِ شعور ڀريي حمايت جو رويو اختيار ڪري. اهڙن جلسن، جلوسن ۽ تحريڪن جو حصو نه بڻجي جيڪي قانون کي لتاڙين ٿا ۽ رياست کي ڪمزور ڪن ٿا. جيڪڏهن ايئن اسان پنهنجي ٻولي، قلم ۽ عمل سان بگڙيل فرق کي درست نه ڪيو ته سڀاڻي اهي صرف “ملان مولوي” نه هوندا جيڪي قانون ٽوڙيندا، بلڪه هر اهو اثر وارو گروهه ان عمل ۾ شامل هوندو ۽ پوءِ اسان سڀني جي زندگي هڪ اهڙي جهنگ وانگر گذرندي جتي نه ڪو انصاف هوندو ۽ نه ڪو تحفظ!