پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ وڏي گهٽتائي آئي آهي. هڪ سال ۾ مهانگائي 38 سيڪڙو مان 11 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي آهي. ملڪ جي شمارياتي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ انهيءَ کي 11.8 سيڪڙو ڏيکاريو آهي. موجوده سرڪار، معاشي ماهرن ۽ خزاني واري وزارت جي ڪارڪردگي حيران ڪندڙ آهي. ملڪ جو عوام گذريل ڪجهه سالن کان گهڻي مهانگائي کي منهن ڏيندو رهيو آهي. انهن لاءِ زندگيءَ ۾ سهولت آئي آهي ۽ مهانگائي جي لاٿ جي ڪري اهو فطري آهي ته ماڻهن جي خريداري جي قوت وڌي هوندي. گذريل سالن ۾ ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي شرح وڌندي رهي هئي.
سرڪاري انگن اکرن مطابق 3 جون 2022 تي ختم ٿيڻ واري مالي سال ۾ مهانگائي جي شرح 21 سيڪڙو کان وڌي وئي هئي. اها وڌندي وڌندي 38 سيڪڙو جي سطح تائين وڃي پهتي. مهانگائي عام ماڻهوءَ جي زندگي انهيءَ لاچار ڪري وڌي هئي. لڳو ٿي ته مهانگائي روڪڻ حڪومتن جي هٿ وس نه هئي ۽ نه بازار انهيءَ تي ڪنٽرول ۾ نظر ٿي آئي. ان جو سبب اهو هو ته ملڪي ناڻو ڏينهون ڏينهن پنهنجو قدر گهٽائي رهيو هو ۽ ڊالر جي قيمت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي هئي، هڪ ڊالر 300 رپين جي قيمت جي ويجهو ٿي ويو هو. ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون انهن گذريل سالن ۾ چوٽيءَ تي رسي ويون آهن. روس ۽ يوڪرين جنگ سبب غذائي جنسن ۾ مهانگائي جو رجحان بين الاقوامي رهيو آهي. ان جو اثر اسان جي ملڪ تي به رهيو آهي. اهي ٽئي فيڪٽر اسان جي معاشي ڪارڪردگي سان سڌو سنئون لاڳاپو رکن ٿا. خاص طور تي ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قيمت ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت جو اسان جي معيشت تي سڌو سنئون اثر پوي ٿو. انهيءَ ڪري اسان وٽ مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي هئي. عام ماڻهو لاءِ زندگي هڪ طرح سان مشڪل ٿي پئي هئي. کاڌي پيتي جي شين کان وٺي دوائن تائين جڏهن هر شيءِ مهانگي ٿي رهي هئي، تڏهن سرڪار گذريل سالن کان وٺي هيستائين ماڻهن تي هڪ ٻيو بار وڌو انهيءَ بجليءَ ۽ گئس جون قيمتون وڌائي ڇڏيون. هاڻ به يوٽيلٽي بلز جي ادائگي عام ماڻهن لاءِ مشڪل آهي، تڏهن انهيءَ جون قيمتون مهانگائي جو سڌو سنئون سبب پئي رهيون آهن. ملڪي معيشت ۽ مالياتي مسئلن ۾ ڏکائيون به انهيءَ جو سبب آهن. انهيءَ سڄي صورتحال جي باوجود لڳي ٿو ته نگران وفاقي حڪومتون ۽ صوبائي حڪومتون ۽ موجوده چونڊيل حڪومتون جيڪي 8 فيبروري 2024 تي چونڊن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيون آهن، انهن جي بهترين معاشي ۽ مالياتي پاليسي جي ڪري اسان جون معاشي ۽ مالي حالتون بهتر ٿيون آهن. سڀ کان اهم حصو زراعت جو آهي، زراعت جيئن ته اسان جي معاشي شهه رڳ آهي.
مالي سال 25-2024 ۾ اسان جا فصل بهتر ٿيا آهن اسان جا مک فصل جيئن ساريون، ڪڻڪ، ڪمند ۽ ڪپهه جي پيداوار رڪارڊ سطح تي ٿي آهي. انهيءَ ڪري مارڪيٽ ۾ اٽو، چانور ۽ کنڊ سستا ٿيا آهن. اسان جي آبادگار هڪ دفعو وري اسان تي احسان ڪيو آهي جو انهيءَ ڏينهن رات محنت ڪري زرعي شعبي ۾ بهتر نتيجا حاصل ڪيا آهن. مهانگائي جي گهٽ ٿيڻ جو هڪ سبب زراعت جي شعبي جو ملڪ جي معيشت ۽ ماليات سان ساٿ آهي. مهانگائي جي گهٽجڻ جو ٻيو سبب ملڪ جي اقتصادي ۽ مالياتي پاليسي آهي، جنهن ۾ ناڻي جي پکيڙ کي قابو ڪيو ويو آهي ۽ ملڪ ۾ ڊالر جي قيمت جي ڀيٽ ۾ رپئي جو مستحڪم هجڻ به هڪ سبب آهي. جيڪڏهن وفاقي ۽ صوبائي سرڪارن ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ مهانگائي گهٽ ٿي آهي ته انهيءَ ڪارڪردگيءَ تي حڪومت کي اسان خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. عام عوام جي زندگيءَ ۾ سولائي جي هميشه آجيان ڪبي. مهانگائي 38 سيڪڙو مان جيڪڏهن 11.8 سيڪڙو تي آئي آهي ته اسين سرڪار جي رٿابندي جي اهليت کي مڃون ٿا ۽ مستقبل ۾ به اها اميد رکون ٿا ته اهي اهڙي مالياتي رٿابندي سان پنهنجي حڪومت هلائيندا جيئن مهانگائي قابو ۾ رهي ۽ عام ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهي.