ڪجهه وقت پهرين هڪ نالي واري اردو چئنل سان ڳالهائيندي سنڌ جي وزيراعليٰ سنڌ اندر امن امان جي صورتحال کي تسلي بخش قرار ڏنو هو. ان وقت ساڻس سنڌ جو آءِ جي پوليس ۽ صوبائي وزير داخلا پڻ موجود هو. اڄ جڏهن سنڌ جون اخبارون رڙيون ڪري ٻڌائي رهيون آهن ته سنڌ جي اترئين علائقن ۾ بدامني سبب هندو واپاري انهن علائقن مان لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن.
هن وقت ڌاڙيلن وٽ 19 ماڻهو جن ۾ 8 معصوم ٻارڙا شامل آهن مغوي آهن. سکر واسي ڪٽنب جا 9 ڀاتي هفتي کان وٺي اغوا ٿيل آهن جن ۾ 2 عورتون ۽ 5 ٻارڙا شامل آهن جيڪي پڻ ڌاڙيلن وٽ قيد آهن. انهن خبرن جي ترديد پوليس نه ڪري سگهندي انهيءَ ڪري ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر انهن سڀني خبرن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سکر واسي اغوا ٿيل ڪٽنب ۾ هڪ گينگ ملوث آهي. هنن اهو به چيو آهي ته معصوم ٻارڙن جا فوٽو ۽ وڊيوز ٺاهي جن ۾ ڌاڙيلن طرفان ٻارن تي تشدد ڪيو ٿو وڃي اهي وڊيوز وارثن کي موڪلي کانئن پئسن جي گهر ڪئي ٿي وڃي. هندو توڙي مسلمان واپاري ۽ زميندارن کي ڀتو پهچائڻ لاءِ ڌمڪين وارا پيغام ملن پيا. هڪ مغوي اهڙو به آهي جنهن کي اغوا ٿئي 362 ڏينهن ٿي چڪا آهن، پر اڃان تائين پوليس ان کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. انهيءَ بدامني سبب 400 کان وڌيڪ خاندان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن. هي سڀ ڳالهيون ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر ايئن ٻڌائي رهيا آهن جيئن ڪو صحافي پنهنجي اخبار يا چئنل تي رپورٽ پيش ڪندو هجي. انهن سڀني ڳالهين جي سنڌ جي عوام کي چڱيءَ طرح سان ڄاڻ آهي. اهي خبرون پهچائڻ لاءِ اسان وٽ صحافتي ذريعا موجود آهن. پوليس جو ڪم امن امان قائم ڪرڻ آهي، ماڻهن کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻو آهي ۽ اغوا ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻو آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته چند ڌاڙيل پوري پوليس فورس کان وڌيڪ طاقتور هجن، ان مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته پوليس پنهنجي ذميداري پوري ڪرڻ ۾ شديد قسم جي ڪوتاهي ڪري رهي آهي. مين پاور پوليس وٽ موجود آهي. اربين رپين جا جديد هٿيار سنڌ سرڪار خريد ڪري پوليس جي حوالي ڪيا آهن، ان جي باوجود امن امان جي صورتحال خراب کان خراب ٿي رهي آهي. پوليس کي واضح ڪرڻو پوندو ته هو امن امان قائم ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڇو ڪري ٿي؟ سندس نيت ۾ کوٽ آهي؟ پوليس وٽ گهربل وسيلا موجود نه آهن؟ يا سرڪار ۾ ويٺل ايم پي ايز، ايم اين ايز، منسٽر ۽ پوليس ۾ موجود ڪاريون رڍون سندن رستا روڪ ڪري رهيون آهن؟ يقينن انهن سوالن جو جواب آءِ جي پوليس کي ڏيڻ گهرجي، جيڪو ڪجهه وقت پهرين چئنل تي ويهي چئي رهيو هو ته امن مان جي لحاظ کان سنڌ جي مجموعي صورتحال بهتر کان بهتر ٿي رهي آهي. هي رپورٽون خود پوليس پاڻ ڏئي رهي آهي، انهن رپورٽن مطابق بدامني جي باهه ڀڙڪا ڏئي عوام جي سک ۽ چين کي ساڙي رهي آهي. ڇا انهن ڳالهين جو آءِ جي پوليس جواب ڏئي سگهندو؟ ڇا انهن سوالن جو جواب وزير داخلا سنڌ ڏئي سگهندو يا مراد علي شاهه وزيراعليٰ سنڌ ڏيڻ جي تڪليف ڪندو؟ سنڌ جو عوام سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس کان مطالبو ٿو ڪري ته ماڻهن کي تحفظ ڏيو، ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو جامع آپريشن ڪريو، انهن علائقن جا ماڻهو بدامني جي باهه ۾ سڙي رهيا آهن، انهن کي آٿت ڏيو، انهن جي سنڀال ڪريو. جيڪڏهن ائين نه ٿيندو ته اهي علائقا شريف ماڻهن جي رهڻ جي لائق نه رهندا.
هي ڌاڙيل ناهن هي دهشتگرد آهن ۽ دهشتگردن جي خلاف رياست کي باقائده پلاننگ ڪرڻي پوندي ۽ انهن کي شڪست ڏئي هنن جي وجود کي ختم ڪرڻو پوندو، هنن سان دهشتگردن وارو ورتاءُ ڪرڻو پوندو، ان لاءِ سنڌ حڪومت کي اگر ملڪ ۾ موجود ٻين فورسز جي مدد وٺڻ جي ضرورت پوي ٿي ته وٺڻ کان ڪيٻائڻ نه گهرجي، سنڌ جي عوام کي ڪنهن به صورت ۾ امن امان ڏيڻ گهرجي.