ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تسلي بخش نه آهي، ڪجهه مهينن کان خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون تيز ٿيون آهن، لڳي ٿو ته انهن دهشتگردن کي پاڙيسري ملڪ افغانستان جي مدد به حاصل آهي. ٻئي طرف 8 فيبروري 2024 تي ٿيندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ سياسي پارٽين پاران چونڊ مهم پنهنجي آخري مرحلي ۾ آهي، هن وقت انهيءَ سلسلي ۾ امن امان هڪ بنيادي سوال ٿي اڀريو آهي.
بلوچستان ۾ ڪوئٽا ۽ ضلعي ڪيچ ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار جي گهر ۽ انتخابي دفتر تي دستي بم حملا ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ 5 ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. ملڪ جي سرحدي صورتحال جو جائزو وٺجي ٿو ته ظاهر اهو ٿئي ٿو ته ڄڻ بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان افغانستان ۾ رٿابندي ڪري بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ حملا ڪيا آهن. جنهن ۾ عام ماڻهو سان گڏ سلامتي سان لاڳاپيل ادارن جا فرد ۽ پاڪستان جا فوجي جوان شهيد ٿيا آهن. پاڪستان انهيءَ تي افغان حڪومت سان احتجاج پڻ ڪيو آهي. پاڪستان جو اهو احتجاج جائز آهي، انهيءَ کان اڳ جو ٻنهي ملڪن جا تعلقات خراب ٿين.
افغانستان جي سرزمين کي پاڪستان جي خلاف دهشتگردي ۾ استعمال نه ٿيڻ گهرجي. افغانستان جي حڪومت جو اهو اولين فرض آهي ته اها پنهنجي پاڙيسري سان لاڳاپن کي سڌاري، پاڪستان لڳ ڀڳ اڌ صدي کان افغانستان جو دوست ۽ مدد ڪندڙ ملڪ رهيو آهي. تازو اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل پنهنجي 33هين رپورٽ ۾ اهو ڄاڻايو آهي ته بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان کي القاعده ۽ ٻين عسڪريت پسند تنظيمن سان گڏ افغان طالبان جي سپورٽ به حاصل آهي. اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي اها رپورٽ خطي ۾ خاص طور پاڪستان لاءِ ڳڻتي جوڳي صورتحال کي ظاهر ڪري ٿي ته عسڪريت پسند جيڪي علائقي ۾ سرگرم آهن، انهن پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال کي بگاڙيو آهي.
پاڪستان جي وزارت خارجه جي ترجمان پنهنجي هفتيوار بريفنگ ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي ته پاڪستان کي جن دهشتگرد عناصر مان خطرو آهي، اهي افغانستان ۾ لڪل آهن. ملڪ جي وزارت خارجه بنا ڪنهن هٻڪ جي ان ڳالهه کي واضح ڪيو آهي ته افغانستان دهشتگردي جو مرڪز ٿي رهيو آهي. اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي رپورٽ ۽ پاڪستان جي وزارت خارجه جي 1 فيبروري تي ڏنل بريفنگ ۾ هڪجهڙائي آهي ۽ گذريل ڪجهه مهينن کان اسانجي ڪي پي ڪي صوبي ۽ بلوچستان صوبي ۾ عسڪريت پسند ڪارروايون وڏي پئماني تي ٿيون آهن، جن کي اسانجي سلامتي جي ادارن ۽ پاڪ فوج جي جوانن ناڪام پئي بڻايو آهي، پر اسان جو اهو سوال اتي واجب آهي ته افغانستان جي سرزمين عسڪريت پسندن لاءِ آزاد ڇو ڇڏيل آهي. ماضي ۾ اسانجي حڪمرانن جون به غلطيون آهن، جن افغانستان ۾ طالبان ۽ ٻين ڌرين جي مدد به ڪئي آهي ۽ طالبان جو تازو اقتدار جيڪو دوحا مذاڪرات جي ڪري پاڪستان جي تعاون سان وجود ۾ آيو آهي. ايترو جلدي طالبان اک پور ڪندا انهيءَ جي توقع نه هئي. اسين اهو سمجهون ٿا ته اڄوڪي وزارت خارجه جي ترجمان جي بريفنگ ڳالهه کي واضح ڪيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان صوبن ۾ عسڪري ڪارروائين جي پٺيان جيڪي تنظيمون آهن، انهن کي افغانستان پناهه ڏيو ويٺو آهي. هڪ طرف عالمي عسڪريت پسند القاعده ۽ بندش پيل ٽي ٽي پي جو ڳٺجوڙ اسان کي قبول ڪونهي. اسان بلاشڪ افغانستان جي مسئلي ۾ هزارن جي تعداد ۾ جانيون ڏنيون آهن ۽ اربين رپيا خرچ ڪيا آهن. افغانستان اسانجي صبر کي نه آزمائي. هڪ طرف عسڪريت پسندي آهي ٻئي طرف ملڪ ۾ جيئن اسان مٿي لکي آيا آهيون ته 8 فيبروري 2024 جي چونڊن جي سلسلي ۾ چونڊ مهم جي دوران به امن امان جي صورتحال پيدا ٿي آهي. ڪجهه ڏينهن ٿيا آهن جو ڪي پي ڪي صوبي ۾ چونڊن ۾ بيٺل آزاد اميدوار ريحان زيب ۽ سندس 4 ساٿي قتل ڪيا ويا آهن. اسان نگران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان اهو مطالبو ڪريون ٿا ته اهي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي هر قيمت تي يقيني بڻائين جيئن 8 فيبروري 2024 تي عام چونڊون پُرامن نموني سان ٿي سگهن. رڳو عام چونڊون اسان کان امن نه ٿيون گهرن اسان کي پنهنجي روزمره زندگين ۾ ديرپا امن جي ضرورت آهي، انهيءَ ڪري اسين پاڪستان جي حڪام کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته اسان کي پنهنجي زندگين ۾ امن گهرجي، امن هوندو ته سرمائيڪاري به ٿيندي، زرعي ۽ صنعتي ترقي به ٿيندي، روزگار جا وسيلا به پيدا ٿيندا، انهيءَ ڪري اسين پاڪستان جي حڪومت ۾ سڀني شريڪ قوتن کي اهو ضرور چونداسين ته انهن جي اوليت پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر رکڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي، انهيءَ سلسلي ۾ هر قسم جي ڪوشش جيڪا ضروري هجي اها ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ ترقي جي شاهراهه تي هلي پئي.