آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ صدارتي حڪم نامون جاري ڪري ڪيترن ئي ملڪن جي مٿان واڌو ٽيرف لڳائي سڄي دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو، پر 28 مئي 2025 تي آمريڪي وفاقي عدالت جي ٽي رڪني بينچ ان فيصلي کي رد ڪندي اهو ٽيرف ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي، اهو ڪيس V.O.S Selection هڪ شراب درآمد ڪرڻ واري ڪمپني ۽ ان سان گڏ ٻين ڪيترين ئي ننڍين ڪمپنين گڏجي داخل ڪيو هو، جن جي خيال ۾ کين ڪاروبار ۾ تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو هو. يقينن ان فيصلي سان سڄي دنيا جي واپارين جي اندر خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي آهي.
آمريڪي وفاقي عدالت صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاران وسيع پيماني تي لڳايل ٽيرف کي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. انهيءَ عدالتي حڪم کانپوءِ ٽرمپ جي معاشي پاليسين لاءِ هڪ وڏو سوال پيدا ٿي پيو آهي. ٽرمپ چاهيو ٿي ته واڌو ٽيرف لڳائي آمريڪي عوام لاءِ ملڪ جي آمدني کي وڌائجي ته جيئن عام آمريڪي شهري کي وڌيڪ سهولتون ملي سگهن. گذريل ڪجهه مهينن کان صدر ڊونلد ٽرمپ هڪ طرح سان سڄي دنيا کي هدايتون جاري ڪري رهيو هو. هن جي صدر جي حيثيت ۾ شبيهه هڪ اهڙي رهنما واري هئي، جيڪو دنيا ۾ جنگين ۽ امن جا فيصلا ڪري رهيو هو. معاشي ۽ مالياتي دنيا ڪهڙي هجڻ گهرجي، اهو به ٽرمپ طئي ڪري رهيو هو ۽ دنيا جا ملڪ انهيءَ کي قبول به ڪري رهيا هئا.
آمريڪي وفاقي عدالت جي ٽيرف کي روڪڻ واري فيصلي جي ڪري ائين لڳي رهيو آهي ته پنهنجي صدارت جي مدي جي پهرئين سال ۾ ئي ڊونلڊ ٽرمپ امتحان ۾ اچي ويو آهي. ٽرمپ جڏهن آمريڪي درآمدات تي ٽيرف جو اعلان ڪيو هو، تڏهن دنيا جي ماليات ۽ واپار ۾ وڏي هلچل اچي وئي هئي. دنيا جون اسٽاڪ مارڪيٽون لوڏي ۾ اچي ويون هيون. تيل جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت گهٽجي وئي. سيڙپڪارن واپار مان پئسو ڪڍي سون ۾ سيڙپ ڪئي. آمريڪي صدر پنهنجي ٻئي صدارتي دور ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويو، جو ٽيرف جو معاملو چين ۽ آمريڪا ۾ تصادم جي صورت اختيار ڪري ويو. عالمي معيشت جي سڀ کان وڏي طاقت آمريڪا آهي، پر سندس مقابلي جي معيشت رکندڙ ملڪن سان سندس واپاري راند مناسب نه هئي. چين جڏهن آمريڪي درآمدات تي 84 سيڪڙو ٽيرف لڳائڻ جو اعلان ڪيو ته ٽرمپ انهيءَ تي هڪ طرح سان جواب ڏنو ۽ چين جي درآمدات تي 125 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو.
وفاقي عدالت جي فيصلي کان پهرين ٽرمپ ٽيرف جي حالت اها هئي جو ڪيترن ئي ملڪن تي ٽيرف لڳائڻ کانپوءِ وڌايل ٽيرف کي 90 ڏينهن لاءِ روڪي ڇڏيو ويو. هاڻي سڀئي ملڪ آمريڪي برآمدات تي 10 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندا. جيڪڏهن ٽرمپ انتظاميه کي ائين ئي ڪرڻو هو. يعني ٽيرف کي 10 سيڪڙو تائين هيٺ کڻي اچڻ. تڏهن ٽيرف جي ايتري چرچي جي ضرورت نه هئي. ٽيرف کي 125 سيڪڙو کان جيڪو چين تي لڳايو ويو کي سڀني ملڪن لاءِ 10 سيڪڙو تائين هيٺ کڻي اچڻ کانپوءِ ٽرمپ جي پاليسين لاءِ سوال ته پيدا ٿئي ٿو. وفاقي عدالت جي انهيءَ فيصلي کانپوءِ اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته آمريڪا ۾ ادارا مضبوط آهن. آمريڪي آئين ۽ جمهوريت مضبوط آهي، قانوني ۽ جمهوري روايتون محفوظ آهن. تڏهن ته هڪ فرد جي من مرضي نٿي هلي سگهي. ائين وفاقي عدالت موجود آمريڪي صدر جي فيصلن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ فيصلي سڄي دنيا ۾ وڏا اثر ڇڏيا آهن. عدالت جي انهيءَ فيصلي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سياسي ۽ مالياتي پاليسين کي غير يقيني صورتحال ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.
وفاقي عدالت جي انهيءَ فيصلي کانپوءِ ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي. جاپان، هانگ ڪانگ ۽ ڪوريا ۾ انڊيڪس بهتري طرف وڃي رهيا آهن. وفاقي عدالت جي انهيءَ فيصلي کانپوءِ عالمي ماليات، واپار ۽ سياست تبديل ٿي ويندي. صدر ٽرمپ جي شخصيت اڄ کانپوءِ سوالن جي گهيري ۾ هوندي. خود آمريڪي واپاري ڪمپنين ٽيرف کي وفاقي عدالت ۾ چئلينج ڪيو هو. انهن جو چوڻ هو ته اهي محصول نه رڳو اسانجي ڪاروبار کي خطري ۾ وجهن ٿا. پر انهن سان لاڳاپيل هارين جي خاندان جي معاشي حالت به خراب ٿي ويندي ۽ انهن جي آمدني ۽ خوشحالي تي به اثر پوندا. آمريڪي وفاقي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ اهو چيو آهي ته صدر پنهنجي اختيارن کان تجاوز ڪيو آهي ۽ ٽيرف روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. ٽرمپ انتظاميه انهيءَ جي خلاف اپيل داخل ڪئي آهي. انهيءَ جو فيصلو مستقبل ۾ ٿيندو. موجوده صورتحال ۾ آمريڪا ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ جن ۾ روزمره جي بنيادن تي ڪاروبار ٿئي ٿو. هڪ دفعو ٻيهر نئين صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن.