بلاگنئون

مورو محبتن جو مرڪز آهي، موت جو نه!!

ڪجهه ڏينهن کان مورو جي ڌرتي ٽامو بڻائي وئي آهي، پنهنجي سر زمين ۽ درياءَ تي ڌاڙي خلاف پرامن احتجاج ڪندڙن مٿان سڌيون گوليون هلائي نه رڳو ڪارڪنن کي زخمي ڪيو ويو، پر ڳوٺ لغاري بجراڻي جي ٻن ڳڀرو نوجوانن کي شهادت جو جام پياريو ويو. ظلم جو داستان رڳو اتي ختم نه ٿيو، پر مورو ۾ روڊ تي رکيل زاهد لغاري جي لاش مٿان شيلنگ ڪري بڪتربند گاڏيون مٿان چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جڏهن ته عرفان لغاري جو لاش حيدرآباد مان ڊاڪٽرن کان زوري ڦري ٻن ڏينهن تائين پنهنجي قبضي ۾ ڪري بنا وارثن جي دفنايو ويو ۽ سندس قبر لڪائي ڇڏي. ڳوٺ جي چوڌاري پوليس ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي، ايتري تائين جو قبرستان تي به قبضو ڪري ڪنهن کي به اچڻ نه پيو ڏنو وڃي. مورو سميت سموري علائقي جو پنجن ڏينهن کان نيٽ ورڪ بند ڪري شهري توڙي ٻهراڙيءَ وارن کي پريشان ڪيو ويو آهي. مظلوم لغارين تي ٿيندڙ ظلم جي ڪابه ايف آءِ آر نٿي ڪاٽي وڃي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته مظلوم جي حامين جي گهرن تي ڇاپا هڻي چادر ۽ چار ديواريءَ جو تقدس پامال ڪري کين ڌاڙيلن وانگر اغوا ڪري گم ڪيو پيو وڃي. آخر انهن جو قصور ڪهڙو آهي؟ جنھن ڳوٺ جا ٻار شاھه لطيف جا حافظ ھجن ۽ صبح جو سوير پنهنجي معصوم ٻارڙن کي اسڪول موڪلين جتي هو اسيمبليءَ ۾ وڃي پاڪستان جو قومي ترانو “پاڪ سر زمين شاد باد” جو ورد ڪن اهو ڳوٺ دھشتگرد يا دهشتگردن جو حامي ڪيئن ٿو ٿي سگهي!! افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته رياستي رکوالا وزير ۽ سرڪاري ڪارندا توڙي سندن ڇاڙتا کين پابندي لڳل تنظيم جو ساٿاري چئي رهيا آهن. جڏهن ته مورو سميت هن ڳوٺ جي ڪنهن به فرد جسمم جو اڳواڻ شفيع برفت نه ڏٺو آهي ۽ نه ٻڌو آهي، هي سڄو علائقو پاڪستان جي وجود کان اڳ به محب اهلبيت رهيو آهي ۽ هاڻي به پاڪستان جو حامي ۽ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، پر رياست جا ڪوڙا ۽ مڪار دنيا جي اکين ۾ ڪوڙ جي ڌوڙ وجھي کين دهشتگرد قرار پيا ڏين. انهن ڪڏهن شراب کي ماکي چوندي پنهنجا ڪيس ختم ڪرايا ته ڪڏهن ڪوڙا بيان ڏئي پرامن ماڻهن مٿان گوليون هلرايون ته وري ڪڏهن ڪوڙيون پريس ڪانفرنسون ڪري سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي تيل ڇڙڪيو آهي، اهي مڪار فاسق ۽ فاجر مورو جي ھاري ۽ پورھيت اڳواڻن شھيد عرفان ۽ زاھد لغاري کي بيگناهه رتو ڇاڻ ڪري ظلم جي انتها ڪئي آهي. سندس ڀائرن ۽ مٽن مائٽن توڙي حمايتين کي کنڀي گم ڪيو آهي، مٿن ڪوڙا ڪيس مڙهي دھشتگرديءَ جا قلم هڻي ڇڏيا آھن. سندن تعلق رياستي پابندي مڙھيل تنظيم سان ڏيکاريو ويو آھي. جڏهن ته اهي  ھاري ۽  مزدور هئا. ھو سنڌ ڌرتي ۽ درياءَ جي بحالي ۽ تحفظ جي جاکوڙ ڪري رهيا هئا، ان ڪري ئي موري جا علمي ۽ ادبي دوست سندن حامي هئا جن ۾ قومي ۽ عوامي شاعر راشد مورائي جو فرزند شاهه لطيف سماجي اڳواڻ منظور رند، نديم سيال جي گھر تي چڙھائي اسد سيال، دلبر لغاري علي رضا سومرو سميت ڪيترن ئي شريف شهرين کي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جي انساني حقن جي تنظيمن پڻ مذمت ڪئي آهي. ڇا علم، ادب، شاعري، فن ۽ فطرت سان چاھ رکندڙ ڪڏهن ظلم جي بازار ڪري سگهن ٿا. شاهه ڀٽائي پوري دنيا ۾ امن جو علمبردار آهي هو “عالم سڀ آباد ڪرين” جون دعائون گهرندڙ آهي ته پوءِ  سندس شاعريءَ سان عشق ڪندڙ مورو ۽ آسپاس جا ماڻهو ظالم ۽ غدار ڪيئن ٿا ٿي سگھن. ڪامريڊ ڪومل ۽ ان جي والد مسڪين لغاري سان جڏهن جاڳرتا اسڪول بابت پڇاڻو ڪيوسين ته چيائين پنهنجي خرچ تي اهو اسڪول پيا هلايون خدا کانسواءِ ڪوبه مددگار ڪونهي اهڙا مسڪين ماڻهو جنهن جو پوري دنيا جي عظيم شاعر شاهه لطيف جي پيغام سان عشق هجي انهن مٿان ايڏيون سختيون ڪرڻ جڳائين نٿيون. مورو جي مٺڙن ماڻھن مٿان رياستي رکوالن ۽ سرڪاري ڪارندن توڙي سندن ڇاڙتن جا ڪوڙا الزام ۽ سندن خلاف سازشون، چالبازيون، حرفتون ۽ حرڪتون ڏاڍيون ڏکوئيندڙ آهن. ڇو ته مورو جي مٽي محبتن جي مٽي آهي، جيڪڏهن ان مٽيءَ مٿان نفرت جا ٻج پوکبا ته اهي توهان لاءِ ئي ناسور بڻبا، ڇو ته هن وقت پوري دنيا ڄاڻي ورتو آھي ته سچ ڇا آهي ۽ ڪوڙ ڇا آهي. ان ڪري کين هيسائڻ ڇڏي کين آزاد زندگي گذارڻ ڏيو، سنڌ جا ساڃاھ وند رياست کان سوال ٿا ڪن ته ڇا پنهنجي ڌرتيءَ جي مالڪي ڪرڻ، وسيلن جي سنڀال ڪرڻ ۽ درياءَ جي حفاظت ڪرڻ ڏوهه آهي؟ جيڪڏهن توهان جي نظر ۾ اهو گناهه ڪبيرا آهي ته پوءِ اهو گناهه نه رڳو مورو، پر پوري سنڌ جو ننڍو ٻار ٻچو، ٻڍو جوان، مرد توڙي عورتون اهو ڏوهه ڪندا رهندا. آخر ھيءَ ڪھڙي رياست ۽ سياست آھي جو حق گهرڻ تي گولين جو کاڄ بڻايو ٿو وڃي؟ آخر هيءَ ڪھڙي رياستي جوڙجڪ آھي جو سياسي انتقام جي آڙ ۾ مسڪين کي موت جي وات ۾ وڌو ٿو وڃي. جيڪڏهن توهان جو سياسي دشمن جتوئي خاندان آهي ته مورو شهر ۽ ان جي آسپاس جو امن ڇو تباهه ڪيو ويو آهي؟ اسان جي وڏڙن  ان لاءِ ھي ملڪ ورتو هو ته  اسان جا ٻچڙا بيگناهه ڪٺا وڃن؟ زمينن وسيلن ۽ درياءَ تي قبضا ڪيا وڃن. هاڻي ائين نه ٿيندو جيڪڏهن غلط ڪندو ته مزاحمت ٿيندي ۽ مزاحمت بغاوت ۾ تبديل ٿيندي ۽ هر ماڻهو هاڻي تبديلي چاهي ٿو، ڇو ته غلامي هاڻي گار بڻجي ويئي آهي ۽ غيرتمند ڪڏهن به گار نه سهندو. ان ڪري مورو سميت سڄي سنڌ کي محبت جي حدن ۾ ئي رهڻ ڏيو ته ان ۾ ئي سڀني جو ڀلو آهي هاڻي رياستي بربريت، حڪومتي ڏاڍ ۽ ڪامورڪا قھر ڪرڻ ڇڏي ڏيو ان ۾ ئي توهان ۽ اسان جو ڀلو آهي.