بلاگنئون

چيچن فائيٽرس ڪير آھن؟

روس – يوڪرين جنگ جي محاذ تان جتي نت نون ھٿيارن توڙي تباھين جون تصويرون عالمي ميڊيا جي توجھ جو مرڪز بڻيون ۽ روسي ٽي وي اينڪرن (جن ۾ ھڪ عورت به شامل ھئي) پاران يوڪرين جي جنگي مدد ڪرڻ تي آمريڪا خاص طور تي برطانيا کي پنھنجن ايڊوانسڊ ھائپر سونڪ ميزائيلن زرڪون وغيرہ سان حملن جون وڏي واڪي ڌمڪيون به نظر اينديون رھيون، اتي ھڪ نالو عالمي ميڊيا ۾ ڏاڍو مشھور ٿيو آھي، جيڪو يوڪرين لاءِ خوف جي علامت بڻيل رھيو آھي، بلڪه نيٽو جون ننڊون ڦٽڻ جو سبب پڻ اھو شخص آھي، رمضان قادروف، جنھن جو تعلق چيچنيا جي خطي سان آھي. رمضان قادروف ۽ ان جي چيچن فائيٽرس روس پاران يوڪرين خلاف وڙھندي پنھنجي ھڪ نئين ڏيک توڙي تعارف جو اظھار ڪيو آھي. عالمي ميڊيا ۾ ھنن کي دھشت جي علامت ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. ھنن جي جنگي مھارتن بابت رپورٽون به نشر ڪيون ويون. ھتي اسين يوڪرين خلاف وڙھندڙ چيچن ويڙهاڪن ۽ انھن جي اڳواڻ رمضان قادروف بابت ڄاڻڻ کان پھرين سندن ديس چيچنيا بابت تاريخي حوالي سان جائزو وٺنداسين.

چيچنيا چيچن جمھوريه سڏجي ٿو، جنھن کي چيچنيا به سڏيو وڃي ٿو. چيچنيا روسي سلطنت جي ھڪ حصي ۾ واقع آھي. ھن کي ھڪ نيم خودمختيار رياست به چئي سگھجي ٿو. جنھن جو روس سان الحاق آھي. چيچنيا ھڪ خوبصورت خطو ۽ مسلم اڪثريتي رياست آھي. چيچنيا جي پکيڙ 17،300 ڪلوميٽر يا 6،700 چورس ميل آھي. ھن جي 2010ع واري آدمشماري موجب ڪل آبادي 1،268،989 آھي. جنھن جي گادي جو ھنڌ گروزني آھي. ھن جي پارليامينٽ به آھي. ھن جو سربراھ رمضان قادروف آھي. چيچنيا جون سرڪاري ٻوليون روسي ۽ چيچن آھن. ھن جو سائي ۽ ڳاڙھي رنگن تي مشتمل ھڪ جھنڊو به آھي. چيچنيا اتر ڪوھ قاف ۽ اوڀر يورپ ۾ واقع آھي. ھي ڪيسپيئن سمنڊ کي ويجھو آھي. ھن جون سرحدون جارجيا ملڪ سان به ملن ٿيون.

1991ع ۾ جڏھن سوويت يونين ٽٽو ته چيچنيا پنھنجو پاڻ کي ھڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ ڊڪليئر ڪيو، پر روس کي اھو گوارا نه ھو. نتيجي ۾ 1994ع کان 1996ع تائين ٻنھين ۾ زبردست جنگ ھلي. روس ڪجھ وقت بعد پير پوئتي ڪيا. 1999ع وري ٻيھر لڙائي ٿي. جنھن ۾ روسي فوج چيچنيا ۾ قھر ڪندي وڏي بربريت ڪئي ۽ چيچنيا کي روس جي ڪنٽرول ۾ آڻي ڇڏيو. گروزني شھر کي تباھ و برباد ڪيو ويو. ڪجھ وقت چيچن ويڙھاڪن گوريلا ڪارروايون ڪيون. بعد ۾ رمضان قادروف جي پيءَ پنھنجي ساٿين کي ڇڏي ڏنو ۽ ان ۽ روس جي وچ ۾ صلح ٿي وئي. چون ٿا اھو پنھنجن ئي پراڻن ساٿين ھٿان 2004ع ۾ مارجي ويو. پوءِ ان جو پٽ رمضان قادروف اتي جو صدر ٿيو. اھو چيچنيا جتي سدائين روس کان الڳ ٿيڻ جا نعرا لڳايا ويندا ھئا، اتي ھاڻي رمضان قادروف روس دوستيءَ جو نئون رنگ پکيڙي ڇڏيو. روس جي ڳڻتي به گهٽجي وئي ته چيچنيا کي به فائدو ٿيڻ لڳو. چون ٿا ته اتي جي بجيٽ روس کانFinance ٿئي ٿي. چيچنيا ۾ نيون نيون بلڊنگون اڏجڻ لڳيون، رمضان قادروف به امير ماڻھو ٿي ويو. ھي روسي صدر پيوٽن جي نھايت ئي ويجھن بلڪه بنھ اعتبار جوڳن ماڻھن ۾ ڳڻجڻ لڳو. ايتري قدر جو يوڪرين جنگ ڇڙڻ وقت روسي صدر جي ھڪ اشاري تي پنھنجي خطرناڪ فائيٽرس کي وٺي آپريشن يوڪرين کي انجام تائين پھچائڻ لاءِ نڪري ويو. چيچن فائيٽرس روسي فوج سان گڏ يوڪرين جي اوڀر جي ڊونباس جي ڪئين علائقن ۾ يوڪريني فوج تي قھر بڻجي ٽٽا، پر رمضان قادروف جنگ دوران ايستائين به چيو ھو ته ”ھن جي فائيٽرس کي کلي ڇوٽ ناھي ڏني وئي، اگر ھن کي ۽ ھن جي فوجين کي کلي ڇوٽ ڏني وڃي ھا ته ڪجھ ئي ڏينھن ۾ جنگ کي ختم ڪري ڇڏي ھا“

رمضان قادروف چيچنيا جا اندروني امور ھلائي ٿو. رمضان قادروف حقيقت ۾ مضبوط اعصاب جو مالڪ آھي، جنھن کي يوڪرين جنگ ۾ پنھنجن فائيٽرس سان گڏ بار بار ميڊيا تي ڏيکاريو ويو آھي. ڪٿي ھو يوڪرين جي فتح ڪيل علائقن ۾ گشت ڪندي ته ڪٿي پنھنجن فائيٽرس جي جٿن کي دليراڻي انداز ۾ خطاب ڪندي ڏيکاريو ويو.

ھن متعلق انفارميشن ٽي.وي جي ھڪ معلوماتي وڊيو ۾ ٻڌايل آھي ته ”ھي چيچنيا جو موجودہ صدر به آھي، ھي 5 آڪٽوبر 1976ع تي چيچنيا جي ضلعي سينيٽوري ۾ پيدا ٿيو ۽ ھن ھڪ شاھي خاندان ۾ اک کولي. ھي چيچنيا جي اڳوڻي صدر ايڪمت قادروف جو پٽ آھي. رمضان قادروف جا ٻه ڀائر ۽ ھڪ ڀيڻ به آھي، پر ھن کي سندس فيصلا ڪُن صلاحيتن جي بنياد تي وقت اچڻ تي صدارت جي منصب تي فائز ڪيو ويو. ھي ھڪ ھوشيار شخص به آھي، جنھن چيچنيا قوم کي دنيا جي ترقي يافته قومن جي صف ۾ آڻي بيھاريو. ھي ھڪ محنتي ۽ ذھين شخصيت جو مالڪ آھي. ھي پاڻ کي ھر طرح جي سرگرمي ۾ مصروف رکي ٿو“

ھن بابت وڌيڪ تحقيق ڪرڻ تي پتو پيو ته رمضان قادروف ھڪ دلچسپ شخصيت جو مالڪ آھي، ھي جانورن سان محبت به ڪري ٿو. ھن پنھنجي شاھي گھر جي باغيچي ۾ ڪئين چوپاين جانورن سان گڏ شينھن ۽ واڳونءَ جھڙا خطرناڪ جانور به پالي رکيا آھن. سوشل ميڊيا تي ھي ڪئين ڀيرا پنھنجن انھن جانورن سان فوٽو ڪڍرائي اپلوڊ به ڪري چڪو آھي. ھن جو چوڻ آھي ته ”انسان جڏھن انھن جانورن سان زندگي گذاري ٿو ته ان تجربي سان دشمن جون چالون سمجھڻ ۾ آساني ٿئي ٿي“. ھي جم ۾ به ويندو آھي، جتي سخت ورزش ذريعي جسم کي پٿر بڻائيندي اھو پيغام ڏي ٿو ته ”پنھنجو پاڻ کي ھر چيلينج لاءِ تيار رکو“.

رمضان قادروف پنھنجي آرمي جي سکيا به حاصل ڪري چڪو آھي، ھو ٻارھن قسمن جا ھٿيار خود ھلائي سگھي ٿو. مارشل آرٽس ۾ به مھارت رکي ٿو. ھو ملڪي سرحدن جي حفاظت خاطر پنھنجي قوم ۽ فوج لاءِ ھڪ مثال بڻجي دنيا آڏو بيٺل آھي. ھن خوبرو مسلم نوجوان پنھنجي خوبين جي بدولت دنيا کي متاثر به ڪيو آھي. ھن جي خوبين ۽ چيچن قوم جي مھمان نوازي ڏسڻ جي غرض سان بيشمار مشھور ماڻھو (Celebrities) ھن سان ملاقات ڪري چڪا آھن.

گذريل سال روس – يوڪرين جنگ ڇڙڻ بعد چيچن فائيٽرس سان گڏ رمضان قادروف جو نالو بار بار عالمي ميڊيا تي ايندو رھيو. عالمي ميڊيا ۾ رمضان قادروف جي باري ۾ ھن ريت به چوندي ٻڌو ويو ”خونخوار ويڙھاڪ پنھنجيkiller brigade سان گڏmission تي نڪري وڃي ٿو. ھنن ڏينھن يوڪرين جي ڌرتي تي موت جو خوف ورھائي رھيو آھي“ گرمي جي ڏينھن ۾ يوڪريني گادي جي ھنڌ ڪيف تي قبضي جي ويڙھ ۾ به قادروف ۽ ان جي چيچن فائيٽرس تي سندن موجودگي جا الزام لڳا. يوڪرين جي وڏي صنعتي شھر ماريوپول ۾ روس جيڪا تباھي مچائي، بربادي جو جيڪو منظر چِٽيو، ان جي پلان لاءِ رمضان قادروف ۽ ان جي چيچن اسپيشل فورس کي ذميوار ٻڌايو ويو. اھو ئي نه يوڪريني علائقن ڊونيسڪ، لوھانسڪ ۽ خارڪيف جي لڙائي ۾ به چيچن ويڙھاڪن جي شامل ھئڻ جي دعويٰ ڪئي وئي. ھن ئي سال عالمي ميڊيا رمضان قادروف تي اھي به الزام ھنيا ھئا ته ھن روسي صدر پيوٽن جي چوڻ تي شام(Syria) ۾ ايتريون قبرون کنيون جو رمضان قادروف جو نالو ٻڌي ماڻھن ۾ خوف ڊوڙي ويندو ھو. رمضان قادروف ھڪ انٽرويو ۾ ھڪ پستول ڏيکاريندي چيو ھو ته ”ھي اھو پستول آھي جنھن سان نازي ھٽلر خودڪشي ڪئي ھئي. قادروف چيو ته ھيءَ ھميشهLoaded رھندو آھي. ان کي پيوٽن جي حڪم جو انتظار آھي. ھن پستول کي يوڪريني صدر زيلنسڪي لاءِ رکيو آھي، اھا ساڳئي ڪار زيلنسڪي سان ڪئي ويندي“

تازو ڪجھ ڏينھن اڳ روسي شھر بيلگراد ۾ وڌندڙ يوڪريني حملن کان تنگ ٿي ان جي تحفظ جي ذميواري چيچن فائيٽرس کي ڏني وئي آھي. بيلگراد روس جو يوڪرين جي بارڊر جي ويجھو شھر آھي. جنھن ۾ باھ لڳڻ جا غير متوقع واقعا ۽ ڊرون حملا جن کي روس دھشتگردي قرار ڏئي يوڪرين تي الزام عائد ڪندو رھيو آھي. عالمي ميڊيا ۾ ھن سال 17 جون تي خبر آئي ته روسي شھر بيلگراد ۾ چيچن ڪمانڊر رمضان قادروف دعويٰ ڪئي ته بيلگراد جي تحفظ جي ذميواري ھاڻي چيچن فائيٽرس جي آھي. جن جي ھڪ گروپ کي اتي ۽ باڊر جي علائقي جي چيڪ پوسٽن تي تعينات ڪيو ويو آھي.

خير، ھھڙا جنگجو جٿا عالمي طاقتن جي ضرورت رھيا آھن، پر انھن کي ھٿي ڏئي ذاتي مفاد ماڻڻ ڪنھن به طرح درست قرار نٿو ڏئي سگھجي، ڇو ته ھي منفي رجحان آھي، جنھن سان عالمي امن کي خطرا درپيش رھندا. ھڪ طرح سان ھي جٿا نيٽو اتحاد جي منفي پاليسين جو نتيجو به چئي سگھجن ٿا. مذڪورہ جنگ ۽ عالمي طاقتن جي تڪرارن سبب سڄي دنيا نه رڳو فڪرمند آھي، پر غير يقيني صورتحال جو شڪار به آھي. مذڪورہ جنگ سبب اتان جي آبادي کاڌ خوراڪ جي شين جي اُڻاٺ توڙي انھن جي قيمتن ۾ واڌ، توانائي جي قيمتن ۾ اضافي سميت ڪئين مسئلن ۽ مونجھارن ۾ پيسجي رھي آھي. ان جي پُر امن آئندي لاءِ ٻرندڙ تڪرار تي ڳالھين وسيلي حل ڪڍيا وڃن ته جيئن عالمي امن کي ھٿي ملي ۽ انسانيت جنگ جي وڌيڪ المين کان بچي سُک جو ساھ کڻي سگھي.!

***