آمريڪا جي صدر ايران تي نيون پابنديون لڳائي ڇڏيون
آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب جي تيل جي کوهن تي حملي ۾ سعودي عرب پاران ايران کي مبينا طور ملوث ڄاڻائڻ بعد ايران تي نيون پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن. ياد رهي ته ڪالهه سعودي عرب اهڙا ثبوت پيش ڪيا هئا جنهن مطابق تيل جي کوهن تي حملو ايران پاران ڪيو ويو هو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي لکيو آهي ته مان خزاني واري وزير کي ايران تي نيون پابنديون لڳائڻ جو چئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته آمريڪي صدر پابندين جي نوعيت جي باري ۾ ڪجهه به نه چيو آهي. ياد رهي ته چار ڏينهن اڳ سعودي شهر بقيق جي تيل جي کوهن تي ڊرون سان حملو ٿيو هو جنهن سان تمام گهڻو مالي نقصان پهتو هو. جنهن بعد آمريڪا چيو ته اهو حملو ايران ڪيو آهي جڏهن ته سعودي عرب خاموش رهيو جنهن ڪالهه اهڙا ثبوت پيش ڪيا جنهن مطابق اهو حملو ايران پاران ڪيو ويو هو. ساڳئي وقت سعودي عرب چيو هيو ته عالمي طاقتون هن معاملي ۾ مداخلت ڪن جڏهن ته ايران پاران آمريڪا ۽ سعودي عرب جي الزام کان انڪار ويو ويو آهي.

