خاصنئون

 اسان جا دروازا کليل آهن، طالبان جو ٽرمپ کي پيغام

طالبان پاران ٽرمپ کي پيغام ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي صدر ٻيهر ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ته ان لاءِ دروازا کليل آهن. طالبان جي ترجمان چيو آهي ته ڳالهيون افغانستان ۾ امن لاءِ واحد رستو آهن. افغان ترجمان جو هي بيان آمريڪا جي صدر پاران ڳالهيون ختم ڪرڻ جي هڪ هفتي بعد آيو آهي. ياد رهي ته طالبان ۽ آمريڪا ۾ ڪجهه عرصي کان ڳالهيون هلي رهيون هيون جنهن دوران ئي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جنگ بندي نه هجڻ سبب ئي طالبان آمريڪا مٿان حملا ڪندو رهيو، جنهن جي ڪري آمريڪا جي صدر ڳالهيون منسوخ ڪري ڇڏيون هيون. جڏهن ته ٻئي ڌريون مسئلي جي حل لاءِ هڪ معاهدي تحت ويجهو اچي ويون هيون.