خاص

شاهزيب قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار شاهه رخ جتوئي کي اڄ آزاد ڪرڻ جو امڪان

شاهزيب قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار شاهه رخ جتوئي جي اڄ آزاد ٿيڻ جو امڪان آهي، شاهه رخ جتوئي کي 10 سالن کانپوءِ آزاد ڪيو ويندو. تفصيل موجب شاهزيب قتل ڪيس جي جوابدارن جي آزادي واري معاملي تي اڄ ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد شاهه رخ جتوئي ۽ ٻين کي آزاد ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ رجسٽري پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ کي حڪم نامو اماڻيو ويو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جيل اختيارين کي جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندو. ڪاغذي ڪارروائي مڪمل نه ٿيڻ سبب شاهه رخ جتوئي ۽ ٻيا ڪالهه آزاد نه ٿي سگهيا.