اڄ جي دنيا ۾ هڪ ٻي سرد جنگ جنم وٺي رهي آهي، پر اها جنگ پراڻي سرد جنگ جيان ٻن نظرياتي بلاڪن جي وچ ۾ نه، بلڪه اولهه جي سامراجي نظام ۽ ڏکڻ جي محڪوم قومن جي وچ ۾ هڪ ڳوڙهو نظامي ٽڪراءُ آهي. آمريڪا جيڪو عالمي سرمائيداري جو مرڪز آهي، پنهنجي بالادستي واري زوال کي محسوس ڪري رهيو آهي. (لينن 1916) جي مطابق امپريلزم ڪا وقتي حڪمت عملي ناهي، بلڪه سرمائيداري جو “اعليٰ ترين مرحلو” آهي، جيڪو ناڻي جي بحران کان نڪرڻ جو وسيلو بڻجي ٿو. اڄ اهوئي مرحلو آمريڪي سامراج جي وسيلي ظاهر ٿي رهيو آهي، جيڪو پنهنجي تسلط کي برقرار رکڻ جي لاءِ فوجي معاهدن، مالياتي دٻاءُ ۽ نظرياتي هٿيارن جو استعمال ڪري رهيو آهي.
ان نئين سرد جنگ جو مرڪز ڏکڻ ۽ اولھ ايشيا آهي، جتي تاريخي ڇڪتاڻ، سرحدي ٽڪراءَ ۽ وسيلن جي سياست سموري خطي کي عالمي سامراجي راند جو ميدان بڻائي ڇڏيو آهي. انهن ملڪن جا حڪمران طبقا نوآبادياتي ذهنيت جا وارث آهن، جيڪي خود مختياري جي دعويٰ جي باوجود عالمي سرمائيداري نظام جا نوڪر بڻجي چڪا آهن، مگر عوامي شعور هينئر بيدار ٿي رهيو آهي ۽ اهو ان حقيقت کي سمجهڻ لڳو آهي ته علاقائي سالميت ۽ گڏيل خود مختياري کان بنا ڪا حقيقي آزادي ممڪن ناهي.
مارڪس جي مطابق امپريلزم هڪ اهڙو معاشي ۽ سياسي ڍانچو آهي، جنهن جي وسيلي ترقي يافته ملڪ گهٽ ترقي يافته ملڪن کان ملڪن کان مزدور جو پيدا ڪيل اهو حصو جيڪو هو پنهنجي محنت سان پيدا ڪري ٿو، پر ان تي سرمائيدار قبضو ڪري ٿو. جنهن کي سرپلس ويليو چئجي ٿو نپوڙين ٿا. لينن ان تجزيي کي اڳتي وڌائيندي ٻڌايو ته عالمي منڊي تي ڪنٽرول ۽ مالياتي ناڻو عالمي جنگين ۽ ملڪن مٿان قبضو ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ سڌو سنئون نوآبادياتي تسلط ختم ٿيو، پر ان جي جاءِ ڊي ڪالونائيزيشن ورتي. ايمانول والرسٽين جيڪو هڪ سماجيات جو ماهر هو هن ورلڊ سسٽم ٿيوري جي ڪري شهرت ماڻي. سندس نظريي مطابق دنيا جي ملڪن کي الڳ الڳ ڪري نه، پر هڪ واحد عالمي سرمائيداراڻي نظام جي حصي طور ڏسڻ گهرجي. هن عالمي نظام کي ٽن مکيه علائقن ۾ ورهايو مرڪز، ترقي پذير ۽ ڪمزور ملڪ جيڪي خام مال، سستو مال مهيا ڪن ٿا ٽيون اهي ملڪ جيڪي مرڪزي ملڪن لاءِ ڪناري جو ڪم ڪن ٿا، پر پاڻ به ڪناري وارن ملڪن جو استحصال ڪندا آهن. سندس چوڻ مطابق ته هي نظام سورهين صدي عيسوي ۾ شروع ٿيو ۽ اهو ئي عالمي سطح تي اڻبرابري ۽ توازن ۾ کوٽ جو سبب بڻيو. سندس تجزيي مطابق اهڙي نظام جي خاتمي تي زور ڏيڻو هو جيڪو فطري طور تي برابري پيدا نٿو ڪري ۽ ملڪن جي وچ ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورهاست کي روڪي ٿو. سندس نظريو وڌيڪ برابري واري نظام نئين سوشلسٽ نظام جي حمايت ڪري ٿو، جيڪو جمهوري منصفاڻو ۽ غير استحصالي هجڻ گهرجي. جتي عالمي وسيلا، پيداوار جا فائدا وڌيڪ برابري سان ورهائجن.
وجي پرشاد (2022) جي مطابق آمريڪا ۽ ان جا اتحادي فوجي اڏن، مالياتي پابندين ۽ ڊجيٽل نگرانيءَ جي وسيلي “هائبرڊ امپريلزم” جي وسيلي اڻ سڌو تسلط قائم ڪري رهيا آهن.
اها نئين سرد جنگ گذريل صدي جي سرد جنگ کان مختلف آهي، جيڪا ٻن نظرياتي نظامن جي جنگ ناهي، بلڪه هڪ ئي سرمائيداراڻي نظام جي اندر طاقت جي نئين سر ورهاست آهي. آمريڪا جو اصل نشانو چين آهي، پر چين جو گهيراءُ ڪرڻ جي لاءِ ڏکڻ ۽ اولھ ايشيا جي ملڪن کي استعمال ڪيو پيو وڃي. ڀارت، پاڪستان، ايران ۽ افغانستان هينئر ان سامراجي ڍانچي جا مرڪزي ميدان بڻجي چڪا آهن.
نيريندر مودي جي دور ۾ ڀارت آمريڪي بلاڪ سان گڏجي ويو آهي. ڪواڊ (QUAD) جهڙا فوجي معاهدا ان جا مثال آهن، پر اندروني طور تي ڀارت ۾ سرمائيداري ۽ مذهبي قومپرستي جو ڳٺ جوڙ وڌي چڪو آهي. لبرل اڪنامڪ پاليسين طبقاتي ۽ مذهبي ورهاست کي ڳوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. مارڪس ۽ اينگلز جي مطابق “حڪمران طبقي جا خيال ئي هر دور جا غالب خيال هوندا آهن” ڀارت ۾ اهوئي رجحان قومپرستي جي شڪل ۾ ظاهر آهي.
پاڪستان جي رياست پنهنجي وجود کان ئي ٻاهرين دارومدار جو شڪار رهي آهي. حمزه علوي (1983) جي مطابق اها هڪ وڌيڪ ترقي يافته نوآبادياتي رياست آهي، جنهن ۾ طاقت جو توازن فوج ۽ بيوروڪريسي وٽ آهي، پر معيشت ٻاهرين امداد تي دارومدار رکي ٿي. آمريڪا سان فوجي لاڳاپا افغان جنگ ۾ ڪردار ۽ عالمي مالياتي ادارن تي دارومدار هن کي خود مختياري کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، پر موجوده معاشي بحران ۽ خطي ۾ طاقت جي بدلجندڙ توازن ان دارومداري ڍانچي کي چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.
چين آمريڪي بالادستي کي چيلينج ڪري رهيو آهي، پر ساڳئي وقت پاڻ به عالمي سرمائيداراڻي نظام کي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي. بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو (BRI) ايشيا جي معاشي نقشي کي بدلائي ڇڏيو آهي، پر ان سان نئين اڻبرابري به پيدا ٿي رهي آهي. ايران آمريڪي پابندين جي باوجود به مزاحمت ڪري رهيو آهي ۽ مغربي مالياتي نظام ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ٿو. اهي ٻئي ملڪ ڏکڻ ايشيا جي لاءِ خود مختياري ۽ داررومدار جي وچ ۾ جدلياتي ڇڪتاڻ جي نشاني آهن.
افغانستان سامراجي سياست جو سڀ کان وڏو الميو آهي. ڏهائين کان جنگين هن کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي واپسي کانپوءِ به هي ملڪ عالمي تسلط کان آزاد نه ٿي سگهيو. جيئن ته فينون چيو هو “نوآباديات ۾ ظالم ۽ مظلوم هڪ ئي ڄار ۾ ڦاٿل هوندا آهن.”
ڏکڻ ايشيا ۾ امپريلزم جي تسلسل جو بنيادي سبب اندريان حڪمران طبقا آهن، اهو comprador bourgeoisie طبقو سرمائيداراڻي مرڪز ۽ مقامي سماج جي وچ ۾ دلال جو ڪردار ادا ڪري ٿو. اهو طبقو قومي آزاديءَ کي سرمائيداراڻي مفاد جو پوئلڳ ڪري ٿو ۽ سندس حب الوطني صرف هڪ ڏيکاءُ هوندو آهي. سميرا مين جي مطابق نوآبادياتي آزادي “بنا خود مختياري وارين رياستن” کي جنم ڏئي ٿي. انهن ملڪن جا فيصلا قومي اسيمبلين ۾ نه، بلڪه واشنگٽن، لنڊن ۽ آئي ايم ايف جي آفيسن ۾ ڪيا ويندا آهن.
مارڪسي فڪر اسان کي سيکاري ٿو ته حقيقي آزادي حب الوطني جي تنگ نظر دائري کان اڳتي آهي. حب الوطني جيڪڏهن حڪمران طبقي جي هٿ ۾ هجي ته هڪ نظرياتي ڄار بڻجي وڃي ٿي، جيڪا طبقاتي شعور کي قومي تعصب ۾ بدلائي ڇڏي ٿي. جيئن ته روزا لڪسمبرگ چيو هو، “محنت ڪش طبقي جو وطن انقلاب آهي، ڪا قوم ناهي.” پاڪستان، ڀارت، ايران ۽ چين جا محنت ڪش طبقا هڪ ئي عالمي سرمائيداراڻي نظام جي تحت استحصال جو شڪار آهن. چاهي انهن جون حڪومتون مختلف ملڪن ۾ بيٺيون هجن، اهو خطرو آهي ته سامراجي ٽڪراءُ خطي کي تباهه ڪري ڇڏي، پر اهو موقعو به آهي ته مظلوم قومون پنهنجي گڏيل تقدير کي سڃاڻن ۽ علاقائي بين الاقواميت جو بنياد رکن.
اهو اهڙو ئي خواب آهي انڊونيشيا جي بانڊونگ ڪانفرنس 1955 ۾ ڏٺو هو. هڪ ٽين دنيا جو نظريو جيڪو سامراجي بلاڪن کان آزاد هجي. اڄ اسان کي ان نظريي کي نئين سر زنده ڪرڻ جي ضرورت آهي. صرف سفارتي سطح تي نه، بلڪه عملي ۽ معاشي سطح تي زمين جو سڌارو، صنعتي نيشنلائزيشن. گلوبل سائوٿ ۾ جاري سرد جنگ محض طاقت جي جنگ ناهي، بلڪه سرمائيداري جي آخري مرحلي جي نشاني آهي. آمريڪي سامراج جي جارحاڻي پاليسي اصل ۾ زوال پذير نظام جي ڪمزوري جي نشاني آهي، پر اهو بحران هڪ نئين امڪان کي به جنم ڏئي ٿو. مظلوم قومن جي بيداري ۽ انهن جي وچ ۾ حقيقي ٻڌي جو امڪان، ڏکڻ ايشيا جي عوام کي ڪنهن به عالمي طاقت جو مهرو بنجڻ کان انڪار ڪرڻو پوندو. انهن جو ڇوٽڪارو نه واشنگٽن جي ماڊل ۾ آهي ۽ نه بيجنگ جي ماڊل ۾، بلڪه پنهنجي خود مختياري نئين سر سوشلسٽ نظام تعمير ڪرڻ ۾ آهي.
جيئن مارڪس چيو هو: ”محنت ڪش طبقي جي آزادي، پاڻ محنت ڪش طبقي جو عمل آهي.” حب الوطني جي حدن کان نڪري جڏهن ڏکڻ جون قومون حقيقي ٻڌي کي دريافت ڪنديون، تڏهن اها نئين سرد جنگ عالمي آزادي جو نئون صبح بڻجي سگهندو.