ايڊيٽوريلنئون

فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جون ٽيمون فائنل، ڇا لياري جو ٽيلنٽ استعمال ڪري فيفا ۾ شامل ٿي سگهجي ٿو؟

فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جنهن جي ميزباني هن ڀيري آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو گڏجي ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ 48 ٽيمون حصو وٺنديون. ٽيمن جي گروپنگ جو اعلان ٿي چڪو آهي. هن ڀيري نئون فارميٽ استعمال ڪندي ٽيمون ٺاهيون ويون آهن ۽ گروپ ڊرا ڪيا ويا آهن. جنهن ۾ A کان وٺي L تائين گروپ ٺاهيا ويا آهن. ان کان علاوه ان ۾ يونين آف يورپين فٽبال ايسوسئيشن (UEFA) به هڪ رانديگر ٽيم طور شامل آهي. هي هڪ فٽبال کي هلائيندڙ ڇهن براعظمن جو ادارو آهي. اهو ادارو عالمي فٽبال اداري فيفا جو اهم ميمبر آهي. UEFA ۾ يورپ جون 55 قومي فٽبال ايسوسئيشنون شامل آهن. اهو ادارو يورپ ۾ فٽبال کي فروغ ڏيڻ، ان جي حفاظت ڪرڻ ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندو آهي. جنهن جا منظم ڪلب مقابلا، چئمپين شپ مقابلا ۽ ٽورنامينٽون ٿينديون رهنديون آهن.

هي ادارو ورلڊ ڪپ کانپوءِ دنيا جو ٻيو نمبر سڀ کان وڏو قومي ٽيمن جو ٽورنامينٽ آهي. جيڪو هر چئن سالن کانپوءِ منعقد ٿيندو آهي. فيفا عالمي فٽبال راند کي سنڀالي ٿو، جڏهن ته UEFA يورپي ملڪن ۾ فٽبال جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪري ٿو. فيفا ان ڪري اهم آهي جو هي دنيا جو سڀ کان وڏو راندين جو ادارو آهي ۽ فٽبال جي عالمي ضابطن کي مقرر ڪري ٿو. سڄي دنيا ۾ فيفا ورلڊ ڪپ جو هڪ وڏو شائقين جو انگ موجود آهي. فيفا ورلڊ ڪپ هر چئن سالن کانپوءِ منعقد ٿيندو آهي. فٽبال کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هي ميمبر ايسوسئيشن کي مالي مدد پڻ فراهم ڪري ٿو. هن قسم جا راندين جا ٽورنامينٽس ۽ ورلڊ ڪپ اربين رپين جو ڪاروبار پيدا ڪن ٿا. فيفا نه صرف مردن جو، بلڪه عورتن جو ورلڊ ڪپ به منعقد ڪرائيندو آهي.

سڄي دنيا ۾ 4 ارب فٽبال جا شوقين موجود آهن. جڏهن ته ڪرڪيٽ جا 2.5 ارب مداح آهن. 1930ع کان فيفا ورلڊ ڪپ يوراگوئي ۾ شروع ٿيو ۽ هن وقت تائين ڪاميابيءَ سان هر چئن سالن کانپوءِ منعقد ٿيندو رهي ٿو. پاڪستان جي شهر ڪراچي جي علائقي لياري ۾ نوجوانن جي هڪ وڏي آبادي فٽبال راند جي مداح آهي، جتي فٽبال راند دلچسپي سان کيڏي به وڃي ٿي ۽ جڏهن بين الاقوامي رانديون ٿين ٿيون ته انهن کي ڏسڻ جو بندوبست به ڪيو وڃي ٿو. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ حڪومتي سطح تي فٽبال راند کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ ڪي به بنيادي قدم نٿا کنيا وڃن. پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي اندر هميشه ڇڪتاڻ رهي ٿي. جنهن جي ڪري ان راند کي پاڪستان ۾ وڌڻ ۽ ويجهڻ جو موقعو نه ملي سگهيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان ۾ فٽبال راند کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بنيادي ڍانچو گراس روٽ ليول کان ٺاهيو وڃي.

پاڪستان ۾ فٽبال جي لاءِ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، پر صرف انتظامي نااهلي جي ڪري اها صلاحيت استعمال نه ٿي سگهي آهي. افسوس ته پاڪستان ۾ راندين جا ادارا به سياست جي نظر ٿي وڃن ٿا، جنهن جي ڪري اهو نوجوان جيڪو حقيقي رانديگر بڻجي پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ عزت ڏياري سگهي ٿو، انهن کي پٺتي ڌڪي انهن رانديگرن کي اڳيان آندو وڃي ٿو جيڪي ڪنهن سياسي شخصيت جا ڀائيٽا، ڀاڻيجا هوندا آهن يا ان جي دوستن جا ٻار هوندا آهن. اهوئي سبب آهي جو لياري جي علائقي ۾ رانديگر ته موجود آهن، پر انهن جي پيشه وراڻي تربيت نه هجڻ جي ڪري ۽ ان راند کي کيڏڻ لاءِ انفرااسٽرڪچر نه هجڻ جي ڪري اهي باصلاحيت نوجوان بين الاقوامي سطح تي کيڏي نٿا سگهن. نه صرف ايترو، بلڪه اتان جو نوجوان ڏوهارين جي هٿ ور چڙهي سماج ۽ ملڪ جي لاءِ خطرو بڻجي وڃي ٿو. جيڪڏهن انهن کي صحيح تربيت ڏني وڃي ته اهي فيفا جهڙي بين الاقوامي ٽورنامينٽ ۾ ڪواليفاءِ ڪري سگهن ٿا. اسان جي سنڌ حڪومت کي اها گذارش آهي ته اها هن راند کي پروموٽ ڪرڻ جي لاءِ لياري جي نوجوانن کي اهي سهولتون فراهم ڪري، انهن کي بين الاقوامي اسپانسرز هٿ ڪري ڏنا وڃن ته جيئن اهي باصلاحيت نوجوان تربيت حاصل ڪري سنڌ ۽ پاڪستان کي فيفا جهڙي پليٽ فارم تي ڪاميابي ماڻي اعزاز ڏياري سگهن.

پاڪستان فٽبال فيڊريشن کي به انتظامي ۽ ترقياتي سطح تي وڏو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان کي گهرجي ته ٽيلنٽ ڊولپمينٽ سينٽر قائم ڪري، جتي ان قسم جي ٽيلنٽڊ نوجوانن جي عالمي معيار مطابق تربيت ڪري، انهن جي صحت بهتر ڪرڻ لاءِ انهن جي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري ته جيئن اهي هيءَ راند کيڻ جي قابل ٿي سگهن ۽ ملڪ جو قيمتي سرمايو ثابت ٿين.