شاعرينئون

شاعري

غزل

ساحر راهو

سنجوڳ جي ڪهاڻي، رم جهم حُباب خوشبو،

ويٺي اچي آ ڀر ۾، هِڪَ بي حِجاب خُوشِبُو.

ڇاڻين ٿيون اڀيچند، ڳليون نگر ٺٽي جون،

سرمد سندي اگهاڙپ، اندر ثواب خُوشِبُو.

آڌر ۾ اڄ به آهن، تنهنجي حسن آوارا،

جهمپير جي کجين جي، تاڙي هوا به خُوشِبُو.

ڪُوزا گري پيارا، ٻارن جي راند ناهي،

ڳوهين ٿا مِٽيءَ ۾، ڪُنڀر خواب خُوشِبُو.

رُوميءَ رقص سان مون، مُرشد لطيف ورتي،

مُختي ازل ابد جي، هِڪَ لاجواب خُوشِبُو.

زخمي آ بيخوديءَ ۾، خود ئي ٿيو قلندرُ،

ڌرتي ڌمال ۾ آ، ساگر عُقاب خُوشِبُو.

تنبُور جي تندن ۾، زخمي آ چيچ ڏسڻي،

ٻاڙا نه سُر مگر ٿيا، ڦهلي رُباب خُوشِبُو.

بيگاھ باسِريءَ جي، دل سوز هُوڪ ساحر،

آڊوکي پارڪر جي، مِٽي ۽ آب خُوشِبُو.

***

ذيشان ساحل

ترجمو: سلام اڄڻ

آڪسيجن

زنده رهڻ جي لاءِ

آڪسيجن ضروري آهي

۽ خواب ڏسڻ لاءِ رات،

رات جي لاءِ ڏينهن، ڏينهن جي لاءِ سفر ڪرڻ

۽ سفر ڪرڻ لاءِ رستو،

رستي جي لاءِ وڻ، وڻن لاءِ پاڻي

۽ پاڻي جي لاءِ ٻيڙي،

ٻيڙين جي مٿان اڏرڻ لاءِ پکي،

پکين لاءِ آسمان ۽ آسمان لاءِ سمونڊ،

سمونڊ جي لاءِ ڪنارو،

ڪناري لاءِ شهر ۽ شهر لاءِ ماڻهو،

ماڻهن لاءِ محبت،

محبت جي لاءِ زنده رهڻ ضروري آهي

۽ زنده رهڻ لاءِ آڪسيجن.

***

غزل

ديوي ناگراڻي

رشتن جي آئيني ۾ مون ڪٺنائيون ڏٺيون

دل دل ۾ گهرُ ڪري اچي تنهائيون وسيون

شهرت کي گهر ڇو ڪين ڪي منهنجو ڪڏهن مليو

چپ چاپ منهنجي گھر ۾ سوءَ رُسوائيون گهريون

چاهت وفا ۽ پيار جا رشتا بدلجي ويا

جذبات ۾ به ڪين سي گهرائيون رهيون

ڏولي ته منهنجي خواب جي کڄندي نه مون ڏٺي

سدائين پئي شهنائيون ٻڌيون پر ياد ۾

نيلام خود ضمير کي جنهن پاڻ آ ڪيو

سوءَدي ۾ اُن کي پاڻ ئي بڇڙائيون مليون

***

غزل

ڄام ولي محمد انڙ

ڏيھ سارو ساري ھلبو،

درد سارو وساري ھلبو.

ڪاري رات گذري ويندي،

وقت ڏکيو آ گھاري ھلبو.

مشڪل ڏاڪا لنگھي پونداسين،

ڏونگر ڏاڍو ڏاري ھلبو.

عزم ڪيو آ ملڻ جو،

قول ڪيل پاري ھلبو.

سسئيءَ جي جو راھ ورتي آ،

واريءَ کي واري ھلبو.

“ڄام” سدائين راھن ۾،

پرين ساري ساري ھلبو.

***

نثري نظم

شهريار نواز

ھنن رستن تي،

ھر روز،

ھڪٻئي جي سامھون،

سوين ماڻهو،

ملي پوندا آهن،

ڇا منھنجي لاءِ،

اھو ممڪن آھي ته،

مان به،

پنھنجي پياري سان،

ھڪ ڀيرو ٻيهر ملي سگھان؟

***

غزل

ساقي ارشاد لورڙ

ھـــــــــــوائن کان منھنجو پڇو يار ھوندو

وسيــــــــــو مينھن بڻجي رڳو سار ھوندو

اکيون ڄـــــڻ ته ڏيئا اجھو من اُجھاميون

ھي ڌڙڪن جي رڪندي نه سينگار ھوندو

ثوابـــــــــــــن جي پوئيان عذابن ۾ ھوندو

نه جنّت سنـــــــــــــدو گل نه گلزار ھوندو

خزائــــــــــــن جي ڀاڪر ۾ پن ڇڻ ٿياسي

سھارو نه بڻيــــــو ھـــــــي سنسار ھوندو

ھي الڪو اڪيلو ڪـــــــــــــري ڄاڻ ماري

قبر تي گلن جـــــــــــــــو اجھو ھار ھوندو

نه صحرا نه سمندر انڌيـــــــــرن ۾ اوجھل

نه ساقــــــــــــي نه پيڪر مئي خار ھوندو

***

غزل

آزاد اظهر جوڻيجو

لکڻ ئي ڇڏيوسين پڙهڻ ئي ڇڏيوسين

اوهان کان بنا پوءِ جيئڻ ئي ڇڏيوسين

ڀري سرڪ هڪڙي اوهان جي هٿن جي

تڏهن کان الائي ڇو پيئڻ ئي ڇڏيوسين

لڙيا لڙڪ ڳل تي ٻڏي دل جي ٻيڙي

تڏهن کان دنيا ۾ رهڻ ئي ڇڏيوسين

ڏکن کي هو ڏوڪي پيتوسين پلر جيان

ستم سور سر تي سهڻ ئي ڇڏيوسين

ڪري ياد ماضي رناسين ٿي پل پل

گذاريل گهڙين ڏي ورڻ ئي ڇڏيوسين

اڪيلو اڪيلو اظهر ٿو دنيا ۾ گذاري

پنهنجن کي به پنهنجو چوڻ ئي ڇڏيوسين.

***

زاهده ابڙو

ڊي اين اي ۾ ساري،

تاريخ لڪائي رکيئي.

زندگي به رکيئي،

موت به لڪائي رکيئي.

مذهبن جو به ڪوئي،

خانو رکي ڇڏين ها.

مذهبن تي اجايو،

ماڻهو منجهائي رکيئي.

***