سمنڊ جي پاڻيءَ کي مٺو ڪرڻ واري مشين تيار
آمريڪا جي ٻن يونيورسٽين يل (Yale) ۽ رائيس (Rice) جي ماهرن پاران اهڙي سستي مشين ٺاهي وئي آهي، جنهن جي مدد سان سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي آسانيءَ سان پيئڻ جي لائق بڻائي سگهجي ٿو. جڏهن ته هن عمل ۾ خرچ به گهٽ ايندو ۽ اهو سج جي توانائي تي به ڪم ڪري سگهي ٿو. جنهن کي ڏورانهن علائقن ۾ به گهرن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن مشين سان وڏي پئماني تي سمنڊ جي پاڻي کي پيئڻ لائق بنائڻ لاءِ پهريون قدم چئي سگهجي ٿو. هيءَ مشين ننڍڙن ذرن تي (Nano Particles) تي ٻڌل آهي جيڪي پنهنجي چوڌاري هڪ حصار ٺاهي رکندا آهن، اهي ننڍڙا ذرا سج جي ڪرڻن کي پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن ۽ انهن ۾ موجود هڪ ڇاڻي پاڻيءَ مان لوڻ ۽ ٻين جزن کي ڌار ڪندي آهي. جڏهن ته اهي ذرا پاڻيءَ جي بخارن کي ان پوري نظام مان گذرڻ لاءِ مدد ڪندا آهن. هن کان اڳ ۾ آسموسس جي ذريعي به سمنڊ جي پاڻي کي صاف ڪيو ويندو هو، پر ان طريقي ۾ بجلي جو تمام گهڻو استعمال ٿيندو هو، جنهن کان علاوه اها وڌيڪ نمڪين پاڻي کي صاف ڪرڻ جي لاءِ به ڪارآمد نه آهي. ان کان علاوه ٿرمل پروسيس ذريعي به کاري پاڻي مان لوڻياٺ کي الڳ ڪري سگهجي ٿو. هن طريقي ۾ مشين سان گڏ توانائي جو پلانٽ به گڏ هجڻ ضروري هوندو آهي جيڪو مهانگو ۽ مشڪل عمل آهي. هن نئين طريقي کي بين الاقوامي اداري نينو ٽيڪنالاجي ان ايبل واٽر ٽريٽمينٽ (NEWT) جي سهڪار سان تيار ڪيو ويو آهي. هن مشين جي تياري لاءِ 18.5 ملين ڊالر جي سرڪاري گرانٽ به ڏني وئي هئي.

