پاڪستان مالي بحران مان نڪري ويو آهي: گورنر اسٽيٽ بينڪ
گورنر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان چيو آهي ته دوست ملڪن جي سهڪار ۽ معيشيت جي صحيح رخ ۾ هلڻ سبب پاڪستان مالي بحران مان ڪري آيو آهي. لاهور جي هڪ يونيورسٽي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته معيشيت ۾ غير يقيني صورتحال جو خاتمو ٿي چڪو آهي ۽ حڪومت پنهنجو رستو درست ڪري چڪي آهي. ملڪ ۾ موجوده مالي خساري بابت ڳالهائيندي هن چيو ته موجوده مالي خساري ۾ هن سال وڏو اضافو ٿيو آهي. جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم سعودي عرب، امارات، مليشيا ۽ ترڪي جا دورا ڪيا آهن جيئن ملڪ ۾ سيڙپ آڻي ٻاهرين خساري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مالي مدد حاصل ڪئي وڃي. ٻئي طرف آءِ ايم ايف سان پئڪيج لاءِ به ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت اسٽيٽ بينڪ کان قرض جي حد کي پار نه ڪيو آهي. جڏهن ته سينٽرل بينڪ کان 3 کرب رپيا قرض ورتو ويو هو نهن مان 2 کرب رپيا واپس ڪيو ويو آهي.

