ڪورونا متاثر علائقا بند ٿيندا، ماڻهن کان روزگار نٿا کسي سگهون: وفاقي حڪومت
وفاقي حڪومت سڄي ملڪ کي بند ڪرڻ بدران ڪورونا متاثر علائقن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي، لاهور ۽ پشاور ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ وڌي رهيو آهي، پر ڪورونا جي موجوده صورتحال ۾ ڊگهي عرصي تائين ماڻهن کان روزگار کسي نٿو سگهجي. ملڪ بند ڪرڻ بدران ڪورونا متاثر علائقا بند ڪنداسين. خوشي آهي ته ڪورونا بابت قومي فيصلا صلاح مشوري سان ٿي رهيا آهن. ٽيڪنالاجي ذريعي وائرس هاٽ اسپاٽس جي نشاندهي ڪئي وئي. ڪالهه اسلام آباد پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته پنجاب ۾ 359، خيبر پختونخواهه ۾ 177 علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سمارٽ لاڪ ڊائون جي نظام تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪورونا بابت صحت جي ڊيٽا لاءِ هڪ پورٽل بڻائي رهيا آهيون اهڙي نظام جي ضرورت آهي جو معيشت جو ڦيٿو به هلي ۽ ماڻهن جو تحفظ به ٿئي، سمورا ادارا گڏجي بهتر نظام تحت ڪم ڪري رهيا آهن. گذريل ڏينهن ساڍا 13 هزار ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون. ملڪ ۾ 70 ليبارٽريون آهن جتي ڪورونا ٽيسٽون ٿي سگهن ٿيون. گذريل رات تائين سڄي ملڪ ۾ 165 ماڻهو وينٽيليٽر تي هئا. ايپ ذريعي سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وينٽيليٽرن جو اسٽيٽس اپ ڊيٽ ڪري رهيا آهيون