خاص

سنڌ ۾ ڪاروبار کولڻ جو وقت تبديل، شام 4 وڳي دڪان بند ٿيندا.

سنڌ جي گھرو کاتي لاڪ ڊائون دوران ڪاروبار کولڻ جو وقت تبديل ڪري ڇڏيو. گھرو کاتي واپارين کي صبح 6 وڳي کان شام 4 وڳي تائين ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. گھرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شام 5 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين عوام جي چرپر تي مڪمل پابندي ھوندي. گھرو کاتي موجب وڏي وزير پنھنجي ڪيل اعلان تي عمل ڪري دڪاندارن کي وڌيڪ ٻن ڪلاڪن جي مھلت ڏئي ڇڏي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت طرفان لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاھ 4 سرڪاري آفيسون کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي. جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب توانائي ۽ ماحولياتي تبديلي واري کاتي جون آفيسون سڀاڻي کان کوليون وينديون. نوٽيفڪيشن موجب سي ايم انسپيڪشن ٽيم جي آفيس ۽ ٽرانسپورٽ کاتي جون آفيسون اڄ 12 مئي کان کوليون وينديون. سنڌ حڪومت گذريل ڏينھن 12 آفيسون کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ھو، جڏھن ته اڄ وڌيڪ 4 آفيسون کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي