نئون

ڪراچي ۾ کير جي قيمت ۾ 20 کان 30 رپيا في ڪلو اضافو ڪرڻ جون تياريون

ڪراچي اندر ڊيري فارمن پاران اڄ کان کير جي قيمتن ۾ 20 کان 30 رپيا اضافو ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن. جڏهن ته دڪان دارن پاران شهري انتظاميه جي ڪنهن اعلان کان اڳ ۾ ئي کير جي قيمت وڌائي ڇڏي آهي. ڪمشنر ڪراچي پاران جوڙيل ٽاسڪ فورس کير جي قيمت   برابر رکڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. ٻئي طرف شهرين پاران کير جي قيمتن ۾ اضافي خلاف پريشاني جو اظهار ڪيو آهي. شهرين پاران 7 کان 9 فيبروري تي کير جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان به  ڪيو ويو آهي. شهرين پاران حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اها هن اضافي کي واپس ڪرائي ته جيئن شهري پنهنجن ٻارن کي کير کان محروم ڪرڻ تي مجبور نه ٿين.  ڪراچي شهر جون ڪيتريون ئي سماجي تنظيمون هن اضافي خلاف آواز اٿاري رهيون آهن.