اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي گورنر جميل احمد قومي اسيمبليءَ جي خزاني ۽ ٽيڪس جي قائمه ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ملڪ ۾ ڊجيٽل پيمينٽس جي نظام تي روشني وڌي. هن موجوده ڍانچي، ڪاميابين ۽ نون ڊجيٽل رجحانن بابت ٻڌايو ته هاڻي 88 سيڪڙو رٽيل ٽرانزڪشن ڊجيٽل طور انجام ڏني پئي وڃي. هن وقت پاڪستان جو انفرااسٽرڪچر 22 ڪروڙ 60 لک اڪائونٽن ۽ 4 ڪروڙ 60 لک راست آءِ ڊيز جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي.
پئسن جي ڏي وٺ جي ماليت ۾ واڌ ۽ سيڪيورٽي جي نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن، جنهن ۾ بينڪ لائبليٽي، فريم ورڪ ۽ فراڊ گهٽ ڪرڻ لاءِ ٻن ڪلاڪن جو “ڪولنگ آف پيرڊ” شامل آهي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پنهنجي بريفنگ ۾ چيو ته وفاقي، صوبائي ۽ مڪاني حڪومتون گڏوگڏ سرڪاري ادارا جون 2026 کان جيڪا به ڏي وٺ ڪندا اها ڊجيٽل منصوبي تحت ٿيندي. جنهن ۾ گورنمينٽ ٽو پرسن ۽ پرسن ٽو گورنمينٽ ڏي وٺ کي شفاف بنائڻ لاءِ وزارت خزانا هڪ ذيلي ڪميٽي قائم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ مختلف وزارتون، صوبائي انتظاميه شامل آهن.
اسان جي ملڪ ۾ ڪيش جي ڏي وٺ سبب ڪرپشن تمام گهڻي عروج تي پهتل آهي، جنهن جي ڪري تمام وڏا وڏا فراڊ ادارن ۾ ٿيندي نظر آيا آهن. وقت جي تبديل ٿيڻ سان ڊجيٽل اڪانامي ۽ ڪيش ليس اڪانامي ملڪ جي اولين ضرورت بڻجي چڪي آهي. هن نظام جي رائج ٿيڻ کانپوءِ سرڪاري ڏيتي ليتي جنهن ۾ ٽيڪس، سبسڊي، پينشن يا ٻيون ادائگيون شامل آهن، ڊجيٽل طريقي سان معاشي نظام جو حصو بڻجي وينديون. ڊجيٽل نظام سان وڌيڪ شفافيت پيدا ٿيندي ۽ بي ضابطگين تي ڪنٽرول ڪرڻ آسان ٿي ويندو. ڇو ته رقم سڌي بينڪ اڪائونٽ يا موبائل والٽ ۾ منتقل ٿيندي. هر ٽرانزڪشن جو رڪارڊ موجود هوندو، جيڪو آڊٽ ۽ چيڪنگ جي لاءِ استعمال ڪري سگهجندو.
ان سان حڪومت کي ڪيش جي ڇپائي، منتقلي ۽ حفاظت تي ايندڙ سرڪاري خرچ به گهٽجي ويندا ۽ وچ ۾ انساني هٿ به نڪري ويندو جيڪو ڪرپشن ۽ بي ضابطگين جو سبب بڻجي ٿو. ڊجيٽل نظام هڪ صاف سٿرو ۽ محفوظ نظام آهي، جنهن سان رقم سڌيءَ ريت يا ته ادارن کي پهچي ٿي يا ادارا ڪنهن مستحق شخص کي منتقل ڪن ٿا. ان نظام تحت ريئل ٽائيم ڊيٽا به فراهم ٿيندي رهندي، جيڪا ملڪ جي پاليسين جي جوڙجڪ جيئن ٽيڪس نظام ۾ بهتريون آڻڻ، غربت گهٽائڻ جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي.
ان کان علاوه هن نظام ۾ عورتون ۽ ڏورانهن علائقن جا رهاڪو بينڪنگ سسٽم جو حصو بڻجي سگهن ٿا. موبائل بينڪنگ ۽ ڊجيٽل والٽ ذريعي ماڻهن کي آسان پهچ ملي ويندي. جيئن ته سڄي دنيا هن وقت ڪيش ليس اڪانامي طرف وڃي رهي آهي ۽ جيڪي ملڪ اڃان تائين ان نظام کان ٻاهر آهن انهن جي لاءِ ڪافي مسئلا به آهن ۽ انهن جي ساک تي به هڪ سواليه نشان لڳل آهي.
هن نظام جي اچڻ کانپوءِ عالمي مالي ادارن جهڙوڪ: آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جهڙن ادارن اڳيان ساک ۾ اضافو ٿيندو ۽ پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ فنٽيڪ سيڪٽر ۾ سرمائيڪاري وڌي ويندي. نه صرف ايترو، بلڪه هن نظام جي اچڻ سان رشوت جيڪڏهن ختم نه به ٿيندي ته ان ۾ گهٽتائي ضرور اچي ويندي. ڊجيٽل ادائگي سان رقم سڌيءَ ريت ان شخص تائين پهچندي جيڪا هن وقت مڊل مين جي هٿان پهچي ٿي ۽ مڊل مين ان مان پنهنجو حصو ڪٽي ٿو ۽ ان کان علاوه ماڻهن جي لاءِ ڪارو پئسو لڪائڻ به مشڪل ٿي ويندو.
پاڪستان ۾ هن نظام جي تمام سخت ضرورت آهي، ڇو ته سڀ کان وڏي ڪرپشن اسان جي سرڪاري نظام ۾ ئي ٿئي ٿي. ان کانپوءِ ان جي آڊٽ ۽ نگرانيءَ ۾ سولائي پيدا ٿيندي. نه صرف ايترو، بلڪه آڊٽ ۽ نگراني ڪرڻ وارين ٽيمن جي لاءِ به ڪرپشن ڪرڻ مشڪل ٿي ويندي. هن نظام ۾ جتي تمام گهڻيون خوبيون آهن ان سان گڏوگڏ ڪجهه اهڙا پاسا به آهن جيڪي ان ڊجيٽل نظام جي مٿان تحفظات پيدا ڪن ٿا، جنهن ۾ مناسب سيڪيورٽي نه رکڻ جي ڪري توهان جي رقم ٻيو ڪو ماڻهو آسانيءَ سان چورائي سگهي ٿو.
گهڻا ماڻهو خاص طور تي ٻهراڙين ۾ رهندڙ يا موبائل ايپ ۽ اي ٽي ايم يا آن لائين بينڪنگ استعمال ڪري نٿا ڄاڻن، اهڙا بزرگ ۽ گهٽ پڙهيل لکيل ماڻهو فراڊ جو شڪار ٿي سگهن ٿا. ان لاءِ حڪومت کي ماڻهن لاءِ آگاهي ۽ ٽريننگ پروگرام هلائڻا پوندا ته جيئن اهي محفوظ طريقي سان هن پروگرام کي استعمال ڪري پنهنجي رقم محفوظ طريقي سان حاصل ڪري سگهن. هن ڊجيٽل نظام ۾ سڀ کان وڏو خطرو پن ڪوڊ، ون ٽائيم پن ۽ بايو ميٽرڪ جو ٿي سگهي ٿو، انهن جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ حڪومت جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج ٿي سگهي ٿو.
ان کان علاوه جعلي ڪالن ذريعي ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ وارا گروهه ماڻهن جي رقم ڪڍي وڃن ٿا، انهن کان بچاءُ جي لاءِ به عوام کي سيڪيورٽي ۽ تربيت ڏيڻ هڪڙو وڏو چئلينج هوندو. بهرحال ڊجيٽل ڏيتي ليتي جو نظام هڪ بهترين نظام آهي، وقت جي تبديليءَ کي روڪي نٿو سگهجي، انسان هميشه وقت سان گڏ تبديل ٿيندي پنهنجو پاڻ کي نئين نظام سان جوڙيندو آيو آهي ۽ خطرن سان کيڏندي کيڏندي نيٺ محفوظ طريقا اختيار ڪري وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. هن نظام کي ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جيڪڏهن انٽرنيٽ جي ڊجيٽل ڍانچي ۾ ترقي ڪري ڊجيٽل آگاهي فراهم ڪري ماڻهن کي ڊجيٽل بينڪنگ تائين سولا رستا فراهم ڪندي ۽ ان کان علاوه صوبن جي مقامي ٻولين ۾ عوام کي ايپس مهيا ڪيون وينديون ته ان ۾ ڪامياب ٿيڻ ڪا مشڪل ڳالهه نه هوندي.
آخر ۾حڪومت کي انٽرنيٽ ۽ نيٽ ورڪ جي مسئلن جي لاءِ وري ياد ڏيارجي ٿو ته اهو نظام جيئن ته انٽرنيٽ نيٽ ورڪ سان جڙيل آهي ان ڪري هن نظام ۾ بهتري آڻڻ لاءِ جيڪي به رستا اختيار ڪرڻا هجن حڪومت اختيار ڪري پهرين انٽرنيٽ نيٽ ورڪ جي نظام کي مضبوط ڪري ۽ پوءِ ادائگين جي نظام کي ڊجيٽل ڪيو وڃي ته هي نظام ڪاميابيءَ سان همنڪار ٿي سگهندو.