بلاگنئون

حيدرآباد جي سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جو سوال

سرڪاري آفيسن، سرڪاري جائيداد جن ۾ روڊ، پاڻي جي لائين، بجليءَ جي لائين، ٽيليفون لائين ۽ ڊرينج پائپ، نالا، پبلڪ پارڪ، اسپورٽ گرائونڊ، درياءَ ۽ واهن جا ڪنارا، چوراها، آفيس بلڊنگ قابل ذڪر آهن.

روڊن تي حد دخليون قائم ڪرڻ، واهن جي ڪناري تي ڪچيون آباديون قائم ڪرڻ، ريلوي ڦاٽڪ، اسٽيشن تي جهوپڙيون اڏي ويهڻ، سرڪاري ملڪيت تي قبضو ڪرڻ جي برابر آهن. سرڪاري روڊ تي پاڻي جي لائين غير قانوني طور وڇائڻ يا روڊ سان هٿ چراند ڪرڻ، ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ، ڊرينج جو پاڻي روڊ تي نيڪال ڪرڻ، گاڏين جي شوروم  مالڪن طرفان روڊ تي گاڏيون بيهارڻ اهڙا عمل آهن، جيڪي سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جي ذمري ۾ اچن ٿا، جن کي روڪڻ اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن جي ذميواري آهي، پر افسوس جو ڪوبه آفيسر اها فرض شناسي جو حق ادا نه پيو ڪري رڳو ڪاغذن تي صحيحون ڪرڻ ۾ پورا آهن، سر زمين تي وڃي ڪو به قدم نٿو کنيو وڃي.

نه وري بالا آفيسر ماتحت آفيسرن کان ان بابت ڪو پڇاڻو ڪن ٿا ته جيئن نظام کي بهتر بڻائي سگهجي. ساڳي حالت جج صاحبن جي آهي، جيڪي رڳو وڪيلن جي ڪوڙين رپورٽن ۽ هٿرادو شاهدن جي آڌار تي غلط فيصلا ڪرڻ ۾ پورا آهن، ڪڏهن به سر زمين تي وڃي ڪا تصديق ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.

انصاف جي اڻاٺ جو هڪ وڏو سبب ججن جو سر زمين کي اکين سان نه ڏسڻ آهي،  رڳو رپورٽ جي آڌار تي فيصلو ڪرڻ ڪڏهن ڪڏهن انصاف جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو.

سرڪاري ملڪيت جي حفاظت ۽ انصاف جي يقيني فراهمي لاءِ ججن ۽ آفيسرن کي ٻاهر نڪري سر زمين تي وڃڻو پوندو، ٻي صورت ۾ انصاف ۽ تحفظ جو سوال حل ٿي نه سگهندو.

قاسم آباد جي ڊرينج جو پاڻي واڌو واھ ۾ نيڪال ۽ واڌو واھ تي موجود پلازن طرفان ڊرينج جي پاڻي کي روڊ تي نيڪال ڪرڻ ۽ نسيم نگر چوڪ جي روڊ تي گوشت وڪرو ڪرڻ انتهائي غير قانوني عمل آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر کي قدم کڻڻ کپي، پر افسوس سرڪاري ملڪيت جي نقصان جو ڪنهن کي به احساس ناهي.  ڪڏهن متعلقه متاثر روڊ يا واھ کي نقصان پهچائڻ جي صورت ۾ ڪوبه آفيسر ڪو قدم نٿو کڻي رڳو ڪنهن جي شڪايت يا عدالت جي حڪم تي ڪارروائي ڪندي نظر ايندو. اعلي آفيسرن جي طرفان پڇاڻو نه ڪرڻ جي ڪري ڪو به آفيسر پنهنجو فرض ادا نه پيو ڪري. نه وري شهر جي ماڻهن طرفان ڪو احتجاج سامهون ٿو اچي. عوام کي پنهنجا بنيادي حق ۽ سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن روين کي تبديل ڪرڻو پوندو.