ڪراچي ۾ آبادي ٻيڻي ٿيڻ جي باوجود ڏهن سالن ۾ شهر کي اضافي پاڻي فراهم نه ڪيو ويو
سنڌ حڪومت ۽ واٽر بورڊ جي مجرماڻي غفلت سبب اضافي پاڻي جي فراهمي جا ٻه اهم منصوبا KIU (260 ملين گئلن روزانو) ۽ 65 ملين گئلن روزانو ٽن سال کان تاخير جو شڪار رهيا ۽ انهن جي تڪميل جو ڪوبه آثار نظر نه پيو اچي. ٻئي پاسي ڌاٻيجي پمپ هائوس جي اپ گريڊيشن جو منصوبو به اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. اڍائي ڪروڙ جي آبادي واري ڪراچي شهر کي 1200 ملين گئلن روزانو پاڻي جي ضرورت آهي. جڏهن ته رڳو 406 ملين گئلن پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو. واٽر بورڊ جي ڊسٽريبيوشن سسٽم هيٺ هن دستياب پاڻي مان گهريلو استعمال لاءِ 346 MGD ۽ صنعتن کي 42 MGD فراهم ٿي رهيو آهي.