خاصڪهاڻيون

ڪهاڻي بال

ڪهاڻي

بال

زعم لاکائي

هو بال سان کيڏڻ جو شوقين هو، عمر به هئس… سو بال کي بُل کارائيندو مين روڊ تي اچي پهتو، جيڪو ان وقت بلڪل خالي هو. جتي گاڏين جي رش چوٽ تي هوندي هئي پر جيئن ته اهو ڏينهن موڪل وارو هو، ان ڪري اتان ايڪڙ ٻيڪڙ گاڏيون ورليهه ٿي لنگهيون. اهو ئي سبب هو شايد جو هو پنهنجي کيڏ ۾ مست هو ۽ بال جي وڻندڙ اٿل پٿل تي ڪنهن ويل ٽهڪڙا به ٿي ڏنائين. ماما به هن جي خوشيءَ ۾ شامل. هن کي پري کان ئي ڏسي رهيو هو ۽ هن جي مستيءَ ۾ مست هو، ايتري قدر جو هن جي هر ڪوڏ تي، لوڏ ۾ هو. هو ٻئي ايترا ته محو هئا جو آسپاس جي دنيا کان بنهه بي خبر ۽ لاتعلق هئا. ٺيڪ انهيءَ وقت اوچتو ئي هڪ زوردار چرڙاٽ ٿيو، هڪ اڇي ڪار آئي ۽ وچ روڊ تي اچي بيهي رهي. ڪار جو دروازو کُليو، هڪ سفيد پوش، ڪاري ڪوٽي ۽ سنڌي ٽوپي پهريل، اڌڙوٽ وهيءَ جو همراهه تڙ تڪڙ ۾ لٿو ۽ ڪار جي آڏو پيل، بال سان کيڏندڙ ان نينگر کي وڃي ڀاڪرن ۾ ڀريائين، جنهن جي ساڄي ڄنگهه ڪار هيٺان اچڻ ڪري بلڪل چٿجي ۽ بُڪا بُڪل ٿي چڪي هئي. ڇوڪرو بيهوش هو، ڪير هو، ڪنهن جو هو….. شايد!! ڪار واري جو پنهنجو ئي هو. تڏهن ته هو، هن کي سيني سان سائي، ڳوڙها ڳاڙهيندو ڪار ۾ کڻي روانو ٿي ويو. هنن جي وڃڻ کانپوءِ ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو. فقط اهو بال ئي هو، جيڪو اڃان تائين حرڪت ۾ هو ۽ ماما جيڪو ان بال کي ڏسي رهيو هو.

جڏهن کان ماما مون کي اهو واقعو ٻڌايو، تڏهن کان منهنجي اندر ۾ عجيب ڪشمڪش ۽ آنڌ مانڌ هئي ته اهو نينگر ڪير هو پوءِ ان سان ڇا ٿيو هوندو…. ۽ ڪار وارو ڪير هو….. وغيره وغيره اهڙي قسم جا ڪيترائي سوال هئا، جيڪي منهنجي اندر ۾ گهر ڪري ويٺا هئا ۽ وقت بوقت، منهنجي اڪيلائين دوران، منهنجي خيال ۾ گهلي ويندا هئا ۽ پوءِ انهن سوالن جي جوابن لاءِ خيالي دنيا ۾ هليو ويندو هئس ۽ تڏهن ئي موٽ کائيندو هئس، جڏهن ڪو اچي مون کي ڌونڌاڙيندو هو. منهنجي اهڙي حال ۽ عجيب ڪيفيت کي ڪيترائي سال گذري ويا.

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي، جڏهن آئون حيدرآباد جي هڪ ڪاليج ۾ زير تعليم هئس. جمعي جو ڏينهن هو، مين شاهراهن تي به نالي ماتر گاڏيون هيون، باقي روڊن تي ٻار توڙي نوجوان ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئا. اهو لقاءُ ڏسي مون کي ماما وارو ٻڌايل واقعو وري ياد اچي ويو. آئون پنهنجي يادن جي ڪشمڪش ۾ ئي هئس ته منهنجي نظر اوچتو ئي ان ٻارڙيءَ ڏانهن کڄي وئي، جيڪا سندس قد کان به وڏي، هوا سان ڦوڪيل بال جي پٺيان ڊڪندي وئي ۽ بال پٺيان اهڙي چَري هئي جو آسپاس کان بلڪل بي نياز هئي. عين ان وقت هڪ موٽرسائيڪل سوار هُن جي اهڙي حرڪت تي وچڙي پيو ۽ هن کي ٽچ ٿيڻ وارو ئي هو ته اوچتو مون ۾ حرڪت اچي وئي. هڪ عجيب ولولي ۽ جُهد سان ڇوڪريءَ کي وڃي کنيم ۽ کيس ڪنهن به نقصان کان بچائي ورتم. روڊ جي بلڪل ئي ڀر ۾ ڇوڪريءَ جي نوجوان امڙ بيٺي هئي، ستت ئي ڊوڙي آئي ۽ تڪڙا تڪڙا ساهه کڻندي، ڇوڪري مون کان ورتائين ۽ يڪساهيءَ ۾ منهنجو ٿورو به مڃيائين. هوءَ اردو ۾ ڳالهائي رهي هئي، مون به ساڻس ڪچي ڦڪي سنڌي سان گاڏوڙ اردو ڳالهائڻ جي ڪئي. تنهن تي هوءَ مُرڪي ۽ ڀڳي ٽٽي سنڌي ڳالهائيندي چيائين ته آئون سنڌي سمجهي ويندي آهيان توهان ڀلي سنڌي ڳالهايو، باقي ڳالهائڻ ۾ ٿورو ڀلجي ضرور ويندي آهيان. اجازت ملڻ تي آئون هاڻي ساڻس سنڌي ئي ڳالهائڻ لڳس. هن مون کي چانهه پي وڃڻ لاءِ اسرار ڪيو، مون به سندس دعوت قبول ڪئي. ويجهو ئي سندس گهر هو. اڏاوت ۾ گهر ته ننڍو هو پر ان جي سامهون ڪشادو پارڪ گهر جي رونق جو سامان هو. پارڪ ۾ گل ٻوٽا ته گهڻا ئي هئا پر پٽ تي ڇانيل ڇٻر تي هڪ ئي ڪرسي لڳل هئي، جنهن تي اڌڙوٽ وهيءَ جو هڪ همراهه ويٺو هو، جيڪو سنڌي اخبار پڙهي رهيو هو. سمجهيم ته اهو هن عورت جو پيءُ يا سهرو هوندو. عورت مون کي سڌو ان همراهه وٽ وٺي آئي ۽ ساڻس منهنجي ملاقات ڪرائيندي چيائين ته ڏسو! هن نوجوان سان مِلو، اڄ هن اسان جي مٿان وڏو احسان ڪيو آهي. اڄ اسان جي ندا کي الله بچايو پر هن نوجوان جي هٿان بچايو اٿس. جيڪڏهن هي فرشته صفت نه هجي ها ته حادثو اهڙو ٿئي ها جو سوچي به ڪنڀان پئي. آئون ته سڀ حوصلا هاري چڪي هئس. اڄ اسان جي ندا کي نئين زندگي ملي آهي ته هن نوجوان جي ڪري…. اهڙيءَ طرح هوءَ يڪساهيءَ سربستي ڳالهه به ڪري وئي ته منهنجو تعارف به….. هن همراهه مون ڏانهن ڏٺو. هو اڌڙوٽ عمر ته هو پر قداور ۽ جڙو مڙو به اهڙو هو جو عام نوجوان کان به سگهو ڀلو ٿي لڳو. هن ڀرسان ئي اسٽيل جي ٽيڪڻي لٺ کنئي ۽ ان جي آڌار تي اٿي بيهي مون کي کيڪاريو ۽ ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ منهنجو ٿورو مڃيائين. ايتري ۾ عورت گهر اندران ٻه ٻيون به ڪرسيون کڻي آئي. پوءِ هن وڏي دل ۽ پنهنجائپ مان مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ آڇ ڪئي. پوءِ اسان ٻئي ڪرسين تي ويٺاسين ۽ عورت چانهه ٺاهڻ لاءِ گهر اندر هلي وئي.

Young excited boy kicking ball in the grass outdoors

ڪچهري هلي ته خبر پئي ته اها عورت هن جي ننهن يا ڌيءَ نه پر هن جي زال هئي، هو انگريزيءَ جو مشهور پروفيسر هو، سندس نالو يونس هو ۽ اصل سنڌي گهراڻي سان تعلق هئس. جيئن ته هڪ ڄنگهه کان معذور هو، ان ڪري هن کي پنهنجن مان رشتو نه مليو. جنهنڪري انتظار ڪندي ڪندي پنهنجي اصل عمر وڃائي ڇڏيائين. هيءَ عورت جيڪا اصل ۾ سندس ئي شاگردياڻي هئي، سندس شخصيت جي قائل هئي ۽ سندس مزاجن کي پنهنجائڻ لاءِ هن سان شاديءَ لاءِ بضد هئي ۽ هن جي اڻٿڪ ضد هن کي آماده ڪيو ۽ هن پنهنجي اڌڙوٽ وهي ۾ هن نوجوان دوشيزه سان شادي ڪئي. هاڻ هو ٻئي خوش آهن. ندا سندن واحد اولاد ۽ آئندي جي آس هئي، جنهن سان ئي سندن دنيا آباد هئي. سندس ئي اجازت سان آئون ساڻس سر يونس جي نالي سان مخاطب ٿيس.

ڳالهين ڳالهين ۾ کانئس پڇيم: سر! جيتوڻيڪ توهان سڀ ڪجهه پنهنجي ذات بابت ڳالهائي چڪا آهيو، پر آئون اڃان به هڪ وڌيڪ ذاتي نوعيت جو سوال توهان کان پڇڻ گهرندس، پر ڊڄان ٿو متان توهان ناراض نه ٿي وڃو…..

ها….. ها…… ڇو نه……. توهان بي حجاب پڇي سگهو ٿا…. سر يونس جواب ڏنو.

سر! توهان تي هيءَ معذوري ڪيئن آئي ۽ توهان جي هيءَ ڄنگهه متاثر ڪيئن ٿي…….؟؟ پڇومانس، تنهن تي سر يونس جواب ڏنو. ها بابا! ڇو نه…… اها ڪا لڪائڻ جهڙي يا شرم جهڙي ڳالهه ٿورو ئي آهي…… پٽ! آئون اڃان ننڍو ئي هئس، بلڪل ائين، جيئن اڄ توهان، منهنجي ندا کي بچايو، آئون به روڊ تي بال سان ئي کيڏي رهيو هئس ته منهنجو چاچو جيڪو گهڻي جلديءَ ۾ هو ۽ ڪار ڪڍي ڪيڏانهن وڃي رهيو هو ته سندس تڪڙ ۽ بي خياليءَ جو بُک ٿي ويس. سندس ڪار منهنجي هن ڏاهيءَ ڄنگهه مٿان چڙهي وئي…… ۽ آئون هميشه لاءِ معذور بڻجي ويس.

سر يونس جو جواب ٻڌندي ئي منهنجي اندر جا ٿاڪ ئي چڙهي ويا…. ڄڻ گهر پل لاءِ هوش ئي وڃائي ويٺس، پر وري به جلدي پاڻ سنڀاليم ۽ ڳالهه جاري رکڻ لاءِ پڇومانس ته سر! پوءِ ڪو علاج وغيره…….

تمام گهڻو…… اسان جا مائٽ وڏا خانداني هئا انهن گهڻائي جتن ڪيا…. پر پوءِ نصيب جي ڳالهه آهي. شايد قدرت کي ايئن ئي منظور هو، سر يونس جواب ڏنو.

ايتري ۾ چانهه به اچي وئي، سڀني چانهه پيئڻ لاءِ ڪوپ کنيا. ڪنهن سُرڪ ڀري نه ڀري پر مون اڃان هڪڙي ئي سُرڪ مس مس ڀري هوندي ته ننڍڙي ندا جو بال اچي منهنجي ڪوپ مٿان ڪريو ۽ منهنجي هٿن مان ڪوپ ڇڏائجي وڃي ڇٻر تي ڪريو. کن پل لاءِ سڀني جي چهري تي ندا لاءِ چڙ آئي پر منهنجي بي اختيار ٽهڪن ماحول کي نئون روپ ڏيئي ڇڏيو. هاڻ آئون مسلسل ڇٻر مٿان ڪريل ان ڪوپ بدران ان بال کي ئي ڏسي رهيو هئس، جنهن جي حرڪت، ماما جي ٻڌايل ان واقعي جي ياد تازي ڪرائي رهي هئي، جنهن متعلق اڄ مون کي، منهنجي اندر ۾ سالن کان آنڌ مانڌ مچائڻ وارن سوالن جا جواب ڏيئي ڇڏيا هئا ۽ اهي ٽهڪ به شايد انهن ئي احساسن جو مظهر هئا…. جيڪي ان وقت منهنجي اختيار ۾ ئي نه هئا.