دشمن عوام ۽ فوج ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي: آرمي چيف
ملڪ جي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دشمن عوام ۽ فوج ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، عوام ۽ پاڪ فوج جي ٻطرفي رشتي کي قائم ۽ دائم رکيو ويندو، رياست جو محور پاڪستان جو عوام آهي، اسان جي پهرين ۽ اهم ذميواري رياست سان وفاداري ۽ هٿياربند فوجن جي آئين سان وابستگي آهي، ڪو به فرض وطن جي تحفظ کان وڌيڪ اهم نه آهي. ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ 147 هين لانگ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته اسان پاڙيسرين سميت سمورن ملڪن سان امن ۽ دوستاڻا لاڳاپا چاهيون ٿا، اسان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن چيو ته فوج وطن جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج ڪنهن جي به عددي اڪثريت جي رعب ۾ اچڻ واري نه آهي، اسان کي پنهنجن ظاهر ۽ لڪل دشمنن کي سڃاڻڻو پوندو. آرمي چيف چيو ته ڪشميرين جي حق خود اراديت واري جاکوڙ جي حمايت جاري رهندي. پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي سندون ۽ شيلڊز به ڏنيون ويون، ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوٽ جي موقعي تي فوجي جٿن پريڊ به ڪئي.