شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ اھو لافاني شاعر آھي، جنھن جو ذڪر ڪندي دنيا ٿڪجي نٿي ڇو ته هڪ ته سندس شاعريءَ اندر آفاقي پيغام آهي ته ٻيو وري وٽس ڌرتيءَ سان پيار، وطن سان محبت ۽ امن جي علامت واضح محسوس ٿئي ٿي. هو وطن خاطر مزاحمت ڪرڻ کان به نٿو لنوائي، سندس رسالي جو هر سر ۽ هر بيت انسانيت کي پنهنجي ديس سان وفاداريءَ جو درس ڏئي ٿو. سر مارئي هجي ته عمر جهڙي حاڪم کي گوڏا کوڙائي ٿي سر سسئي هجي ته پنهونءَ جي پار(وطن) لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري ٿي. سر سهڻي هجي ته ميهار خاطر رات جون ننڊون ڦٽائي ٿي. سر ليلا هجي ته غلطي ڪري به چنيسر جي چاهت ۾ رهي ٿي، سر مومل هجي ته راڻي لاءِ رت روئڻ لڳي ٿي سر ڪاموڏ اندر نوريءَ جو انداز ڄام تماچيءَ کي موهت ڪري وجهي. سر سورٺ هجي ته راءِ ڏياچ کي قربانيءَ لاءِ تيار ڪري ٿو۔ مطلب ته شاهه سائينءَ جا سڀ سر وطن سان واڳيل هجن ٿا ان ڪري سلجھيل قومون پنھنجي وڏن شاعرن ۽ اديبن کي اثاثو سمجھنديون آهن. سنڌ جي هن عظيم مفڪر وطن جي وک وک تي نه رڳو پاڻ حفاظت ڪئي آهي، پر پنهنجي پيغام وسيلي وطن سان محبت جو حقيقي درس ڏنو آهي.
ڇُلي ڇڏ م ڇپرين، ڏلي ڇڏ م ڏيھ،
پسيو وڻ وطن جا،وڙڪيو اچيو ويھ،
سَڄڻ ۽ ساڻيھ ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو وطن جي مٽيءَ سان روحاني رشتو جڙيل آهي هو پنهنجي ديس جي هر گس کي سرهو ڏسڻ ٿو چاهي جيڪڏهن وطن خاطر قيد به ٿي پوي يا سختيون اچي وڃن تڏهن به همت هارڻي ناهي.
قضا آڻي قيد ۾، لکئي ڪيس لوڪ
آئون بندياڻي بند ۾، مارو رھيا پوءِ
حيف تنين کي ھوءِ، وطن جنين وساريو،
وطن سان محبت جو الستي انداز ڪيڏو نه موهي وجهي ٿو قيد ۾ رهي به پنهنجي ساڻيهه جي سڪ ۽ وطن ورڻ جون ڳالهيون ته ڪجن ٿيون، پر اها به وصيت ٿي ڪجي ته جيڪڏهن قيد يعني ظالم جي ماڳ تي موت اچي وڃي ته پنهنجي مارن جي مٽيءَ ۾ مڙهه موڪلجو ته جيئن سرهو ٿي پوان۔
اي سومرا، قرآن جي سورة فاتحه (الحمد) ۽ سورة ‘بقرہ’ گويا ماروئڙن جي پنھنجي ديس جا مثال آھن، ‘نحل’، ‘حجر’ ۽ ‘بني اسرائيل’ جي سورتن ۾ ھنن واسطي پنڌ جي پچار آھي. ‘سجده’، ‘احزاب’ ‘سبا’ ۽ ‘روم’ ۾ ڄڻ رھائش اٿن. امن ۽ سلامتي خاطر ئي ھنن پھنوارن پنھنجا اَجها اُتي وڃي اَڏيا آھن. مون کي اھڙن مارن جي محبت ئي لوھه کان وڌيڪ سگهارا زنجير وجهي ڇڏيا آھن.
ڍَٻَرَ ڪَتِن ڍيريُون، ڏاس جنين ڏاجو؛
پَلُر پِيَن پنهواريُون، تَلِن ۾ تاجو؛
الله ڪر آجو، وطن ويڙهيچن جو.
لطيف سائينءَ جي هن بيت ۾ مارئي پنهنجي وطن جا حال ٻڌائيندي چوي ٿي ته؛ منهنجا مارو ننڍا وڏا ڏاس جا ڍيرا ڪتيندا رهندا آهن. انهن مسڪين ۽ سادن ماڻهن وٽ، ڏاس هڪ قيمتي شيءِ آهي، ايستائين جو اهي نياڻيءَ کي ڏيج ۾ به ڏاس يا ان مان ٺهيل لويون يا ڍيرا به ڏيندا آهن. منهنجون پنهواريون، ننڍن تلائن يا تراين مان، پلر (برسات) جو تازو پاڻي پيئنديون آهن. بيت جي آخري سٽ ۾ مارئي چوي ٿي ته يا الله! منهنجي ويڙهيچن جو وطن آجو (آزاد) ڪر. انهيءَ سٽ تان سوال اڀري ٿو ته قيد ۾ ته مارئي هئي، آزاديءَ کان محروم ته مارئي هئي، سندس وطن تي ته ڪنهن جو قبضو نه هو، سندس وطن ته غلاميءَ ۾ نه هو. لطيفي فڪر رڳو ان وقت جي قابض حڪمرانن کي نٿو نندي، پر حال جي حڪمرانن ۽ مستقبل جي قبضا خورن خلاف به ساڳيو پيغام ٿو ارپي ۽ هينئن فرمائي ٿو:
اڇو ڪوٽ عمر جو، ڏسيو ٿي ڏران
هت پوڃاڻي پٽن ۾، چانگارين چڙا
قادر ڀڃ ڪڙا، ته ملان ماروئڙن کي .
يا وري فرمائي ٿو:
اڇا ڪوٽ پٽن ۾، ٿو عمر اڏائي
ڏمريو ڏيهه ڌڻي، ڇاڃا ڇڏائي
ڀورو ايئن نه ڀانئي، ته لوڪ لاڏاڻو ساٿڙو .
شاهه سائين انساني جذبن جو ترجمان آهي هو پنهنجي دل ۾ ديس جو درد رکيو ويٺو آهي هو پنهنجي ديس جي ماڻهن جي فطرت ٻڌائي ٿو ته منجهن احساس ڪمتري ڪونهي هو پنهنجي حال تي خوش آهن۔ هو سون (لالچ) تي سيڻ (رشتا) نه مٽائيندا آهن.
ايء نه مارن ريت جو سيڻ مٽائن سون تي
اچي عمرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانه ڪريت
پکن جي پريت ماڙين سين نه مٽيان۔
هو ته ڏيهه کي ڏکوئيندڙن کي پٽون ۽ پاراتا ٿو ڏيئي جيڪي مال ميڙي گڏ ڪري رکن ٿا ۽ ماروئڙن کي بک ۽ بدحالي ڏين تن لاءِ شاهه سائين فرمائي ٿو:
جن مھانگو ميڙيو، سي ٿا ھٿ هڻڻ،
پنجن منجھان پندرنهن ٿيا، اي ٿا ورق ورن،
ڏڪاريا ڏيهه مان شل موذي سڀ مرن.
وري وڌي وس جون، ڪيون ڳالهيون ڳوارن،
سيد چوي سڀن، آءُ توهه تنهنجي آسرو.
شاهه صاحب غريب جو طرفدار آهي ۽ ستايلن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري، شاهه صاحب ڏڪارين، مانگو ميڙڻ وارن، پنجن مان پندرهن ڪرڻ وارن، ظالم زميندارن جي سخت بر خلاف هو، انهن جي ختم ٿيڻ لاءِ دعا گهريون اٿس، سندس چوڻ موجب سچي اقتصادي آزاديءَ جي بارش (انقلاب) اهي سڀ آفتون ملڪ تان ٽاري ڇڏيندي جيتوڻيڪ شاهه صاحب سموري وطن جي آزاديءَ ترقيءَ لاءِ بارش (انقلاب) جي دعا پيو گهري آهي، پر سندس انهيءَ مان مقصد غريب عوام جو سک هو ۽ نه شاهوڪار طبقي جي سک جو مطلب هو. هو صاف چئي ٿو ته اي سارنگ (انقلاب) اڃين ۽ بکين جي سار لهيج ۽ ان (رزق) گهڻو ڪج، جو سنگهار (عوام) سکيا ٿين.
سارنگ سار لهيج، الله لڳ اڃين جي
پاڻي پوڄ تي، ارزان ان ڪريج
وطن وسائيج، ته سنگهارن سک ٿئي
شاهه سائينءَ وٽ وطن جي مٽيءَ جو ذرو ذرو تدبير تقدير عزت غيرت ۽ عقيدت آهي سندس سيني ۾ پل پل ساڻيهه جي سڪ سمايل آهي هو انفراديت ۽ آزادي چاهي ٿو وٽس آزاديءَ جو الستي انداز آهي جن جو اظهار هنن سٽن ۾ نظر اچي ٿو:
واجهائي وطن کي، آءُ جي هِتِ مُياسِ؛
گورَ مُنھِنجي سُومِرا! ڪَجِ پَنوَهارنِ پاسِ؛
ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيھَ جِي، مَنجهان وَلِڙِيُنِ واسِ؛
مُيائِي جياسِ، جي وَڃي مَڙهُ مَلِيرَ ڏي.
سمجهاڻي: ساڻيھه (وطن) لاءِ سڪندي جي هت مران، اي سومرا! منھنجي قبر پنوهارن (مارن) وٽ ٺاهجان، اباڻي وطن جي ولين مان مون کي واس ڏجان، جيڪڏهن منھنجو لاش ملير وڃي ته ڄڻ مئل جيئري ٿيس.
واجهائي وَطَنَ کي، ساري، ساهُ ڏِيان؛
ھِيُ سِرُ ساڙيھَ سامُھون، مُنھِنجو نِج، ميان!
مُقامِياڻي مارُئين، وَڃِي ٿَرِ ٿِيان!
مُيائِي جِيان، جي وَڃي مَڙھُ مَلِيرَ ڏي.
سمجهاڻي: جي ساڻيھ لاءِ سڪندي ۽ اُن کي ساريندي دم ڏيان ته اي امير! ھي منھنجو سر، وطن طرف کڻي ھلج. (منھنجو لاش ملير ڏي نج) آئون شل ٿر ۾ وڃي مارن جي وچ ۾ دفن ٿيان. جي منھنجو لاش ملير ۾ وڃي ته (آئون) مئل بڀ جيئري چئبيس.
ڄارِين نارِين نيسَ، آءُ ڪِيئَن ويڙِ وِسارِيان
ڍُرِڪَنِ ٿِيُون ڍاٽيلِيُون، ڪُلھَنِ ڪارا ڪيسَ
عُمرَ! ماري ميسَ، وِھان ڪِيئَن وَطَنَ ري.
سمجهاڻي: مارئي ٿي چوي ته منھنجي ملڪ ملير ۾ جتي جا (کٻڙ) وڻ آھن ۽ جتي برسات جو گهڻو پاڻي پلٽجي وھڪرا ڪري وھي ھلي ٿو، آءُ اُھي ماڳ ڪيئن ٿي وساري سگهان. جتي ڍٽ ۾ رھندڙ عورتن جا ڊگها ڪارا وار سندن ڪلھن تي پيا ڪِرن. اي عمر، آءُ پنھنجي ضمير کي ماري، اھڙي سھڻي وطن کي وساري ھِتي ڪيئن ويھي رھنديس؟
اڄ جڏهن پنهنجي ثقافتي عيد ملهائي پئي وڃي ته شاهه سائينءَ جي فڪر ۽ فلسفي کي ساڻيهه جي سونهن پنهنجي سيني ۾ سمائڻي پوندي لالچ ۽ لوڀ حرص ۽ حوس دنيا پرستي ۽ ذات پرستيءَ کي پري ڪري اعليٰ مقصد لاءِ جستجو ڪرڻي پوندي ڇو ته ثقافت ۾ رڳو گيتن تي رقص ڪرڻو ڪونهي ثقافت ۾ رڳو ٽوپي اجرڪ ڪونهي لطيف سرڪار ڪئي صديون اڳ سنڌ جي ثقافت تهذيب ۽ تمدن جي ترجماني ڪندي سادي ۽ سٻاجهي عوام جو آواز بڻجي اميرن ۽ خوشحال ماڻهن جي هلت چلت جو بيان ڪيو آهي انهيءَ مان سبق پرائي پنهنجي ديس جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. لطيف سائينءَ وٽ سهڻيءَ جو ڪردار اتم اعليٰ همت جرئت ۽ قربانيءَ جو آهي. سسئي جدوجهد جي علامت آهي. نوري نهٺائيءَ سبب بادشاهه کي به نوائي ٿي. ائين مارئي حب الوطنيءَ جو اڻ مٽ اهڃاڻ آهي. سنڌين جي مزاج ۾ خودداري سادگي سچائي سٻاجهائي قرب خلوق نهٺائي ۽ نماڻائي آهي هو پنهنجي مٽيءَ سان بي پناهه پيار ڪن ٿا هو مهمانن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهن هو پنهنجي ڌرتيءَ خاطر جان به قربان ڪري ڇڏيندا آهن ائين ننگن تان نثار ٿيڻ سندن وڙ رهيو آهي. هو پنهنجي ثقافت رهڻي ڪهڻي ۽ فطرت سان ٺهڪي بيٺل آهن ڇو ته اها ثقافت قدرت جي جوڙيل آهي جنهن کان منهن نٿو موڙي سگهجي. هو امن ۽ سلامتيءَ جا علمبردار آهن هو عزت شان ۽ وقار سان زندگي گذارڻ کي اهميت ڏين ٿا ۽ اميراڻي ثقافت کي حقارت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. اچو شاهه سائينءَ جي اصول ۽ مقصد تي اٽل ۽ اڏول بيهي پنهنجي ثقافت جي حفاظت سان گڏ هر طاقت ۽ ڏاڍ جو جرئت ۽ بهادريءَ سان مقابلو ڪريون.
زيريَين ٻَيڙيَين لوهَ ۾، ڳَٽَن ڪيَس ڳاههُ
سَنڪي سندَي سُومرَي، هَڏ نه چاڙهيَم ماههُ
سرتيُون! دعا ڪجَاههُ، ته ڀَرَمُ ڀَارَوڙيَ رهَي۔
بيت جو پس منظر: ڏنڊا ٻيڙين, پير ڪڙين ۽ ڳچيءَ ۾ پاتل زنجيرن ته مون کي چڪنا چور ڪري ڇڏيو آهي. عمر سومري جي ڊپ کان جسم تي ماس ئي نه رهيو آهي. اي سرتيون! دعا ڪجو ته شال هن لوئيءَ جي لڄ رهجي اچي.
سمجهاڻي: مارئي پاڻ مٿان عمر بادشاهه جا ظلم ڳڻائيندي چئي ٿي ته منهنجي سڄي جسم کي لوهي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آهي، نه رڳو هٿن ۽ پيرن ۾ زنجير پاتل آهن، پر ڪنڌ ۾ به لوها پٽا پارايا ويا آهن. عمر بادشاهه جي خوف، ظلم، وحشت ۽ دهشت سبب جسم جو گوشت ئي روڙجي ويو آهي، ڳري ڪنڊا ٿي وئي آهيان. او سرتيون! اوهين دعا ڪجو ته منهنجو هي اٽل ارادو، عزم، حوصلو قائم رهي. هن مارن جي لوئيءَ جي لڄ بچائي سگهان.