قاتل روبوٽ تي تحقيق ڪرڻ تي ڏکڻ ڪوريا جي يونيورسٽي جو بائيڪاٽ
ڏکڻ ڪوريا جي هڪ يونيورسٽي طرفان قاتل روبوٽن تي تحقيق ڪرڻ واري عالمي سطح تي مصنوئي ذهانت جي ماهرن پاران يونيورسٽي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. ان ڏس ۾ خط ذريعي اهڙن ماهرن يونيورسٽي جي هن عمل جي مذمت ڪندي يونيورسٽي کي بائيڪاٽ ڪرڻ جي فيصلي بابت آگاهه ڪيو آهي. لڳ ڀڳ 57 ماهرن پاران لکيل خط ذريعي يونيورسٽي انتظاميه کي ٻڌايو ويو آهي ته هن قسم جي تحقيق ڪرڻ بعد ان يونيورسٽي سان ڪنهن به قسم جي معاونت نه ڪئي ويندي. خط ۾ چيو ويو آهي ته يونيورسٽي طرفان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ داخل ٿيڻ جو هي عمل تمام ڏکوئيندڙ آهي. خط ذريعي يونيورسٽي کي چيو ويو آهي ته اها اهڙي قسم جي تحقيق کي بند ڪري ڇڏي ٻي صورت ۾ ان سان سندن ڪنهن به قسم جو سهڪار نه رهندو. ٻئي طرف ڏکڻ ڪوريا انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي سربراهه سانگ چل شن چيو ته يونيورسٽي ڪنهن به قسم جي خطرناڪ هٿيارن ٺاهڻ جي ڪوشش نه ڪري رهي آهي. اهڙا سڀ الزام بي بنياد آهن، جنهن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق نه آهي.a