14 مارچ تي بين الاقوامي درياءَ جي بقا لاءِ عملي جدوجهد جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد دريائن جي تحفظ، پاڻيءَ جي وسيلن جي سنڀال ۽ ماحولياتي تبديليءَ جي اثرن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. درياءَ نه رڳو پاڻيءَ جا وهڪرا آهن، پر اهي تهذيبن، زراعت، جيوت ۽ انساني زندگين لاءِ حياتيءَ جو سرچشمو آهن. سنڌو درياءَ اسان جي ملڪ جو وڏي ۾ وڏو درياءَ آھي، جيڪو اُتانھين جبلن مان وھندو، ميداني علائقن مان گذرندو، عربي سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿو. درياءَ جي پاڻيءَ تي فصل ڀلا ٿين ٿا. سنڌو درياءَ، جيڪو دنيا جي قديم ترين دريائن مان هڪ آهي، هزارين سالن کان سنڌ جي زراعت، ثقافت ۽ واپار جو سهارو رهيو آهي، پر افسوس اڄ اهو درياءَ سخت ماحولياتي، اقتصادي ۽ سماجي خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. سنڌو درياءَ رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي، پر اهو لکين ماڻهن جي زندگين سان جڙيل آهي. پاڪستان جي وڏي آبپاشي نظام جو سهارو سنڌو درياءَ آهي، جنهن مان ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ ڪپهه جهڙا فصل پوکيا وڃن ٿا. سنڌو درياءَ مان پلو مڇي جهڙيون ناياب مڇيون ملن ٿيون، جيڪي سنڌي ماڻهن جي خوراڪ جو اهم حصو آهن. جيوت جي حياتي جو سڄو دارومدار سنڌو درياءَ تي آھي. سنڌو ڊالفن، مانگر مڇ، تازي پاڻيءَ جون ڪُميون ۽ سائيبريا کان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ پکين جي لاءِ جنت آهي، جن لاءِ هي درياءَ آخري سهارو آهي. ثقافتي ۽ تاريخي اهميت جي حساب سان سنڌو درياءَ موهن جو دڙو جي تهذيب جو بنياد رهيو آهي، جيڪا دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ هئي.
سنڌو درياءَ کي درپيش خطرا: وقت سان گڏ سنڌو درياءَ کي ڪيترائي انسانن جا هٿرادو يپدا ڪيل ۽ قدرتي خطرا سامهون آهن. (1) بندن ۽ بئراج جي اڏاوت: نوان بند ٺهڻ سبب درياءَ جو قدرتي وهڪرو گهٽجي رهيو آهي، جنهن سان سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ وڌي رهي آهي. (2) پاڻيءَ جي گدلاڻ: فيڪٽرين جو گدلو پاڻي، ڪيميائي مادا ۽ شهري گندگي درياءَ ۾ ڇوڙ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب مڇي مري رهي آهي ۽ پاڻي استعمال لائق نه رهيو آهي. (3) موسمياتي تبديليون: موسمي تبديليءَ سبب برساتون گهٽ ٿي رهيون آهن، گليشئر تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن ۽ درياءَ ۾ ڪڏهن سخت ٻوڏ ته ڪڏهن سخت ڏڪار ٿين ٿا. (4) بي احتياطي ۽ ناجائز پاڻيءَ جو استعمال: درياءَ جي پاڻيءَ جو غلط استعمال، غير قانوني نهرون ۽ پاڻيءَ جي غير منصفاڻي ورڇ سنڌو درياءَ کي سوڪهڙي طرف ڌڪي رهيون آهن.
14 مارچ تي، بين الاقوامي دريائن لاءِ عمل جي ڏينھن تي اسان کي عملي قدم کڻڻا پوندا:
* پاڻيءَ جو بچاءُ: غير ضروري پاڻيءَ جي استعمال کي روڪڻ ۽ زراعت ۾ جديد ۽ بچت وارا طريقا اختيار ڪرڻ.
* دريائن جي صفائيءَ لاءِ مهمون: سنڌو تي ڌاڙو ختم ڪرڻ لاءِ عملي طور فرض نڀائڻ، فيڪٽرين جي زهريلي ڪيميائي مادن کي روڪڻ، گندگي کي درياءَ ۾ ڇوڙ ٿيڻ کان بچائڻ.
* حڪومتي پاليسين تي عمل: دريائن لاءِ سخت قانون لاڳو ڪرڻ، ماحولياتي تحفظ جي قدمن تي عملدرآمد ڪرائڻ.
* ماحولياتي آگاهي: اسڪولن، ڪاليجن ۽ عوام ۾ دريائن جي بچاءَ بابت شعور پيدا ڪرڻ ته جيئن ماڻهو ان جي حفاظت لاءِ اڳتي اچن.
جيڪڏهن اسان اڄ سنڌو درياءَ کي نه بچايو ته ايندڙ نسل نه زراعت حاصل ڪري سگهندو، نه تازو پاڻي پيئڻ لاءِ ملندو ۽ نه ئي سنڌ جي تهذيب زنده رهندي. دريائن جي بين الاقوامي تحفظ وارو ڏينهن اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته درياءَ اسان جي زندگي آهن ۽ انهن کي بچائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. اچو ته گڏجي سنڌو درياءَ کي پاڻيءَ جي کوٽ ۽ تباهيءَ کان بچايون!