فرج جي سامان کي ڏسي کاڌو پچائڻ ۾ مدد ڪندڙ ايپ تيار
يملي ايپ ذريعي توهان پنهنجي فرج اندر موجود سامان کي اسڪين ڪري انهن مان ٺهندڙ ڊش جون تجويزون ڏسي سگهو ٿا. اسان جي ملڪ اندر هر روز گهرن ۾ اهو سوال اٿندو رهندو آهي ته اڄ ڇا پچايو وڃي، هاڻ ان جو حل هڪ ايپ ذريعي ڏنو ويو آهي، جنهن کي مفت ۾ ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو. هن ايپ جو نالو يملي 2.0 آهي. هي ايپ سمارٽ فون ذريعي ٺاهيل فرج ۾ رکيل ڀاڄين جي تصوير کي پنهنجي ڊيٽا ۾ اسڪين ڪري انهن مان ٺهي سگهجندڙ کاڌن بابت معلومات ڏيندي. ان کان علاوه ان مشوري ۾ مليل کاڌن مان ڪنهن کي ڪو کاڌو پچائڻ ايندو نه هوندو ته ان کاڌن جي پچائڻ جو مڪمل طريقو به ٻڌايو ويندو. اها ايپ اون کي گرم به ڪري سگهي ٿي ۽ کاڌي ٺهڻ جي اطلاع به ڪري سگهي ٿي.

