ايڊيٽوريل

حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ٽي ارب رپين جي خُرد بُرد جو اسڪينڊل

            سنڌ گورنمينٽ کان جڏهن سنڌ جي ترقيءَ بابت سوال پڇيو ويندو آهي ته وزير صاحبان هڪدم مثال ڏيندي سنڌ ۾ صحت جي سهولتن جي بهتري جو ذڪر ڪرڻ شروع ڪندا آهن، اهو ٻڌائيندا آهن ته سنڌ حڪومت اين آءِ سي وي ڊي، انڊس هاسپيٽل، ايس آءِ يو ٽي ۽ اهڙيون کوڙ ساريون اسپتالون ٺاهيون آهن جيڪي سنڌ جي عوام کي صحت جي سهولت جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيون آهن. انهيءَ ڳالهه ۾ بلڪل صداقت آهي، پر جڏهن ٻئي طرف نظر ڦيرائجي ٿي ته سنڌ جون اسپتالون جيڪي ٻهراڙين ۾ آهن اهي ڀوت بنگلن جو ڏيک ڏئي رهيون آهن.

            سول اسپتال حيدرآباد جنهن تي مريضن جو مختلف علائقن کان اچڻ جو تناسب تمام گهڻو وڌيڪ آهي، ايئن سمجهو ته اڌ سنڌ جا مريض حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ اچن ٿا. يقينن اهي مريض اچن ٿا جيڪي خانگي اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ جي طاقت نٿا رکن. سرڪاري اسپتال ۾ اچڻ جو واحد سبب انهن جي مالي پوزيشن بهتر نه هوندي آهي. هن وقت سول اسپتال حيدرآباد جي ڊائريڪٽر عبدالستار جتوئي جي حوالي سان هڪ وڏو اسڪينڊل سامهون آيو آهي جيڪو هن وقت نيب جي انڪوائري هيٺ آهي. نيب الزام لڳايو آهي ته عبدالستار جتوئي دوائون خريد ڪرڻ ۽ انهن کي وري خانگي طور وڪرو ڪرڻ جي مد ۾ سول اسپتال حيدرآباد جا ٽي ارب رپيا خرد برد ڪيا آهن. انهيءَ اسڪينڊل اچڻ کانپوءِ عبدالستار جتوئي کي پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو ۽ سندس بدلي ڪئي وئي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ساڳيو ماڻهو سنڌ گورنمينٽ کان آرڊر واپس وٺي سول اسپتال حيدرآباد ۾ پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت جي انهيءَ آرڊر کي سنڌ هاءِ ڪورٽ رد ڪيو آهي، پر ان جي باوجود شايد هي ماڻهو ايترو سگهارو آهي ۽ هن جا تعلقات ۽ رسايون پنهنجي کاتي جي اعليٰ عملدارن تائين ۽ وزيرن تائين آهن جو ان کي ايڏي وڏي ڪرپشن جي الزام هيٺ اچڻ کانپوءِ به ساڳي سيٽ تي ڪورٽ جي حڪم جي انحرافي ڪندي بحال ڪيو ويو آهي. اهو هڪ وڏو سوال آهي سنڌ گورنمينٽ کان؟ جڏهن سنڌ گورنمينٽ چوي ٿي ته هو ڪرپشن کي ختم ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهي آهي ان وقت سنڌ جو عوام ڏسي ٿو ته ايڏي وڏي ڪرپشن ڪندڙ ڀلي اهو الزام ئي هجي، پر ڪيس نيب جي انڪوائري هيٺ آهي. ان  آفيسر کي اوهان واپس ساڳي سيٽ تي بحال ڪري ڇڏيو آهي. ڇا توهان وٽ ٻيا آفيسر نه آهن؟ پوءِ سنڌ سرڪار ڪيئن چئي سگهندي ته هو ڪرپشن کي روڪڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي. هن وقت هڪ وڊيو جيڪا ملڪي ميڊيا تي هلي رهي آهي جنهن ۾ اهو ڏٺو ٿو وڃي ته عبدالستار جتوئي پنهنجي آفيس مان مختلف فائل کڻي وڃي رهيو آهي، جنهن جي لاءِ چيو ٿو وڃي ته انهن فائلن ۾ مبينا طور اهو رڪارڊ موجود آهي جنهن ۾ ايڏي وڏي رقم جي دوائن جي خريداري جي ڏيکاري وئي آهي، پر حقيقت ۾ اها خريداري صرف ڪاغذن ۾ ٿي آهي. عبدالستار جتوئي تي اهو پڻ الزام آهي ته هن جو تعلق ملڪ جي هڪ مذهبي سياسي پارٽي سان آهي. ان سياسي پارٽي کي راضي رکڻ لاءِ سنڌ گورنمينٽ هن آفيسر کي نيب جي انڪوائري هجڻ جي باوجود واپس پنهنجي سيٽ تي بحال ڪيو آهي. سندس وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ به سنڌ جي صحت کاتي جي سيڪريٽري يا ايم ايس سول اسپتال حيدرآباد يا وزير صحت سنڌ جو ڪوبه بيان ميڊيا ۾ نه آيو آهي.

            سنڌ جو عوام مطالبو ڪري ٿو ته ايڏي وڏي رقم جيڪا سنڌ جي عوام جي ٽيڪسن جي آهي، دوائن جي مد ۾ غريب ماڻهن جي مٿان خرچ ٿيڻي آهي اها جيڪڏهن هڪ آفيسر خرد برد ڪري ٿو ته پوءِ ان کي واپس پنهنجي سيٽ تي بحال ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟ ڀلي پوءِ ان تي اڃان تائين الزام ڇو نه هجي. نيب جي انڪوائري پوري ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن الزام ثابت ٿئي ٿو ته ان آفيسر کان رقم ڀرائي وڃي ۽ سندس نوڪري ختم ڪئي وڃي. ۽ جيڪڏهن الزام ثابت نٿو ٿئي ته پوءِ ڀلي کيس واپس پنهنجي سيٽ تي بحال ڪيو وڃي، ان وقت تائين ڪنهن به صورت ۾ هن کي ساڳي سيٽ تي رهڻ جو اخلاقي جواز نظر نٿو اچي. انهيءَ طرف سنڌ سرڪار کي ڌيان ڏيڻ گهرجي.