پاڪستان ۾ توانائي جا ذريعا پنهنجي پيداوار ۾ جيئن ته مهانگا آهن. ائين بجلي ۽ گئس عام صارفين لاءِ مهنگي هجي ٿي. بجلي، پاڻي ۽ گئس جهڙين بنيادي سهولتن تائين رسائي شهرين جو بنيادي حق آهي ۽ وفاقي ۽ صوبائي سرڪارن جو اهو فرض آهي ته ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪن، تازو وزيراعظم جي صدارت هيٺ بجلين جي تقسيم ڪار ڪمپنين جي ڪارڪردگي تي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ اها ڳالهه واضح طرح ڪجي ٿي ته اسان وٽ جيئن ته ادارا ڪم نه ڪري رهيا آهن. نتيجي ۾ تمام وڏي پئماني تي ملازمن جي فوج رکڻ جي باوجود نتيجا بهتر نه ٿا اچن. بجلي به اهڙو شعبو آهي، جنهن جا وفاقي ادارا جيئن ته واپڊا ۽ نيپرا ۽ بجلي ڪمپنيون جيئن حيسڪو، ليسڪو، ڪيپڪو، ڪيسي وغيره ايترن ادارن ۽ تمام وڏي اسٽرڪچر ۽ وڏي بجيٽ سميت نتيجا بهتر نه آهن. آخر ۾ نيٺ اهو ٿئي ٿو ته خانگي ڪمپنيون انهيءَ شعبي ۾ اچي وڃن ٿيون. جيئن آئي پي پيز انڊپينڊنٽ پاور پروجيڪٽ پاڪستان ۾ مهانگي بجلي جو سبب بڻجي ويا آهن. سرڪاري ادارا ڪم نه ٿا ڪن ۽ خانگي ادارا پنهنجي مرضي جون قيمتون مڙهيو ڇڏين. انڊپينڊنٽ پاور پروجيڪٽ جي ڪري اسانجو سرڪيولر ڊيبٽ وڌي ويو آهي ۽ بجلي مهانگي ٿي آهي. انهيءَ ڪري ماڻهو توانائي جي بحران جي ڪري وقت جي سرڪار جي شڪايت پيا ڪندا آهن. ڇاڪاڻ جو اهي بنيادي متاثرين مان هجن ٿا. جيئن ته گذريل ڪجهه سالن کان مهانگائي اسانجي عام ماڻهو لاءِ هڪ وڏي مسئلي طور موجود رهي آهي ۽ يوٽيلٽي جي سلسلي ۾ ڳرا بل هر مهيني انهن کي مسلسل فڪر ۾ رکن ٿا. اسانجي سماج جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته اسان وٽ جديد رياست واريون سهولتون موجود آهن. جن ۾ ڪميونيڪيشن ۽ توانائي ٻه اهم شعبا آهن، جيڪي دنيا ۾ ضروري سمجهيا وڃن ٿا. اسان وٽ به اهي ٻئي شعبا شروع کان وٺي ڪم ڪري رهيا آهن، پر گذريل ڪافي سالن کان لڳي ائين ٿو ته اسانجا ادارا غير پيداواري ٿي ويا آهن. ملازم آهن، جيڪي پگهار ۽ بونس جو انتظار ڪري رهيا آهن، پر انهن کي جيڪا فرض ادائگي ڪرڻي آهي انهيءَ ۾ اهي ناڪام ويا آهن. سرڪار ڪنهن کي به بيروزگار ڪري پاڻ تي الزام آڻڻ نه ٿي چاهي. گهڻي وقت کان وٺي اها ڳالهه هلندڙ هئي ته بجلي ڪمپنين کي خانگايو ويندو، پر هيستائين گهڻيون ڪمپنيون پرائيويٽائيز نه ٿي آهي. سواءِ ڪراچي اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني جي. KESC جي ڪري ڪراچي جا شهري سهولت سان آهن. ڇاڪاڻ جو پرائيويٽ ڪمپني جي ملازمن کي خبر آهي ته ڪم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي. KESC جي پرائيويٽائيزيشن کي ڪيترائي سال ٿي ويا آهن. هاڻي اهو ادارو بهتر نموني سان هلي رهيو آهي. اسين موجوده حڪومت کي ۽ پرائيويٽائيزيشن جي وزارت کي اهو عرض ڪندا هلون ته بجلي جو مسئلو جيستائين ادارا سرڪار جي هٿ ۾ هوندا حل ڪونه ٿيندو. انهيءَ ڪري سڀني بجلي ڪمپنين کي خانگايو وڃي. جيستائين (FESCO), (GEPCO), (HAZECO), (HESCO), (IESCO) اهي ڪمپنيون پرائيويٽائيز نه ٿينديون توانائي جو مسئلو حل ڪونه ٿيندو ۽ عوام جي ٽيڪسن مان ٺهيل ملڪ جي بجيٽ جو هڪ وڏو حصو انهن ڪمپنين کي ادائگين ۾ صرف ٿي ويندو. اها ڳالهه اسان وزيراعظم ميان شهباز شريف جي بجلي جي سلسلي ۾ کنيل قدمن جي ڏس ۾ ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ بجلي ڪمپنين جي متعلق ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. جنهن ۾ هن بجليءَ جي چوري کي روڪڻ لاءِ بهتر منصوبه بندي جي ضرورت جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ اهو به چيو آهي ته اوور بلنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪونهي. وزيراعظم صاحب جي ڪوششن کي داد ڏجي ٿو ته اهو توانائي جي شعبي ۽ بجلي جي فراهمي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ بجلي جي تقسيم ڪار ڪمپنين جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو آهي. جائزه اجلاس ۾ لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، پشاور اليڪشن سپلاءِ ڪمپنين، فيصل اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جا ڪم ڪار بحث هيٺ آيا. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اوور بلنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي ۽ انهيءَ ۾ ملوث آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ بجلي جي چوري کي به روڪيو ويندو.
اسين ملڪ جي وزيراعظم کي اهو عرض ڪندا هلون ته توانائي جي بحران کي حل ڪرڻ جا ٻه حل آهن، هڪ ته بجلي ۽ گيس کي عام ماڻهن جي پهچ آهر بڻايو وڃي يعني انهيءَ کي سستو ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهو ان جي بلن جي ادائگي سولائي سان ڪري سگهن. ٻيو حل اسان اڳ ۾ ئي عرض ڪيو آهي ته بجلي جي تقسيم ڪار ڪمپنين کي پرائيويٽائيز ڪيو وڃي. وزيراعظم ميان شهباز شريف جي توانائي جي شعبي ۾ ڪيل ڪوششن جي آجيان ڪجي ٿي.