بلاگخاصنئون

موسيقي ۽ انسانيت جو خادم: ڀڳت چنديرام

آمريڪي فلسفي “جارج سينٽايانا” جي خيال مطابق: جيڪي ماڻهو پنهنجي ماضيءَ کي وساري ڇڏين ٿا، اهي ان کي ٻيهر ورجائڻ لاءِ مجبور ٿي وڃن ٿا. (“Those who cannot remember the past are condemned to repeat it.”)، جڏهن بنيادي ضرورتون اڻپوريون رهنديون آهن، تڏهن جماليات، فن ۽ موسيقي جهڙيون شيون انسان جي شعور تي ٻئي پاسي ٿي وڃن، ڇو ته هڪ خالي پيٽ جو شعور هميشه پنهنجي پورائي جي ڳولا ۾ رهي ٿو. اڄ جي سماج ۾، جتي مهانگائي ماڻهن جي بنيادي حقن کان کين محروم ڪري رهي آهي، بک هڪ اهڙو الميو بڻجي چڪي آهي، جيڪو هر حساس شعور کي لوڏي ٿو. فن ۽ فلسفو ته ڪنهن قوم جي اخلاقي عظمت جا معيار آهن، پر جڏهن پيٽ خالي هوندو آهي، تڏهن اهو فن به بيڪار لڳندو آهي. هڪ بکئي ماڻهو لاءِ، ڀڳت، راڳ يا شاعري ڪجهه لمحن لاءِ دلاسو ڏئي سگهي ٿي، پر اها بک جي سچائي کي مٽائي نٿي سگهي. مهانگائي نه صرف پيٽ خالي ڪري ٿي، پر ان سان گڏ انسان جي خوابن ۽ اميدن کي به خالي ڪري ٿي. ان حالتن ۾، ڀڳت ٻڌڻ يا فنون لطيفه جي تعريف ڪرڻ به هڪ اهڙو عيش لڳندو آهي، جيڪو فقط ٿورا ئي ماڻهو ڪري سگهن ٿا. سماج جي اها حقيقت اسان کي ياد ڏياري ٿي ته انساني ترقي رڳو ٽيڪنالاجي ۽ علمي قدمن تائين محدود ناهي، پر اها بنيادي انساني ضرورتن جي پورائي تي به دارومدار رکي ٿي.

اسان سنڌ ڌرتيءَ ۽ پنهنجي ماضيءَ کي ڪيئن وساري سگهون، جتي گيت، سنگيت ۽ ڀڳت زندگيءَ جي ڌڙڪن وانگر رهيون آهن؟ سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخ فن، ثقافت ۽ جذبات جي هڪ اڻ کٽ مالا آهي، جنهن ۾ هر ڳٽ انسانيت، امن ۽ جماليات سان ٻڌل آهي. ان ڌرتي پنهنجي ماضيءَ ۾ موسيقيءَ جي اهڙي لهر پيدا ڪئي آهي، جيڪا رڳو ڪنن تائين محدود نه رهي، پر دلين کي جوڙي رکڻ جو ڪم ڪيو. زندگيءَ جي تلخ حقيقتن باوجود، سنڌي ثقافت ۾ گيت ۽ سنگيت انساني شعور جو لازمي حصو رهيا آهن. جڏهن سماج مهانگائي، غربت ۽ بي وسيءَ جي چنبي ۾ هجي، تڏهن به انسان پنهنجي ثقافتي ورثي ڏانهن واپس وڃڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿو، ڇو ته اها ئي سندس سڃاڻپ جو بنياد آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي موسيقيءَ ۽ ڀڳت کي وساري ڇڏيون ته گويا اسان پنهنجو اهو شعور وڃائي ڇڏينداسين، جيڪو اسان کي تاريخ ۾ زنده رکندو آيو آهي. اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي ثقافتي ورثي کي وسارڻ لڳا آهيون ته ان جو سبب رڳو مادي ضرورتن جو زور نه، پر اسان جي پنهنجي شعوري غفلت به آهي. اسان کي اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته گيت ۽ سنگيت رڳو تفريح نه آهن، بلڪه اهي انساني روح جي بقا لاءِ اهم آهن، سنڌي ڀڳت اسان کي ٻڌائين ٿا ته زندگيءَ جي اصل حقيقت جماليات، محبت ۽ انسانيت ۾ آهي، نه رڳو مادي شيون گڏ ڪرڻ ۾. جيڪڏهن اسان گيت، سنگيت ۽ ڀڳت کي وسارڻ لڳاسين ته اسان رڳو پنهنجي ثقافت کي نه، پر پنهنجي انسانيت کي به وڃائي ڇڏينداسين. ان ڪري، اسان جي ذميواري آهي ته پنهنجي تاريخ، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي ورثي کي زنده رکون، ڇو ته اهوئي اسان جي وجود جو بنياد آهي. ڀڳت موسيقي سنڌ جي ثقافتي ۽ تخليقي شعور جو اهڙو بنيادي ۽ لطيف اظهار آهي، جيڪو فن جي سنگم تي بيٺو آهي. اها نه رڳو فن جو هڪ نمونو آهي، پر انساني تجربن ۽ فطرت جي گهاٽن منظرنامن کي موسيقيءَ ۽ ڪهاڻيءَ جي ذريعي هڪ اهڙي نئين سڃاڻپ ڏئي ٿو، جيڪا وجود جي بنيادي سوالن سان لاڳاپيل آهي. ڀڳت، پنهنجي جوهر ۾، صرف ڪهاڻي ٻڌائڻ يا موسيقي پيش ڪرڻ جو نالو ناهي؛ اهو انساني جذبات ۽ فڪري حوالن جي اظهار لاءِ هڪ اهڙو اسلوب آهي، جيڪو وقت جي حدن کان آزاد آهي. ڀڳت کي جڏهن گھرائي ۾ ڏسبو ته ان جي جڙت انسان جي ماورائي ۽ مادي حقيقتن جي ڳولا ۾ هڪ جدوجهد نظر اچي ٿي. ان جي ڍانچي ۾ جيڪي داستان آهن، سي فقط ڪردار ۽ واقعن جا تسلسل نه آهن، پر انساني وجود جي معنائن ۽ انهن جي کوٽائيءَ سان ڳنڍيل سوالن جو جواب ڏيڻ جي هڪ ڪوشش آهن.

ڀڳت جو فن، ڪٿي ڪٿڪ جهڙي فنڪاريءَ سان ملي ٿو ته ڪٿي سنڌي ثقافت جي مايه ناز روايتن جي خالصيت کي پيش ڪري ٿو. اهو هڪ ارتقائي فن آهي، جيڪو پنهنجي اندر هزارين سالن جي تهذيبي شعور ۽ تخليقي جاکوڙ کي محفوظ رکي ٿو. ڀڳت رڳو تفريح نه پر زندگيءَ جي ان معنوي ڳولا جو ذريعو آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جي وچ ۾ جڙت ڳولي ٿو. ان ۾ موجود داستان گوئي ۽ موسيقي، وجودي ۽ جمالياتي سوالن جي حل لاءِ انساني جذبي جو اظهار آهي. ڀڳت، هڪ اهڙو “ڪائناتي بيان” آهي، جيڪو زندگيءَ جي روايتي بي معنيٰ لڳندڙ جزن کي هڪ وحدت ۾ پيش ڪري ٿو. اها فن جي اها صورت آهي، جيڪا نه فقط ٻڌندڙ جي ذهني ۽ جذباتي دنيا کي ڇهي ٿي، پر ان کي پنهنجي زندگيءَ جي معمولي ۽ غير معمولي پهلوئن تي ٻيهر غور ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي. ان ڪري، ڀڳت کي صرف هڪ فن نه، پر زندگيءَ جي مڪمل ۽ گهاٽي فلاسافي طور ڏسڻ گهرجي، جيڪا وقت جي هر واھ ۾ پنهنجي معنيٰ برقرار رکندي رهي ٿي. ڀڳت جي ٽولي ۽ ان جي سماجي ۽ ثقافتي حيثيت، انساني وجود جي روحاني ۽ جمالياتي سفر جو اهڙو اظهار آهي، جيڪو سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيبي شعور جو عڪاس آهي. ڀڳت جو فن صرف هڪ راڳ يا داستان گوئيءَ جو نظام نه، پر هڪ اهڙو اظهار آهي، جيڪو انساني تجربن، جذبات ۽ روحاني ڳولا کي هڪ منظم شڪل ڏئي ٿو. ٽولي جي جوڙجڪ، ان جي سازن ۽ ان ۾ شامل فنڪارن جي ڪردار کي جيڪڏهن عقل جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ته اهي سڀ گڏجي وجود جي وحدت ۽ تنوع جي علامت بڻجن ٿا. ڀڳت جي ٽولي ۾ هر فرد جو مخصوص ڪردار، انساني سماج ۾ فرد جي حيثيت ۽ ذميواريءَ جي ياد ڏيارڻ آهي. مک فنڪار، جيڪو راڳداري ۽ داستان گوئيءَ جو ماهر آهي، ڪائنات جي وجودي ڪهاڻيءَ جو ترجمان بڻجي ٿو. هو، پنهنجي آواز ۽ موسيقيءَ سان، انساني زندگيءَ جي اڻپوري جذبن ۽ خوابن کي هڪ اهڙي وحدت ۾ ڳنڍي ٿو، جيڪا سامعين کي پنهنجي اندر جي دنيا ڏسڻ تي مجبور ڪري ٿي. ساڳيءَ ريت، هارمونيم ۽ پڪواز تي ساز وڄائيندڙ فنڪار، ڪائناتي تال ۽ سر جي استعارن جي علامت بڻجن ٿا. انهن جو ڪم، ڪهاڻيءَ جي وجودي تسلسل کي موسيقيءَ جي ذريعي هڪ جوڙ ڏيڻ آهي، جيئن وقت جي روانيءَ ۾ وجود جو احساس برقرار رهي.

ننڍي ٽهيءَ وارا ناچو، ڀڳت جي ٽولي جو اڻ ٽٽ حصو آهن، جيڪي جذبات جي اظهار جو جمالياتي پاسو پيش ڪن ٿا. انهن جو ناچ، زندگيءَ جي رواني ۽ تحرڪ جي علامت آهي. انهن جو متحرڪ جسم، انساني روح جي آزادي ۽ توانائيءَ جو اهڙو اظهار آهي، جيڪو ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن جي احساسن کي هڪ نئين سچائيءَ سان روشناس ڪرائي ٿو. ڀڳت جي رسم، رات جي ٻئي پهر ۾، جڏهن دنيا جون ظاهري ڳالهيون ماٺ ٿي وڃن ٿيون، وجود جي اندروني گفتگو کي سامعين تائين پهچائي ٿي. اهو وقت، شعور جي ماورائي لهرن کي پڪڙڻ جو مناسب ترين لمحو آهي. ان وقت، انساني ذهن جي سڀني گونجندڙ آوازن کي خاموش ڪري، هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ٻڌندڙ کي پنهنجي ذات ۽ ڪائنات جي وحدت ۾ غرق ڪري ڇڏي. مشهور ڀڳتن جا نالا ۽ انهن جون خدمتون، سنڌ جي سماجي ۽ ثقافتي يادگيريءَ جا حوالا آهن. اهي فرد، سنڌ جي سماجي جيوت جي وحدت ۽ تنوع جو اهڙو استعارو آهن، جيڪي مختلف مذهبن، نسلن ۽ ثقافتن کي هڪ اهڙي زنجير ۾ ڳنڍين ٿا، جيڪا انسان جي بنيادي جذبي، محبت ۽ امن تي ٻڌل آهي. ڀڳت ڪنور رام ۽ نارو ڀڳت، پنهنجي آواز ۽ ڪهاڻيءَ ذريعي، انساني دلين کي اهڙي وحدت ۾ ڳنڍي ڇڏيو، جيڪا مذهب، قوم ۽ نسل کان ماورا آهي. ورهاڱي کانپوءِ، جڏهن ڀڳت جا ڪيترائي ٽولا هندستان لڏي ويا ته هي فن پنهنجي اصل قوت وڃائي ويٺو. ان جو اجڙجڻ، انساني سماج ۾ روحاني ۽ جمالياتي قدرن جي گهٽتائيءَ جي علامت آهي. ڀڳت جو فن فقط موسيقي يا داستان گوئي نه پر انساني وجود جي معنويت ۽ ڪائنات جي ماورائي وحدت جو اهڙو اظهار آهي، جيڪو وقت جي هر راهه ۾، پنهنجي هڪ نئين صورت ۾، پاڻ کي جاري ۽ ساري رکڻ لاءِ جدوجهد ڪري ٿو. ڀڳت چنديرام، سنڌ جي روحاني ۽ ثقافتي افق تي هڪ اهڙو نوراني استعارو ھو، جيڪو خدمت، سخاوت ۽ روحاني موسيقيءَ ذريعي انساني دلين کي روشن ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو. هن جو وجود ۽ ڪردار، فقط فن ۽ موسيقيءَ تائين محدود نه هو، پر اهو انسانيت جي بنيادي فلسفي سان ڳنڍيل هو، جيڪو محبت، همدردي ۽ برابريءَ تي ٻڌل آهي. ڀڳت چنديرام جو جيون، پنهنجي سادگيءَ ۽ قربانيءَ ذريعي، انساني عظمت جو هڪ جاندار مثال هو.

ڀڳت چنديرام جو لباس، سندس روحاني سادگيءَ جو علامتي اظهار هو. ڌوتي، سادو چولو ۽ اڇي ٽوپي يا پڳ، سندس داخلي ۽ خارجي وجود ۾ وحدت جو اشارو ڏئي ٿي. اڇو رنگ، جيڪو پاڪيزگي ۽ امن جي علامت آهي، سندس شخصيت جي جوهر سان جڙيل هو. هن جو فن ۽ انداز، انساني دلين کي هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ لاءِ هڪ پل جو ڪم ڪندو هو، جتي سڀني سماجي، معاشي ۽ مذهبي فرقن کي وساري، انسانيت جي وحدت جو جشن ملهايو ويندو هو. ڀڳت چنديرام جو راڳ، صرف موسيقي نه هو، پر هڪ اهڙو روحاني عمل هو، جيڪو انساني روح کي پاڪ ڪري، ان کي پنهنجي ذات جي ماورائي معنائن سان آشنا ڪندو هو. سندس آواز، جيڪو بلند ۽ مٺو هو، هڪ ڪائناتي صدائن جي ترجماني ڪندو هو. جڏهن هو ڳائيندو هو ته ڄڻ سندس آواز فقط لفظن تائين محدود نه رهندو هو، پر اهو انساني دلين جي اتهاس تائين رسندو هو، جتي درد ۽ اميد جو ميلاپ هڪ نئين معنيٰ سان اُڀري ايندو هو. سندس سخاوت، فقط مادي شيون ورهائڻ تائين محدود نه هئي، جيڪو انسان جي پاڻ سان ۽ ٻين سان تعلق جي اصليت کي ظاهر ڪري ٿو، جو ڪجهه به کيس مليو، اهو بغير ڪنهن لالچ ۽ خواهش جي، بيواهن، يتيمن ۽ غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. هي عمل انساني همدردي ۽ قربانيءَ جو اعلى ترين نمونو هو، جيڪو هن ڀڳت ڪنور رام جي روايت کي زنده رکندي سرانجام ڏنو. ڀڳت چنديرام، پنهنجي نواڻ ۽ نرميءَ سان، اهو طريقو پيش ڪيو ته عظمت ظاهري عيش و عشرت ۾ نه، پر انسان جي اندروني خلوص ۽ ٻئي انسان لاءِ سچائيءَ سان جڙيل آهي. جڏهن ڳائيندي ڳائيندي من ڀرجي ايندو هجي، ته اهو رڳو جذبات جو اظهار نه هوندو هو، بلڪه اهو انسان جي اندروني ڪيفيت جو اهڙو منظر نامو هو، جيڪو ٻڌندڙن کي پنهنجي ذات ۽ ڪائنات جي وسيع معنائن سان ڳنڍي ڇڏيندو هو.

ڀڳت چنديرام جو وجود، ان تصور جو هڪ جيئرو جاڳندو نمونو هو، جيڪو چوي ٿو ته انسانيت جي حقيقي خدمت، موسيقيءَ جي جمالياتي اظهار ۽ سخاوت جي اعلى اصولن ۾ لڪل آهي. سندس زندگيءَ ۽ فن، سنڌ جي روحاني روايتن جو تسلسل هو، جيڪو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته محبت، نرمي ۽ قرباني، انسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي، جيڪا سماجي فرقن کي ختم ڪري، انساني وحدت کي قائم ڪري سگهي ٿي. ڀڳت چنديرام جي زندگي، انساني خدمت، روحاني اظهار ۽ سماجي ڀائيچاري جي هڪ اهڙي داستان آهي، جيڪا فقط تاريخي حوالن تائين محدود نه آهي، پر هڪ اعلى فلسفي جي نمائندگي ڪندي آهي. هن جو وجود، انساني سماج جي بنيادي ضرورتن ۽ روحاني اٿاهائن کي ڳنڍيندڙ هڪ پل جي حيثيت رکي ٿو، جتي سخاوت، نرمي ۽ خدمت جا اعلى اصول عمل ۾ اچي وڃن ٿا.

ڀڳت چنديرام جو عمل، سوالين کي اتي جو اتي جھولي ڪري مدد ڏيڻ، فقط سخاوت جو اظهار نه هو، بلڪه اهو انساني ڪرامت ۽ عزت نفس کي برقرار رکڻ جو هڪ انداز هو. هن جي نظر ۾، هر انسان جي ضرورت کي فوري طور پورو ڪرڻ، انساني عظمت کي تسليم ڪرڻ جي برابر هو. سندس عملن ۾ اها روحاني سچائي جهلڪندي هئي، جيڪا انسان کي انسان سان ڳنڍڻ لاءِ ضروري آهي. رھڙڪي آستان تي چيٽي چنڊ ۽ پوهي چنڊ جا ميلا منعقد ڪرائڻ، نه فقط مذهبي يا ثقافتي تقريبون هيون، پر اهو انساني وحدت ۽ سماجي ڀائيچاري جو جشن هو. انهن ميلن ۾، مختلف ڀڳتن جي ٽولين جو گڏ ٿيڻ ۽ فن پيش ڪرڻ، انسانيت جي مختلف رنگن جو هڪ حسين ميلاپ هو. ڀڳت چنديرام، انهن ميلن ۾ نه فقط هڪ منظم ڪندڙ طور رهيو، پر پاڻ به پنهنجي راڳ ذريعي انساني دلين ۾ محبت ۽ امن جا احساس جاڳائيندو هو. ميلن تي لنگر هلائڻ ۽ هر مهمان جي عزت افزائي ڪرڻ، سندس گھري سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو، جتي سڀئي ماڻهو برابريءَ جي بنياد تي شريڪ هئا. سندس آواز، جيڪو بلند ۽ مٺو هو، انساني جذبات جي هڪ اهڙي ڪيفيت کي ظاهر ڪندو هو، جيڪا ٻڌندڙن جي دلين تائين پهچندي هئي. جڏهن هو ڳائيندي ڳائيندي من ڀرجي ايندو هو، ته اهو رڳو جذباتي ڪيفيت نه، بلڪه انسانيت جي ڏکن ۽ اميدن جي هڪ عڪس جو اظهار هوندو هو. سندس نرمي ۽ نماڻائي، انساني عظمت جي ان فلاسافي جو اظهار هئي، جيڪو پنهنجي ذهني ۽ روحاني بلنديءَ سان ٻين کي عزت ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪري ٿو.

ڀڳت چنديرام، ڪيترن يتيمن کي گهر وٺي ڏنا، جيڪو انساني ضرورتن کي سمجهڻ ۽ انهن کي پورا ڪرڻ جو اعلى انساني عمل هو. هي عمل اهو پيغام ڏئي ٿو ته خدمت جو اصل مقصد، صرف مدد ڪرڻ نه، پر انساني خود مختياري ۽ عزت نفس کي برقرار رکڻ آهي. 42 ورهين جي ننڍي عمر ۾ 29 ڊسمبر 1969ع ۾ دھانت ٿيو، انساني سماج لاءِ هڪ وڏو نقصان هو، پر سندس زندگي، انساني ڀلائي ۽ روحاني خدمت جي هڪ اهڙي مشعل هئي، جيڪا اڄ به روشن آهي. ڀڳت چنديرام جو فلسفو، اهو ٻڌائي ٿو ته انسانيت جي حقيقي عظمت، سماجي فرقن کان مٿانهون ٿي، خدمت ۽ محبت ۾ آهي. هن جي زندگي اسان کي اهو سبق ڏئي ٿي ته انسانيت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ، هر فرد کي پنهنجي حصي جي روشنيءَ کي ٻارڻو پوندو. پوءِ هڪ اهڙو نظام قائم ٿيڻو گهرجي، جتي پيٽ به ڀرجي ۽ روح به تسڪين حاصل ڪري؟ اڄ جو اهو سوال اسان جي اجتماعي شعور تي ڇڏي ٿو ته سڀ کان اول ڇا آهي: پيٽ جو سک يا روح جو سک؟ ۽ ڇا اهي ٻئي گڏجي هلي سگهن ٿا؟ جيڪڏهن تون ڪنهن بکئي ماڻھوءَ آڏو ڳائيندين ته هو پنھنجو اھو راڳ ڪنن بجاءِ پيٽ سان ٻڌندو…